هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

'ويب سائيٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انٽرنيٽ جي دنيا ۾ يوٽيوب سڀ کان وڌيڪ ڏسندڙ سائيٽ آهي۔۔۔ پر هن سائيٽ تي موجود وڊيوز مان پوري طرح لطف وٺڻ لاءِ توهان وٽ نيٽ جي چڱي رفتار هجڻ ضروري آهي۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان به سست نيٽ رفتار جا مالڪ آهيو۔۔ ته يقينن مزي جي وڊيو ڏسڻ دوران علي علي وانگر باقي بچيل وار به پٽيندا هوندا۔۔
    گهڻا ماڻهون ان جو حل اهو ڪڍندا آهن جو وڊيو ڊائونلوڊ ڪري آف نيٽ ڏسندا آهن۔۔ پر هتي مان توهان جي لاءِ جيڪا سهولت آندي آهي سابه يوٽيوب وارن ئي ڏني آهي۔۔ معنى ته زخم به سندن طرفان ته مرهم به سندن ئي طرفان۔۔۔ (شاعر حضرات پنهنجي زخمن ۽ مرهم ڏانهن تصور نه ويڙهائين)
    حل آهي YouTube Feather۔۔۔ جنهن جي ذريعي توهان جو برائوزر يوٽيوب جي وڊيوز جي بفرنگ کي آسان بڻائي توهان لاءِ وڊيو ڏسڻ جي مزي کي آسان بڻائيندو۔۔

    [​IMG]

    هي فيچر ايڊوانس ٽيڪنيڪ جي ذريعي وڊيوز جي بفرنگ بائيٽس جي لوڊ گهڻائيندي ڏسندڙ جي لاءِ سهولت پيدا ڪندو آهي۔۔۔ ان هوندي به جو هي سمورين وڊيوز لاءِ ڪارگر نه آهي پر ڪافي سارين لاءِ بهترين ۽ ڪار آمد آهي۔۔۔
    ان سلسلي ۾ توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري YouTube Feather صفحي جو ڦيرو ڀريو ۽ هيٺ موجود لفظن Join the "Feather" Beta تي ڪلڪ ڪريو۔۔ گهٻرايو نه هتي توهان کان لاگ ان ٿيڻ يا سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ جي زحمت نه ڪرڻي پوندي۔۔ پر انهي عمل سان يوٽيوب وارا خودڪار طريقي سان توهان جي برائوزر جي ڪڪيز ۾ پنهنجيون ڪجهه اضافي فائيلز شامل ڪري ڇڏيندا۔۔۔ جنهن کان پوءِ يوٽيوب وڊيوز کي ڏسندي توهانجو برائوزر پاڻمرادو بفرنگ کي سهل بڻائي توهان کي يوٽيوب وڊيو مزو ڏسڻ ۾ سهڪاري ٿيندو۔۔۔
    اهڙا دوست جيڪي پاڻ وٽ وڌيڪ نيٽ رفتار جو نعرو هڻندا آهن پر صرف تجربي خاطر مٿين ٻڌايل طريقي تي عمل ڪندا هجن هن عمل کي غير فعال ڪري هاءِ ڊيفينيشن وڊيوز کي بغير ڪوالٽي پرابلم جي ڏسڻ لاءِ ٻيهر Leave the Feather Beta تي ڪلڪ ڪن۔۔

    اميد ته هي ننڍڙي صلاح دوستن لاءِ فائديمند ٿيندي۔۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    تمام سٺو، پر هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته وڊيو جي لائيٽ ورجن هلڻ سبب وڊيو جو معيار اهو ناهي پر پو به گهٽ اسپيڊ انٽرنيٽ هجن کانپو به وڊيو ڏسي سگهبي ۔۔۔ اصل ڳالهه اها آهي۔

    ٿورا سائين رشيد صاحب
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    ادا رشيد هون ته مون وٽ ڪافي اسپيڊ آهي پر مان ان کي آزمائي ڏٺس ته اصل صفا رزلٽ

    واه جو اٿس

    ويڊيو کي اصل اهڙو پئي هلائي جو زبردست گهٽ نيٽ رکندڙن لا بهترين ٽپ آهي

    سدائين گڏ
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    ادا رشيد لاجواب

