
هڪ استاد ڏهين ڪلاس جي شاگردن کي جنس کي سمجهڻ بابت سيکاري رهيو هيو ته ” هر ”اسم“ کي سمجهن لاءِ انهن کي جنسن ۾ ورهائبو آهي ۔۔۔ جهڙوڪ ۔۔۔ ”قلم“ کي ”نر“ جڏهن ته ”پينسل“ کي مادي سڏبو۔۔۔ “
اچانڪ هڪ ڇوڪري پڇيو ته ”سائين ڪمپيوٽر کي ڇا سڏبو۔۔۔۔؟“
جواب ڏيڻ بجاءِ استاد شاگردن کي ٻن مختلف گروپن ۾ ورهايو۔۔ ڇوڪرن جو الڳ گروپ ۽ ڇوڪرين جو الڳ گروپ ۔۔۔ جنهن کان پوءِ کين هدايت ڪئي ته توهان ٻئي گروپ الڳ الڳ سوچي ٻڌايو ته ڪمپيوٽر کي ”نر“ يا وري ”مادي“ سڏبو۔۔۔۔ پر ياد رهي ته هر گروپ پنهنجي جواب جي وضاحت پڻ ڏيندو۔۔۔۔
ٿوري دير کان پوءِ استاد شاگردن جي گروپ ليڊرس کي گهرايو ۽ سندن جواب پڙهيا۔۔۔
ڇوڪرن جي گروپ فيصلو ڪيو هو ته ڪمپيوٽر ”مادي“ آهي۔۔۔ جو۔۔
- ٺاهيندڙ کان سواءِ اڃان تائين ڪو کيس سمجهي ئي نه سگهيو آهي۔۔۔
- جيڪا ٻولي رابطي لاءِ هڪ ڪمپيوٽر سان استعمال ڪبي آهي ٻيو ان کان وانجهيل هوندو آهي۔۔۔
- معمولي غلطي به پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکندو آهي ۔۔۔ جنهن سان اڳتي هلي سڌرڻ جا امڪان هجن۔۔۔
- جيڪڏهن هن کي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪجي ته هن جي بقايا ايسيسريز خريد ڪرڻ تي به ڪافي خرچ اچيو وڃي۔۔۔
جڏهن ته ڇوڪرين جي گروپ فيصلو ڪيو ته ڪمپيوٽر دراصل ”نر“ جنس آهي۔۔ ڇو جو۔۔۔
- ڪجهه به ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان هن کي ”آن“ ڪرڻو پوندو آهي۔۔۔۔
- پاڻ وٽ کوڙ ساري ڊيٽا محفوظ رکي ٿو پر پوءِ به پاڻ بابت ڪجهه نه ٿو ڄاڻي۔۔۔۔
- اسان جا مسئلا اڪثر حل ڪرڻ ۾ مددگار هوندو آهي پر اڌ کان به گهڻو وقت پنهنجي مسئلن ۾ الجهيل هوندو آهي۔۔
- هڪ دفعو هن کي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪجي ته ڪجهه ئي وقت ۾ احساس ٿي پوندو آهي ته جي انتظار ڪجي ها ته اڃان بهتر ماڊل ملي سگهي ها۔۔۔
ته پوءِ دوستو ۔۔۔ !
ڀلا توهان ڇا سوچيو ته ڪمپيوٽرجنسي طور ”نر“ آهي يا ”مادي“۔۔۔ ؟