منهنجو ڪمپيوٽر صفا آهستي ۽ سلو ٿو هلي ڪو حل ڏسيو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ فاروق سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2011۔

  1. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    منهنجو ڪمپيوٽر صفا آهستي ۽ سلو ٿو هلي ۽ ڪو سافٽوير ڊاون لوڊ ٿو ڪيان ته وائرس ٿي اچي وڃي ۽ انٽرنيٽ به نه ٿي هلي ٻه ڏينهن تي ويا آهن۔هن جو ڪو مسئلو ٻڌايو ته مهرباني ٿيندي
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هي ته مسئلو ٻڌايو

    ادا اهو مسئلو وائرس جي ڪري ئي ٿئي ٿو۔۔ ان جو سنئو سڌو حل اهو آهي ته اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود سافٽ ويئر بيڪ اَپس جي جانچ پڙتال ڪريو جيڪي سافٽ ويئر ڪم جا نه هجن يا وري انهن کي انٽرنيٽ کان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا ته پهرين انهن کي ڊليٽ ڪريو، يا وري جيڪي ڪم جون ڊاڪومينٽس آهن انهن کي ڪنهن يو ايس بي ۾ محفوظ ڪريو ۽ جي ممڪن هجي ته سمورا ڊرائيوَ (پارٽيشن ) نئين سر ٺاهيو ۽ ونڊوز نئين انسٽال ڪريو ۽ ونڊوز جي انسٽاليشن کان فورن بعد انٽرنيٽ هلائي ان تان اويرا اينٽي وائرس سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪريو ۽ پنهنجي ڊيٽا جو اسڪين ڪري ڪمپيوٽر کي صحيح ڪريو۔۔
    جيڪڏهن اهو ڪم اوهان کي ڏکيو لڳي ته پوءِ ترسو ته جادوگر سائين اچي اوهان جو مسئلو حل ڪندو۔۔
    ۔​
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هي ته مسئلو ٻڌايو

    ها ادا انتظار ڪيا ٿو ادي جادوگر جو
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هي ته مسئلو ٻڌايو

    ادا فاروق حل ته ڪافي آهن پر پائدار حل توهان کي ادا مست ٻڌائي ڇڏيو آهي

    سدائين گڏ
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هي ته مسئلو ٻڌايو

    هارڊ ڊسڪ پارٽيشن ٻيهر ڪرڻ ۽ ونڊوز ٻيهر ڪرڻ سان ته واقعي به سڀ ڪجهه درست ٿي ويندو آهي پر مهيني جي اندر ئي ڪمپيوٽر جي ساڳي صورتحال هوندي آهي ۔۔۔ ان ڪري مون وٽ پنج حل آهن۔۔۔
    حل پهريون
    جيئن ته نيٽ تي اسان ڪافي سائٽون برائوز ڪندا آهيون، دوستن سان چيٽ ذريعي لفظن ۽ فائيلز جي ڏي وٺ ڪندا آهيون يا وري ڊائونلوڊنگ ڪندا آهيون۔۔۔ اڪثر انهن عملن سان ونڊوز تي مالويئرس يا وائرسز جو حملو ٿيندو رهي ٿو۔۔۔ ڪافي دوست سٺا اينٽي وائرس انسٽال ڪرڻ باوجود انهن حملن ڪري ونڊوز سست ڪري وجهندا آهن۔۔۔
    ان لاءِ منهنجي صلاح آهي ته هتي ڪلڪ مائڪروسافٽ ونڊوز جو اينٽي مالويئر ٽول ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪري ڇڏيو۔۔۔ جنهن سان نيٽ ذريعي ايندڙ وائرسز جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو۔۔۔۔
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هي ته مسئلو ٻڌايو

    اڪثر دوست ڪمپيوٽر تي مختلف فائيلز ڊيليٽ ڪرڻ کان هفتا گذري وڃڻ تي به ريسائيڪل بن کي خالي نه ڪندا آهن۔۔۔ جنهن سان ڪمپيوٽر موجوده ڊيٽا کي سنڀالڻ سان گڏو گڏ ساڳين ئي نالن تي مشتمل ساڳي فارميٽ جي ڊيٽا جي ريسائيڪل بن ۾ رکيل هوندي آهي کي پڻ سنڀالي ٿو۔۔۔ جنهن سان ڪمپيوٽر جي رفتار تي ان لاءِ اثر پوندو آهي ته ريسائيڪل بن واري ڊيٽار دراصل ريسائيڪل لوڪيشن بجاءِ توهان جي هارڊ ڊسڪ جي ان پارٽيشن ۾ رکيل هوندي آهي جتان توهان ڊيٽا کي ڊيليٽ ڪيو هجي ۽ وري اتي جيڪڏهن ساڳئي نالي جي ٻي فائيل به هجي ته فائيلز کي کولڻ ۾ ڪمپيوٽر الجهي رفتار گهٽائي وجهندو آهي۔۔۔
    ان ڪري منهنجي اها به صلاح آهي ته توهان ريسيائڪل بن کي خالي رکڻ جي ڪوشش ڪندا ڪريو۔۔۔۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هي ته مسئلو ٻڌايو

    ڪمپيوٽر جي سست هلڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به هوندو آهي ته توهان ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ تي جيڪا ڊيٽا رکي هوندي آهي سا ڪمپيوٽر پنهنجو عقل نه هجڻ ڪري جتي جاءِ ملي ٽڪڙن جي صورت ۾ رکندو آهي۔۔ ۔پوءِ جڏهن ڪنهن فائيل کي کولڻو هوندو آهي ته ان جي ٽڪڙن کي مختلف جڳهين تان سهيڙي کوليندو آهي ۔۔۔ ان ڪري جيڪڏهن هارڊ ڊسڪ ۾ ڊيٽا گهڻي هوندي ته ان کي سهيڙڻ يا کولڻ ۾ دير ڪندو۔۔۔
    منهنجي صلاح آهي ته توهان هفتي يا پندرهين ڏينهن هارڊ ڊسڪ کي ڊيفارگمينٽ جي عمل کان گذاريندا ڪريو۔۔۔
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هي ته مسئلو ٻڌايو

    گهڻي ڊيٽا رکڻ وقت هڪ ڳالهه جو خيال رکندا ڪريو ته اهڙي ڊيٽا کي ڊيليٽ ڪري ڇڏيو جيڪا توهان جي استعمال ۾ ئي نه ٿي رهي۔۔۔
    مون هڪ دوست جي ڊيسڪٽاپ کي تقريبن 85 فيصد مختلف قسم جي فائيلز ۽ پروگرامن جي آئڪانن سان ڀريل ڏٺو ۔۔ ظاهر آهي ته انهن کي ختم ڪرڻ سان ڪمپيوٽر وڌيڪ تڪڙو ڪم ڪندو۔۔۔
    اڪثر دوستن جي ڪمپيوٽرس ۾ الاهي ساريون تصويرون يا ميوزڪ فائيلز ڏسڻ وٽان ملنديون آهين جن کي ڊليٽ ڪرڻ هن لاءِ ڪنهن پريشاني کان گهٽ نه هوندو آهي۔۔۔ پر منهنجي صلاح آهي ته اهڙين فائيلزکي ڪنهن عليحده ورتل پورٽيبل يا فليش ڊرائيو ۾ رکجي ته جيئن ڪمپيوٽر سست نه رهي۔۔۔
    ان کان علاوه ونڊزو ۾ موجود ڊسڪ ڪلين اپ جو استعمال ڪندو رهجي جنهن سان نه صرف توهان جون عارضي انٽرنيٽ فائيلز ختم ٿينديون رهنديون پر اهي پروگرام جيڪي عرصي کان توهان جي استعمال ۾ نه رهن پڻ ختم ڪري سگهجن ٿا۔۔۔
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هي ته مسئلو ٻڌايو

    سائين توهان پنج حل چيا بيان فقط 4 جو نظر اچي ٿو هڪ جو انتظار رهندو۔ يا ضمني طرح سان انهن ۾ شامل آهي اسان جي نظر کان نه گذريو آهي۔
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هي ته مسئلو ٻڌايو

    جي سائين معاف ڪجو ۔۔۔! دوست جي هڪ ڪال اچڻ ڪري مصروف ٿي ويم ۔۔ مٿان واري لائيٽ وڃڻ جو ڊپ به هيو ان ڪري هر جواب کي الڳ الڳ لکيم۔۔

    پنجون حل۔۔
    تازي ونڊوز ڪرڻ کان پوءِ توهان مختلف سافٽويئر ۽ گيمز ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪندا آهيو۔۔۔ جن جي اڳتي هلي توهان کي ضرورت نه رهندي آهي يا وري ضرورت پوري ٿيڻ تي ان انسٽال ڪندا رهندا آهيو۔۔۔ پر ونڊوز جي رجسٽري ۾ اهڙن سافٽويئرس ۽ گيمز جون انٽريز آساني سان ڊليٽ نه ٿينديون آهن۔۔۔ جنهن ڪري اڪثر توهان جو ڪمپيوٽر توهان طرفان مليل هدايتن کي جڏهن ونڊوز رجسٽري ۾ ڏنل هدايتن مطابق جانچ ڪندو آهي ته اهڙين غير ضروري انٽريز ۾ الجهي پنهنجي رفتار slow ڪري وجهندو آهي۔۔۔
    ان لاءِ منهنجي صلاح آهي ته هتي ڪلڪ ڪري رجسٽري ايزي نالي هي سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔۔ ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن پروگرام کي هلائي غلط ۽ غير ضروري انٽريز کي ونڊوز رجسٽري ۾ ختم ڪندا رهو۔۔۔
     
  11. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: منهنجو ڪمپيوٽر صفا آهستي ۽ سلو ٿو هلي ڪو حل ڏسيو

    مهرباني توهان جي ادا رشيد
    توکي الله سڌائين جادوگر ڪري آمين
     
  12. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: منهنجو ڪمپيوٽر صفا آهستي ۽ سلو ٿو هلي ڪو حل ڏسيو

    PC کي تيز ڪرڻ جو طريقو START ۾ وڃي RUN ڪيو پوئي start run and type
    prefetch جيڪو فولڊر اوپين ٿيندو اُن ماڳن سڀ فائيلز ڊيليٽ ڪيو بس پي سي تيز
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو