ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ استاد ڏهين ڪلاس جي شاگردن کي جنس کي سمجهڻ بابت سيکاري رهيو هيو ته ” هر ”اسم“ کي سمجهن لاءِ انهن کي جنسن ۾ ورهائبو آهي ۔۔۔ جهڙوڪ ۔۔۔ ”قلم“ کي ”نر“ جڏهن ته ”پينسل“ کي مادي سڏبو۔۔۔ “
    اچانڪ هڪ ڇوڪري پڇيو ته ”سائين ڪمپيوٽر کي ڇا سڏبو۔۔۔۔؟“
    جواب ڏيڻ بجاءِ استاد شاگردن کي ٻن مختلف گروپن ۾ ورهايو۔۔ ڇوڪرن جو الڳ گروپ ۽ ڇوڪرين جو الڳ گروپ ۔۔۔ جنهن کان پوءِ کين هدايت ڪئي ته توهان ٻئي گروپ الڳ الڳ سوچي ٻڌايو ته ڪمپيوٽر کي ”نر“ يا وري ”مادي“ سڏبو۔۔۔۔ پر ياد رهي ته هر گروپ پنهنجي جواب جي وضاحت پڻ ڏيندو۔۔۔۔

    ٿوري دير کان پوءِ استاد شاگردن جي گروپ ليڊرس کي گهرايو ۽ سندن جواب پڙهيا۔۔۔

    ڇوڪرن جي گروپ فيصلو ڪيو هو ته ڪمپيوٽر ”مادي“ آهي۔۔۔ جو۔۔
    • ٺاهيندڙ کان سواءِ اڃان تائين ڪو کيس سمجهي ئي نه سگهيو آهي۔۔۔
    • جيڪا ٻولي رابطي لاءِ هڪ ڪمپيوٽر سان استعمال ڪبي آهي ٻيو ان کان وانجهيل هوندو آهي۔۔۔
    • معمولي غلطي به پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکندو آهي ۔۔۔ جنهن سان اڳتي هلي سڌرڻ جا امڪان هجن۔۔۔
    • جيڪڏهن هن کي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪجي ته هن جي بقايا ايسيسريز خريد ڪرڻ تي به ڪافي خرچ اچيو وڃي۔۔۔

    جڏهن ته ڇوڪرين جي گروپ فيصلو ڪيو ته ڪمپيوٽر دراصل ”نر“ جنس آهي۔۔ ڇو جو۔۔۔
    • ڪجهه به ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان هن کي ”آن“ ڪرڻو پوندو آهي۔۔۔۔
    • پاڻ وٽ کوڙ ساري ڊيٽا محفوظ رکي ٿو پر پوءِ به پاڻ بابت ڪجهه نه ٿو ڄاڻي۔۔۔۔
    • اسان جا مسئلا اڪثر حل ڪرڻ ۾ مددگار هوندو آهي پر اڌ کان به گهڻو وقت پنهنجي مسئلن ۾ الجهيل هوندو آهي۔۔
    • هڪ دفعو هن کي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪجي ته ڪجهه ئي وقت ۾ احساس ٿي پوندو آهي ته جي انتظار ڪجي ها ته اڃان بهتر ماڊل ملي سگهي ها۔۔۔

    ته پوءِ دوستو ۔۔۔ !
    ڀلا توهان ڇا سوچيو ته ڪمپيوٽرجنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔ ؟
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    ها ها ها

    سوال ته دلچسپ آهي پهريائين ڏسو ته ڪهڙو دوست ٿو جواب ڏي ؟


    بهترين سوال آهي

    سدائين گڏ
     
  3. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    ادا ڪمپيوٽر ”مڙس ماڻهو“ آهي زالن جهڙو ته هڪ به افعال نه اٿس
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    لفظي تحقيق ۾ اهي دوست بهتر جواب ڏئي سگهن ٿا جن سنڌي ۾ ايم اي ڪئي هجي۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    ادو طاهر ۽ فقير ته ڪنڌ ڪڍائي ويا آهن۔۔۔ وڏي چالاڪي سان ۔۔۔ پر خئير آ ٿو اوهانکي ٻڌايان ته ڪمپيوٽر نر به آهي مادي به آهي، اوهان چوندا ته اهو وري ڪيئن؟ ٻڌو ڀلا ۔۔۔

    آ جڏهن موڪل تي آيس ته هڪ ڏينهن گهڻي دير ڪمپيوٽر تي ويٺل هيس، مون واري پتني گهمندي رهي، مون کيس لفٽ ئي نه ڪرائي ۔۔۔ آخر کيس ڪاوڙ آئي ته چئي ڏنائين۔

    ” اڙي سائين ڀلا منهنجي پهاڄ کان واندو ٿئين ته، مونکي به ٿورو توجهه ڏي“ سو ظاهر ٿيو ته جڏهن مرد وٽ ڪمپيوٽر آهي ته ” مادي“ ٿيو پوي۔

