• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻھن جا نالا (راند)

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
ماڻھن جا نالا (راند)


53676542.jpg
 
ادا اهو ڊوه آهي :ڊ
مکڻ به ڀلا ڪو نالو آ۔
هڪ ڌڪ سان سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيوَ۔

مراد
د
 
مکڻ
ڻ
هن اکر جي لاءِ نالي لکڻ جي ادا مگسي کي دعوت آهي۔۔۔

ادا اهو ڊوه آهي :ڊ
مکڻ به ڀلا ڪو نالو آ۔
هڪ ڌڪ سان سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيوَ۔

مراد
د



يار مگسي،

اهو ته غلط آهي يار، راند ڪر مڙسن واري۔۔ سڀ دوست گواهي ڏيندا ۔۔ مکڻ نالو آهي، ڇو ناهي،۔۔۔ ٻيلي جيڪڏهن، ڻ سان ڪو نالو نه ٿو اچي ته مڙسن وانگر هار به مڃڻ سکو۔۔۔

اهو ڊوهه ادا رشيد ناهي ڪيو۔۔ ڊوهه ته تون پيو ڪرين۔۔
 
ادا ٻروچ صاحب
توهان به ٻارن ساگڏ شروع ٿي ويو راند ۾ ڇڏيو ٻارن کي پاڻ ۾ ڄاڻن جئين وڻن تئين راند ڪن
 
ادا ٻروچ صاحب
توهان به ٻارن ساگڏ شروع ٿي ويو راند ۾ ڇڏيو ٻارن کي پاڻ ۾ ڄاڻن جئين وڻن تئين راند ڪن

ڀاء عظيم

جڙيو هجين شال،
يار چئين ٿو سچ ٿو پر مون ريفري يا امپائر ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ٻار راند شفاف ڪن۔ بس توهان جو حڪم اکين تي، ٻار ڄاڻن ته انهن جي راند۔۔ يار ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکندڙ دوستن کي ايتري ته خبر هوندي ته اهڙي راند لاء يا ته توهان ڪو ڪمپيوٽر گيم ٺاهي وٺو، جنهن ۾ توهان حصو وٺندڙ جو اسڪور ڏسي سگهو يا وري ڪا انٽري ورجائي وڃي ته ان جي اجازت نه هجي۔ هن فورم تي اهڙي طرح جواب موڪلي کيڏڻ جو ڪو تُڪ ئي ڪو نه ٿو بڻجي۔

ها، اهو ضرور ڪارآمد ٿي پئي سگهيو، جيئن ادا رشيد اشارو ڪيو ته، اگر توهان ڪنهن شهر يا ملڪ جو نالو لکو ته ان جي باري ۾ معلومات ڏني وڃي ته جيئن سڀني دوستن کي ان مان معلومات به ملي سگهي۔ نالي جي باري ۾ به گهڻو ڪجهه لکجي سگهجي ٿو، نالي جو معني ڇا آهي، ڪهڙي ٻولي جو آهي، جز ڪهڙو آهي، تاريخ ڪهڙي آهي، ان نالي سان تاريخ ۾ مشهور شخصيت ڪهڙي آهي، وغيره وغيره۔۔ اصل مقصد، تفريح سان گڏ معلومات جي ونڊ هجي ها ته بهتر ٿئي ها پر هتي ته ٻروچ جي ڪير ٻڌي ئي نه ٿو۔۔

بهرحال توهان جي صلاح تي عمل ڪندي پاڻ پاسيرا ٿيون پيا ٻارن جي هُل مان۔۔
 
Back
Top