• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عــشــق جـــــو اظــهــار ڪــر

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
غزل
عــشــق جـــــو اظــهــار ڪــر
دل جــــو هلــــڪو بـــــار ڪــر

ايــڏو ڇــــو شـرمــــائين ٿــو تـون؟
اکـــيون مــون سـان چــــار ڪــر

ڪيسين پـــاڻ لڪنداسين پيا
نـــــا تــــو هـــــي نــــروار ڪــــــر

مان بـ شهيد ٿيڻ ٿـــــو چــاهيان
کـــــــولــــي وار وار ڪـــــــــــر

ڪـٿـي ڪافــر ٿــــي نـ پـــوان
نـ سونهـــن مٿـــي سينگار ڪر

”نفيـــس“ دل آ ٽــٽــي نـ پــــوي
پا ڻـان ڪڏهـين نـ ڌار ڪـر

نو يــد ”نفيس“ چا نڊيو​
 
جواب: عــشــق جـــــو اظــهــار ڪــر

ادا مزمل ، نويد ”نفيس“ جي سهڻي شاعري ونڊ ڪرڻ جا ٿورا ۔۔۔ اڄ اوهين سندس ڪجهه غزل ونڊ ڪيا آهن، جيڪي مجازي عشق جو سهڻو اظهار آهن ۔۔۔

ڪـٿـي ڪافــر ٿــــي نـ پـــوان
نـ سونهـــن مٿـــي سينگار ڪر

لفظن جي سادي ۽ سهڻي جوڙجڪ ۾ من جي ماجرا بيان ٿيل آهي ۔۔
 
جواب: عــشــق جـــــو اظــهــار ڪــر

ڪيسين پـــاڻ لڪنداسين پيا
نـــــا تــــو هـــــي نــــروار ڪــــــر


مطلب ته عشق جو سر عام اعلان ڪر ۔۔۔۔۔۔خوبصورت شاعري۔۔۔۔۔۔۔۔ مزمل جي مهرباني جو پنهنجي خوبصورت تخليق فيسبوڪ سان گڏ سنڌ سلامت تي به ونڊ ڪندو رهي ٿو۔ سندس اهڙي جذبي جي قدر ڪجي ٿي۔
 
جواب: عــشــق جـــــو اظــهــار ڪــر

ادا نثار احمد ابڙو ۽ ادا سليمان وساڻ لک قرب اوهان جا
 
Back
Top