جڙيو هجين شال،
يار چئين ٿو سچ ٿو پر مون ريفري يا امپائر ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ٻار راند شفاف ڪن۔ بس توهان جو حڪم اکين تي، ٻار ڄاڻن ته انهن جي راند۔۔ يار ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکندڙ دوستن کي ايتري ته خبر هوندي ته اهڙي راند لاء يا ته توهان ڪو ڪمپيوٽر گيم ٺاهي وٺو، جنهن ۾ توهان حصو وٺندڙ جو اسڪور ڏسي سگهو يا وري ڪا انٽري ورجائي وڃي ته ان جي اجازت نه هجي۔ هن فورم تي اهڙي طرح جواب موڪلي کيڏڻ جو ڪو تُڪ ئي ڪو نه ٿو بڻجي۔
ها، اهو ضرور ڪارآمد ٿي پئي سگهيو، جيئن ادا رشيد اشارو ڪيو ته، اگر توهان ڪنهن شهر يا ملڪ جو نالو لکو ته ان جي باري ۾ معلومات ڏني وڃي ته جيئن سڀني دوستن کي ان مان معلومات به ملي سگهي۔ نالي جي باري ۾ به گهڻو ڪجهه لکجي سگهجي ٿو، نالي جو معني ڇا آهي، ڪهڙي ٻولي جو آهي، جز ڪهڙو آهي، تاريخ ڪهڙي آهي، ان نالي سان تاريخ ۾ مشهور شخصيت ڪهڙي آهي، وغيره وغيره۔۔ اصل مقصد، تفريح سان گڏ معلومات جي ونڊ هجي ها ته بهتر ٿئي ها پر هتي ته ٻروچ جي ڪير ٻڌي ئي نه ٿو۔۔
بهرحال توهان جي صلاح تي عمل ڪندي پاڻ پاسيرا ٿيون پيا ٻارن جي هُل مان۔۔