    ڪالهه سنڌ سلامت ٽيوب تي ڪم ڪندي وڊيوز جي بفرنگ سبب وڌيڪ وقت پي لڳو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هاڻي ته وڌيڪ آساني پيدا ٿي وئي آهي۔ سچ ته تمام لاجواب شيئرنگ آهي۔
     
  5. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    سائين رشيد سمون صاحب آئون وي وائرليس تي نيٽ هلائيندو آهيان اسان جي طرف ڊي ايس ايل وغيره جي سهولت نه آهي يو ٽيوب ته پري جي ڳالهه پر ڪنهن پڪچر تي ڪمنٽس ڏيڻ لاِ يا ڪا پڪچر وغيره اپلوڊ ڪرڻ لاِ ڪلڪ ڪري وري وڃي گهمي ڦري 10 15 منٽن کان پوءِ واپس اچي ڏسندو آهيان ته ڪنهن وقت پڪچر لوڊ ٿي ويندي آهي ڪنهن وقت برائوزنگ پئي هلندي آهي آئون پنهنجي شوق پوري ڪرڻ لاءِ اها جفا ڪشي ڪيان ٿو نه ته سائين علي وٽ جي اها حالت هجي ته ان مهل ڪمپيوٽر ڀڃي چڏي
    هي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته توهان واري تجويز منهنجي لاءِ فائدي مند ٿي سگهي ٿي يا نه
    مهرباني
     
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    واه جي ڳالهه ڏسي آهي توهان
    هاڻي بفرنگ کان آزاد ٿي وياسين
    لک لائق ونڊ ڪرڻ جا ادا رشيد
    مهرباني
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    ادا مهنجي مٿي تي وار رهيا ئي ڪونهن پر يار ها هاڻي ته ننهن سان غصي ۾ گنج تي زخم ٿي پيا آهين هاڻي اوهان واري مرهم ( يوٽيوب فيوچر ) يوز ڪري ٿا ڏسون من فٽ هلڪا ٿين ادا لک لايق اوهان جا
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    بهترين لا جواب معلومات
     
  9. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    ادا رشيد واقعي لاجواب ٽپ پيش ڪئي آهي
     
  10. prince

    prince
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2010
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    ادا رشيد توھان جي ھي تجويز وي وائرليس يوز ڪرڻ وارن لاء فائدي مند ٿي سگھي ٿي يا نه۔
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    وي وائرليس ته آ به استعمال ڪندو آهيان جڏهن موڪل تي ڳوٺ هوندو آهيان۔۔۔ ان جاءِ تي جتي نيٽ هلائڻ ممڪن ئي نه هجي ۽ توهان هر وقت نيٽ تي ويهندڙ هجو ۔۔۔ وي وائرليس ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هوندي آهي۔۔
    ظاهر آهي وڊيوز ڏسڻ جا شوق ته ان گهٽ رفتار واري نيٽ مان نه ٿا وٺي سگهجن ۔۔۔ جڏهن بفرنگ تي ڇڏي ڏيڻ دوران بجلي جي وڃڻ جو انديشو به هجي۔۔۔۔
    ان ڪري وي وائرليس استعمال ڪندڙن کي هميشه اهڙي وقت منهنجي پهرين جملي کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي۔۔۔ بلڪه جي سچ پڇو ته ان رفتار جي نيٽ دوران ته مان سموريون تصويرون پڻ غيرفعال رکندو آهيان ته جيئن صرف ڪم سان ڪم رکندي ٽيڪسٽ کي پڙهي سگهجي ۽ جي ڪنهن دوست سان چيٽ ذريعي رابطو ڪرڻو هجي ته اهو ڪجي۔۔۔ ان ڪري وي وائرليس کي موجوده دور ۾ ”نه هجڻ کان هجڻ ڀلو“ واري ڪهاوت وانگر ڏسڻ گهرجي۔۔۔
    خير ان باوجود مان توهان کي مٿين ٽپ آزمائڻ جي صلاح ضرور ڏيندس جيڪا ايتري مهانگي يا ڏکي به نه آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    واهه سائن واهه لاجواب ونڊ آهي ۔
     
  13. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: هاڻي سست نيٽ وارا به يوٽيوب ڏسڻ جا مزا وٺي سگهندا۔۔ !

    ادا رشيد توهان جي وڏي مهرباني توهان بيشڪ تمام بهترين شيءرنگ ڪءي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو