نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو ڪڏهن ڪڏهن مجاز جو رنگ وڇوڙي ۽ جدائي جي سنگم کي هن ڪافي جي رنگ ۾ به رچائي ڇڏيندو آهي۔
ٽڙيا ڪنول جا گُل اوسانول
ڪافِي
نثاراحمدناز
ٽڙيا ڪنول جا گُل َ او سانول
آءُ هَلِي راڻلَ او سانول
ماڃر ۾ هِي مستيون آيون
ساوڪ ۾ ٿيون بستيون سايون
دل نه ڏِئي ٿِي جَهلَ او سانول
ساريون لُڻجن موتِيءَ ڌاڻا،
سِڪَ مان سندجن يار سانڌاڻا
ڪانه اٿئي ڪا ڪَلَ او سانول
بيههَ ، پاٻوڙا، لوڙهيون آيون
گيتَ وڇوڙي جا ٿا ڳايون
ڳوڙها ڳوڙها ڳَلَ او سانول
هاڻ جُدائِي واجب ناهي
“ناز” اچِي تُون نينهن نڀائي
ساٿ رهون ڪي پَلَ او سانول
ٽڙيا ڪنوَلَ جا گُلَ او سانول
آءُ هَلِي راڻَلَ او سانول
ڪافِي
نثاراحمدناز
ٽڙيا ڪنول جا گُل َ او سانول
آءُ هَلِي راڻلَ او سانول
ماڃر ۾ هِي مستيون آيون
ساوڪ ۾ ٿيون بستيون سايون
دل نه ڏِئي ٿِي جَهلَ او سانول
ساريون لُڻجن موتِيءَ ڌاڻا،
سِڪَ مان سندجن يار سانڌاڻا
ڪانه اٿئي ڪا ڪَلَ او سانول
بيههَ ، پاٻوڙا، لوڙهيون آيون
گيتَ وڇوڙي جا ٿا ڳايون
ڳوڙها ڳوڙها ڳَلَ او سانول
هاڻ جُدائِي واجب ناهي
“ناز” اچِي تُون نينهن نڀائي
ساٿ رهون ڪي پَلَ او سانول
ٽڙيا ڪنوَلَ جا گُلَ او سانول
آءُ هَلِي راڻَلَ او سانول