انٽرنيٽ جي دنيا ۾ يوٽيوب سڀ کان وڌيڪ ڏسندڙ سائيٽ آهي۔۔۔ پر هن سائيٽ تي موجود وڊيوز مان پوري طرح لطف وٺڻ لاءِ توهان وٽ نيٽ جي چڱي رفتار هجڻ ضروري آهي۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان به سست نيٽ رفتار جا مالڪ آهيو۔۔ ته يقينن مزي جي وڊيو ڏسڻ دوران علي علي وانگر باقي بچيل وار به پٽيندا هوندا۔۔
گهڻا ماڻهون ان جو حل اهو ڪڍندا آهن جو وڊيو ڊائونلوڊ ڪري آف نيٽ ڏسندا آهن۔۔ پر هتي مان توهان جي لاءِ جيڪا سهولت آندي آهي سابه يوٽيوب وارن ئي ڏني آهي۔۔ معنى ته زخم به سندن طرفان ته مرهم به سندن ئي طرفان۔۔۔ (شاعر حضرات پنهنجي زخمن ۽ مرهم ڏانهن تصور نه ويڙهائين)
حل آهي YouTube Feather۔۔۔ جنهن جي ذريعي توهان جو برائوزر يوٽيوب جي وڊيوز جي بفرنگ کي آسان بڻائي توهان لاءِ وڊيو ڏسڻ جي مزي کي آسان بڻائيندو۔۔
هي فيچر ايڊوانس ٽيڪنيڪ جي ذريعي وڊيوز جي بفرنگ بائيٽس جي لوڊ گهڻائيندي ڏسندڙ جي لاءِ سهولت پيدا ڪندو آهي۔۔۔ ان هوندي به جو هي سمورين وڊيوز لاءِ ڪارگر نه آهي پر ڪافي سارين لاءِ بهترين ۽ ڪار آمد آهي۔۔۔
ان سلسلي ۾ توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري YouTube Feather صفحي جو ڦيرو ڀريو ۽ هيٺ موجود لفظن Join the "Feather" Beta تي ڪلڪ ڪريو۔۔ گهٻرايو نه هتي توهان کان لاگ ان ٿيڻ يا سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ جي زحمت نه ڪرڻي پوندي۔۔ پر انهي عمل سان يوٽيوب وارا خودڪار طريقي سان توهان جي برائوزر جي ڪڪيز ۾ پنهنجيون ڪجهه اضافي فائيلز شامل ڪري ڇڏيندا۔۔۔ جنهن کان پوءِ يوٽيوب وڊيوز کي ڏسندي توهانجو برائوزر پاڻمرادو بفرنگ کي سهل بڻائي توهان کي يوٽيوب وڊيو مزو ڏسڻ ۾ سهڪاري ٿيندو۔۔۔
اهڙا دوست جيڪي پاڻ وٽ وڌيڪ نيٽ رفتار جو نعرو هڻندا آهن پر صرف تجربي خاطر مٿين ٻڌايل طريقي تي عمل ڪندا هجن هن عمل کي غير فعال ڪري هاءِ ڊيفينيشن وڊيوز کي بغير ڪوالٽي پرابلم جي ڏسڻ لاءِ ٻيهر Leave the Feather Beta تي ڪلڪ ڪن۔۔
اميد ته هي ننڍڙي صلاح دوستن لاءِ فائديمند ٿيندي۔۔۔