    مون هڪ ڏينهن پنهنجي دوست کي پنهنجي زال سان مخاطب ٿيندي ٻڌو ۔۔۔“ يار تون ته سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر تي ويٺي آهين، مونکان ڀلا نصيب ته ڪمپيوٽر جا“ ان مان ثابت ٿيو ته جڏهن ڪمپيوٽر عورت جي هٿ ۾ هجي ته “ نر“ ٿي پوي ٿو ۔۔۔

    ڪيئن دوستو! آهي نه پتي جي ڳالهه۔ وڌيڪ دوستن جا جواب ڏسجن ته ڇا ٿا اچن؟
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    سائين مون واري پتني به ان کي پهاڄ ئي چوندي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر مونکي لڳي ٿو ته هي نه نر آهي نه مادي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟؟؟؟
     
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    بهترين سوال آهي
    مهرباني اهڙي سوال ڪرڻ جي
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    سائين نثار جن جي ڳالهه وانگر ته ففٽي ففٽي باقي حقيقت جي لحاظ سان ڪمپيوٽر جو لفظ سنڌي ۾ مذڪر آهي انگريزي ۾
    Nuter gender
    آهي وڌيڪ ٻين دوستن جي جواب جو انتظار ڪجي ته ڪهڙو ٿو علمي جواب اچي خاص ڪري سائين علي علي جن جو جواب بهتر هوندو۔
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    هاها ها۔۔۔۔۔۔

    سائين نثار جو جواب لاجواب آهي۔مونکي به اهائي ميار ملندي آهي ته تنهنجي شادي ڪراچي، ڪتاب ۽ ڪمپيوٽر سان ٿيل آهي۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    ڪمپيوٽر نر آهي يا مادي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو سوچ تي دارومدار رکي ٿو

    باقي دنيا ۾ ڪمپيوٽر هڪ ڪمال جي ايجاد آهي جنهن سموري دنيا کي سسپينس، انٽرٽينمينٽ، الجهنون ، سلجهنون، دوستيون، دشمنيون ،پيار، پنهنجائپ، خواري، مشهوري، بدنامي، معلومات ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سچ ته سڀ ڪجهه ڏنو آهي۔

    باقا جي چاچي ڪريم يا جهوني علي علي کان پڇندا ته هنن لاء ته ڪمپيوٽر مادي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    ادا سگهرا سڀ دوست اهو ئي چون پيا ته ڪمپيوٽر سندن زال جي لاءِ پهاڄ آهي يعني مائي آهي، مطلب ته مادي آهي۔۔۔ بهرحال جي اهڙن سوالن ۾ پياسين ته پوءِ ته بس۔۔۔۔۔۔ ههههههه
    سائين ڪمپيوٽر لفظي حساب سان ڏسجي ته نر آهي ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ پرزا هارڊ ڊسڪ، ريم، مادي جڏهن ته سي ڊي روم وري نر آهي۔۔۔۔ هاڻي فيصلو پاڻ ئي ڪريو​
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    سائين مست، مطلب ته نالو مرداڻو ۽ ٽپڙ زنانا ۔۔۔ لڳي ٿو ته وچين جنس آهي ، مطلب ”کدڙو“ آهي؟ جيئن سائين رحيم بخش چيو آهي ته انگريزي ۾ نيوٽرل جينڊر آهي ۔۔۔ ( نه هيڏانهن نه هوڏانهن) پر پو به مون واري گهر واري لا سندس پهاڄ آهي انجي پڪ سائين طاهر ۽ فقير به ڪئي آهي ۔۔۔ خئير ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي ۔۔۔؟؟؟
     
  13. luckyali

    luckyali
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 فيبروري 2010
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Material Specilaist
    ماڳ:
    Sukkur
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    سلام سنڌ سلامت سنگت جواب ته سڀني دوستن سٺا ڏنا پر حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو ته ڪمپيوٽر نر آهي يا وري مادي
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    سائين بلڪل صحيح سمت ۾ سوچيو اٿوَ۔۔۔ ڪمپيوٽر جي دنيا آرٽيفيشل آهي پر وڏي دنيا آهي، اسان جهڙن کي چريو ٿي ڪري وجهي۔۔۔ پوءِ زال لاءِ پهاڄ ٿي لڳي ته وري دوستن لاءِ ڏچو۔۔۔ بهرحال جي ڪمپيوٽر ٽئين جنس آهي ته سندس حق آهي ته اسان سندس خيال رکيون۔۔ هههه
     
  15. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    مان ته سمجهان ٿو ته ڪمپيوٽر ميل آهي۔۔
     
  16. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    هر ٻولي ۾ جينڊر جا پنهنجا پيمانا ۽ قانون آهن۔جيئن اسان وٽ انٽرنيٽ مادي آهي ته اردو ۾ نر۔ اسان وٽ بس مادي آهي ته اردو ۾ نر۔

    سو ڪمپيوٽر اردو ۽ سنڌي ۾ ته نر آهي ۽ انگلش ۾ نيوٽرل۔ ٻين ٻولين جي خبر انهن کي هوندي۔
     
  17. مزمل خان

    مزمل خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪمپيوٽر جنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔۔ هڪ اهم سوال؟

    ادا مشين جي ڪا جسن نه ٿيندي آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو