هارڊ ويئر سبق پنجون (پراسيسر انسٽال ڪرڻ )

'هارڊويئر' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2011۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم سنڌ سلامت فورم جا دوستو

    اڄ اسان هارڊ ويئر جي سبق کي اڳتي وڌائينداسين سنڌ سلامت فورم جا معزز دوستو جيئن ته اسان گذريل
    سبق ۾ VGA ڪارڊ لڳائڻ سکيا هئاسين اڄ مان اوهان کي پراسيسر کي مدر بورڊ مان ڪڍڻ وري واپس ان کي لڳائڻ بابت ڄاڻ ڏيندس

    سڀ کان پهريائين ته توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڪيسنگ کولي ڪري الڳ ڪريو ڪور لاهڻ کان
    پو۽ توهان مدر بورڊ تي سڀ کان وڏي چپ جيڪا پراسيسر هوندي آهي ان کي ڳولهڻ شروع ڪريو
    دوستو هڪ ڳالهه مان اوهانکي ٻڌائيندو هلان ته پراڻن ڪمپيوٽرن ۾ پراسيسر هڪ ZIP پلاسٽڪ ساڪيٽ نموني هولڊر ۾ هوندي آهي اڪثر ڪمپيوٽرن ۾ اها ڊسڪ ڊرائيو جي هيٺيان لڪيل هوندي آهي سو پريشان ٿيڻ جي ضرورت بلڪل نه آهي توهان کي ڊسڪ ڊرائيو ريموو ڪري انکي ڪڍڻو پوندو هڪ ڳالهه جو خاص خيال ڪندا ته ڪا به تار يا ڪو پرزو ريموو ڪرڻ وقت ان ڳالهه کي ياد ڪندا ڪريو ته جيڪا تار توهان لاٿي آهي اها وري اتي ئي لڳائڻي به آهي

    هاڻي توهان ڏسو ته توهان وٽ ڪهڙو پراسيسر لڳل آهي pv ,piii ۽ ان جي اسپيڊ ڪيتري آهي اهو سڀ ڪجهه پراسيسر جي مٿان لکيل هوندو آهي ڪافي پراسيسرس جي مٿان وري فين لڳل هوندو آهي يا وري هيٽ سنڪ لڳل هوندي آهي ان جو ڪم صرف پراسيسر جي گرمائش کي جذب ڪرڻ هوندو آهي بهتر قسم جو ڪمپيوٽر خريد ڪرڻ وقت ان جي پراسيسر جي باري ۾معلومات حاصل ڪرڻ ضروري هوندي آهي (ائين سليمان وساڻ وانگر نه ٿئي جو ڪمپيوٽر گهر کڻي اچي وتو دوستن کان پڇائون ڪرائيندا ته ادا هن ۾ ڪهڙو پراسيسر لڳل آهي :rofl::rofl:)

    پراسيسر کي مدر بورڊ مان ڪڍڻ ۽ وري واپس لڳائڻ جو طريقو

    جيڪڏهن توهان جو مدر بورڊ زپ ساڪيٽ جو آهي ته ان جي پراسيسر کي ڪڍڻ سيڪنڊن جو ڪم آهي زپ پراسيسر کي مدر بورڊ مان ڪڍڻ لا۽ ان جي ليور کي پڪڙي ڪري ٿورو ٻاهر طرف ڪريو ته اهو ان لاڪ ٿئي ويندو ان جون پنيون ڍليون ٿئي وينديون پو۽ پراسيسر کي پڪڙي ڪري آهستگي سان مٿي ڪري ڪڍي وٺو ۔

    جيڪڏهن توهان جو پراسيسر زپ ساڪيٽ جو نه آهي يا وري ان جي مٿان فين لڳل آهي ته ان جي فين کي پڻ هڪ ليور هوندو آهي ان کي ٿورو ٻاهر طرف ڇڪي ڪري فين لاهي وڏي آساني سان پراسيسر کي ٻاهر ڪڍي سگهو ٿا هاڻي پراسيسر کي ڪڍي ڪري ان جي طرف غور سان ڏسندو ته ان جي چئني ڪنڊن کان هڪ ڪنڊ مختلف هوندي اهڙي ئي نموني سان ساڪيٽ جي ڪنڊ پڻ اهڙي ئي نموني جي هوندي آهي هاڻي توهان ڪاميابي سان پراسيسر ڪڍي ورتو آهي سو انکي هوا وغيره هڻي ڪري انکي واپس پنهنجي ساڪيٽ ۾ لڳايو صرف اهو خيال رکڻو آهي ته صرف ڪنڊان سيٽنگ سان رکڻيون آهن جيڪڏهن توهان ڪنڊان درست طريقي سان نه ويهاريندو ته توهان جي مدر بورڊ کي نقصان پهچي سگهي ٿو

    [​IMG]

    دوستو توهان کي هي ڪلاس ڪيئن لڳو توهان جي راين جو شدت سان انتظار رهندو




    سدائين گڏ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هارڊ ويئر سبق پنجون (پراسيسر انسٽال ڪرڻ )

    فقير سائين ڪلاس بهترين هليو ليڪن هي ڪم تمام ڌيان طلب ۽ نازڪ آهي سو بهتر آهي ته ڪو به دوست پهريان تجربي ڪرڻ کان اڳ ڪنهن ڄاڻو کان ان کي پريڪٽيڪلي سکي ائين نه ٿئي ته مون وانگر کولي ته وڃي پر پوء انتظار ۾ هجي ته هاڻي فقير سائين جڏهن موري اچي ته ان کان سيٽ ڪرائڻ لاء رکي ڇڏي طريقو ته بالڪل اهوئي آهي ليڪن هاڻي نوان پروسيسر ٻڌو آهي ته پن ليس اچن ٿا اگر ان متعلق ڪجهه ٻڌائيندا مهرباني ۽ ڪن ڪن بورڊن ۾ پروسيسر فڪس ٿيل هوندا آهن يعني نڪري نه سگهندا آهن متان ڪو دوست اهڙي بورڊ کي تجربي هيٺ هاڻي ان جو به خيال ڪجو بهرحال تمام بهترين معلومات آهي مون کي لڳي ٿو ڪافي دير سان ڪلاس هليو آهي يا مان غير حاضر رهيو آهيان۔ بهرحال اوهان جي احسانن جو ڪهڙو بيان ڪجي گهر ويٺي پيا تربيت ڏيو اڃا ڇا گهرجي الله تعالى توهان کي توهان جي اهل و عيال کي شاد و آباد رکي اوهان جي علم ۾ مزيد اضافو فرمائي۔ آمين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هارڊ ويئر سبق پنجون (پراسيسر انسٽال ڪرڻ )

    سوال ته اسان کي آخر ڇو پروسيسر کي کولڻ جي ضرورت پوندي آهي۔۔۔ ؟
    ڇا ڊيوئل ڪور ۽ ڪور ٽوڊيو جي سي پي يو ۾ به هڪ ئي پروسيسر هوندو آهي۔۔۔؟
    پروسيسر جي اسپيڊ جو سندس ڪيشي سان ڪهڙو تعلق هوندو آهي ۔۔۔۔؟
    ۽ مهرباني فرمائي اهو به ٻڌايو ته پروسيسر ڪيشي ڇا ٿيندو آهي ۽ ان کي معلوم ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو هوندو آهي۔۔؟

    مهرباني سائين !
    توهان جي محنت جي ڪهڙي نه ساراهه ڪجي۔۔ پر پاڻ هميشه ڪلاس ۾ استادن کان سوال ڪرڻ ڪري يا ته مقبول هوندو هيم... پر اڪثر گڏ ويهندڙ شاگردن جو ڪُٽڪو به برداشت ڪرڻو پوندو هو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هارڊ ويئر سبق پنجون (پراسيسر انسٽال ڪرڻ )

    پاڻ ته ڪمپيوٽر کي کولڻ يا ان کي ٺاهڻ جي جرآت ڪون ڪيون پر فقير جو ڪلاس قيمتي آهي ۽ سندس استادي به واهه جي آهي، باقي جيڪڏهن رشيد سمون منهنجي ڪلاس ۾ هجي ها ته اسانجو روز جهيڙو ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته رشيد سوال ڪري ها ۽ استاد اڃان ڪلاس ۾ وقت وٺي ها، انڪري هميشه جهيڙو ٿي ها ۔۔۔

    فقير سائينءَ جا لک لائق جو اسانجهڙن جڏن شاگردن جا ڪلاس وٺندو رهي ٿو ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هارڊ ويئر سبق پنجون (پراسيسر انسٽال ڪرڻ )

