• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊيٽا محفوظ ڪندڙ ڊوائيسز تي هڪ نظر۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جيڪڏهن هن دور ۾ آ اهڙي ڳالهه ڪريان ته ”هڪ ٽي بي (ٽيرا بائيٽ جيڪا 1024 گيگا بائيٽ تي مشتمل ٿئي ٿي) کي مان سامهون واري کيسي ۾ رکي گهمي سگهان ٿو۔۔۔ “ ته شايد حيران ڪن ڳالهه تصور نه ٿئي۔۔۔ ڇو ته هر عام و خاص کي اها خبر آهي ته اسٽوريج ڊيوائيسز ٺاهيندڙ مشينريون تيزي سان ترقي جي سفر ۾ آهن۔۔۔

اها اڃان ڪالهه جي ئي ته ڳالهه لڳي ٿي جڏهن اسان 8 جي بي (گيگا بائيٽ) ڊيٽا کي سنڀالڻ لاءِ کوڙ ساريون فلاپي ڊرائيوز استعمال ۾ آڻيندا هياسين۔۔۔ پر اڄ اسان وٽ 8 جي بي ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ ڄڻ کاٻي هٿ جي راند آهي۔۔۔ جو اسان وٽ هڪ اڌ انچ جيترو پروزو جو آهي۔۔۔

aypoc9.jpg
 
جواب: ڊيٽا محفوظ ڪندڙ ڊوائيسز تي هڪ نظر۔۔۔

اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ جي مهرباني ادا

سدائين گڏ
 
جواب: ڊيٽا محفوظ ڪندڙ ڊوائيسز تي هڪ نظر۔۔۔

ها سائين سائنس انتهائي تيزي سان ترقي ڪري سڀ ڪجهه ايترو آسان ڪري ڇڏيو آهي جو سمجهه ئي ڪم ڇڏي وئي آهي مونکي پريشاني ان ڳالهه جي آهي ته اها ترقي ڪٿي انسان ذات کي نقصان ۾ نه وجهي
 
جواب: ڊيٽا محفوظ ڪندڙ ڊوائيسز تي هڪ نظر۔۔۔

اڄ کان 9 مهينا پرهين مون کي دڪاندار 8 جي بي ۽ 16 جي بي يو ايس بي ڏيکاريون هيون ٻنهي جي رقم ۾ معمولي فرق هيو پر منهنجي ضرورت گهٽ هئي ان ڪري 8 جي بي واري يو ايس بي ورتي_ مهرباني سائين زبردست ونڊ آهي_
 
Back
Top