• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اوهان سان ڪڏهن جو ملاقات ٿيندي

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
غزل
اوهان سان ڪڏهن جو ملاقات ٿيندي
لڳي ٿو سڀاڳي اها رات ٿيندي

رهي ڏور توکان سگهان ٿو مگر ها
ڪجي ڇا تـ تنهنجي جڏهن تات ٿيندي

سڄو لوڪ دنيا جي پويان لڳل آ
عشق جي انوکي جذبات ٿيندي

سڄو ڏينهن سهڻا ڪري ياد توکي
اسان کي اوهان جي فڪرات ٿيندي

ملئي وقت مونڏي هليو اچجان جاني
نـ تـ دل ۾ وڏي سڪرات ٿيندي

مزمل چانڊيو
 
جواب: اوهان سان ڪڏهن جو ملاقات ٿيندي

ملئي وقت مونڏي هليو اچجان جاني
نـ تـ دل ۾ وڏي سڪرات ٿيندي

ادا تمام بهترين شاعري
 
جواب: اوهان سان ڪڏهن جو ملاقات ٿيندي

اوهان سان ڪڏهن جو ملاقات ٿيندي
لڳي ٿو سڀاڳي اها رات ٿيندي

واه ادا ظفر واه تمام بهترين ادا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب شاعري اوهان جي اصل دل کي چوهي وئي
 
جواب: اوهان سان ڪڏهن جو ملاقات ٿيندي

ادا عاشق سولنگي ۽ ادا ظفر لک ٿورا اوهان جا مهربانيون
 
جواب: اوهان سان ڪڏهن جو ملاقات ٿيندي

اوهان سان ڪڏهن جو ملاقات ٿيندي
لڳي ٿو سڀاڳي اها رات ٿيندي

واه ادا ظفر واه تمام بهترين ادا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب شاعري اوهان جي اصل دل کي چوهي وئي

سائين شاعري موڪلي ٿو ادا مزمل واه واه ادا ظفر کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي وري ادا مزمل علي علي کي چوي ٿو ادا ظفر لک ٿورا لڳي ٿو ته اهو ڪو راز آهي ۔
 
جواب: اوهان سان ڪڏهن جو ملاقات ٿيندي

اوهان سان ڪڏهن جو ملاقات ٿيندي
لڳي ٿو سڀاڳي اها رات ٿيندي


ضرور ملاقات ٿيندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

مزمل جي لاجواب شاعري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ونندڙ ۽ سهڻي
 
Back
Top