    سائين جهيڙي جي ڳالهه واپس وٺو جو مان توهان کان لفظن جي جادوگري (سنڌي زبان) ۾ سکڻ جو ڪافي شوقين آهيان۔۔۔ ۽ جي اهڙي خواهش سمورن سنڌ سلامت جي ساٿين سامهون توهان سان ڪيم ته يقين ڪريو سمورا ساٿي مون سان ٿي بيهندا ۽ توهان کي ڪلاس هلائڻ جو بندو بست ڪرڻو پئجي ويندو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هارڊ ويئر سبق پنجون (پراسيسر انسٽال ڪرڻ )

    فقير جا ٿورا جنهن ڪافي وقت کانپوء ڪلاس جو ٻيهر رخ ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اسان وٽ اڳي ڪلاسن کان شاگرد ڀڄندا هئا پر هن دفعي استاد ڊگهي گوهيء کانپوء واپس آيو آهي۔۔۔۔۔۔اهو به شڪر جو واپسي ٿيس۔

    سندس هارڊ ويئر بابت قيمتي چاڻ ڏيڻ تي سندس قرب پر يار مان ان وقت گهڻو پريشان ٿي ويندو آهيان جڏهن سي پي يو جون تارون ڪڍڻيون پونديون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يعني پريشان ٿي ويندو آهيان ته ڪي بورڊ ۽ مائوس جون تارون ڪٿي لڳنديون ۔۔۔۔۔۔ تنهنڪري سائين نثار ابڙو وانگر هي پروسيسر ڪڍڻ ۽ ٻيهر لڳائڻ ته اسان لاء انتهائي ڏکيو ڪم آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    خير مستن، فقيرن، درويشن ، عاشقن ۽ جادوگرن سان رهي ڪجهه ته سکيو آهي ۽ جستجو جاري رکبي ۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر سبق پنجون (پراسيسر انسٽال ڪرڻ )

    واليڪم السلام سائين

    سائين پن ليس پراسيسر بلڪل آهن پر انهن کي پڻ آساني سان کولي سگهجي ٿو پر سنڌ سلامت فورم تي مون جي ڪوشش اها آهي ته

    مان صرف اهڙين شين بابت ڄاڻ ڏيان جيڪي ڪامن هجن سو ان ڪري مون فين وارو پراسيسر يا زنڪ هيٽ لڳل پراسيسر جو ذڪر ڪيو آهي

    ته جيئن دوستن کي سهولت ملي جيڪڏهن هر ڪنهن شي جو ايترو باريڪي سان ذڪر ڪنداسين ته دوست منجهي پوندا

    جڏهن ته مون جو مقصد صرف اهو آهي ته ڪامن شين جون ذڪر ڪرڻ ۽ انهن جي باري ۾ معلومات ونڊ ڪرڻ

    مهرباني سائين

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هارڊ ويئر سبق پنجون (پراسيسر انسٽال ڪرڻ )

    واليڪم السلام ادا رشيد

    سڀ کان پهريائين ته وڏي مهرباني جو توهان فقير جي ٿريڊ کي نه صرف ڏٺو پر ان ۾ ريپلائي پڻ ڪئي ڏاڍي خوشي ٿئي ان نموني سان همت افزائي

    جاري رکجو

    پراسيسر کي ٻن صورتن ۾ کولبو آهي

    هڪ ته ان کي تبديل ڪرڻ خاطر يعني اسان پنهنجو پراسيسر کي وڌائڻ چاهيو ته ان کي کولي ڪري ان جي جڳهه تي ٻيو پراسيسر لڳائبو آهي

    نمبر ٻه ان صورت ۾ کولبو آهي ته ڪمپيوٽر بند ٿئي وڃي يا بلڪل به نه هلي ته پراسيسر کي کولي ڪري ان کي صاف ڪري وري ٻيهر لڳائبو آهي


    ڪمپيوٽر ڪهڙو به هجي ڪو ٽو ڊو هجي يا ڊوئل ڪور پراسيسر ته ڪامن آهي ان کان سوا۽ ڪمپيوٽر ته هلي ئي نه ٿو سگهي ۔

    پراسيسر ڪيِشي

    سينٽرل پراسيسنگ يونٽ ۾ جيڪا ميموري جي ايوريج ٽائيم هوندو آهي ان کي ڪنٽرول ڪندي آهي ڪيشي هڪ تيز رفتار ميموري آهي

    جيڪا پنهنجي ڊيٽا مين لوڪيشن فولڊر ۾ محفوظ ڪندي اهي ۔

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هارڊ ويئر سبق پنجون (پراسيسر انسٽال ڪرڻ )

    سائين زبردست ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو