• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عورت

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

عورت
جي حيثيت مرد جي نظر ۾
هڪ جتي جئيان آهي
جيڪا نئين هجڻ تي
دل کي وڻي
ڇڄــــي وڃـــڻ تـــــي يــــا
پراڻي ٿي وڃڻ تي
گندي ڍيـــــر تـــــــي
اڇلائي ڇڏجي
يا وري
بي وس"صنم"
عورت جي حيثيت
ان جتي جيئان آهي
جيڪا وقت ضرور ت
فرش ڌوئڻ مهل
يا
باٿ روم ۾ پائي وڃجي

صنم نجيب
 
جواب: عورت

سو سيڪڙو سچي ڳالهه آهي ماڻهو نئي جتي ڏسي هڪدم هرکي پوندو آهي
پر جي ان جتيءَ کي حاصل ڪرڻ جي پهچ نٿو رکي ته پوءِ مجبوري سمجهي پراڻيءَ کي استعمال ڪندو آهي
 
جواب: عورت

نه اها ڪنهن دلي جلي عورت جي ڳالهه آهي، هون ته منهنجي نظر ۾ عورت ئي سڄي دنيا جي ۽ خاص ڪري مردن جي حڪمران آهي، عورت استعمال جي شئي ناهي، عورت ۽ مرد ڪائنات جا بي بها ساٿي آهن ۔۔۔ تمام ٿورائي اهڙن مردن جي هوندي آهي جيڪي عورت کي نقصان رسائيندا آهن، باقي ته سڄي دنيا جا مرد ڪمائيندا اهن ۽ عورت کائيندي آهي، نه فقط کائيندي آهي بلڪ مردن جي کيسن تي راڄ ڪندي آهي، باقي مرد جي دل ۾ گهر ڪرڻ ته عورت جو ڪم آهي۔۔۔

انڪري آ مٿئين خيال کي ڪنهن آواره عورت جو خيال سمجهندس ۔۔۔ انکان وڌيڪ نه
 
جواب: عورت

ادا ڳالھ اها آهي هرڪو پنهنجي گهر ۾ ڏسي ته ڇا حالات آهن اسان ڪجھ چوڻ جي حالت ۾ ناهيون سڄڻ اسان وٽ الله اهڙي حڪمراني ناهي ڏني جن وٽ اهو عالم آهي الله ان کي به سمجهڻ جي توفيق ڏئي اسلام ۾ عورت جي وڏي اهميت آهي ادا۔
دنيا جي بهتيرن و عظيم عمارت ڪعبو آهي ۽ اهو پردي ۾ آهي قرآن قائنات جي عظيم ڪتاب سا به پردي م اهي ۽ اسلام عورت کي پردي ۾ رکيل آهي ته هي عظيم شي قائنات ۾ آهي ۔
اسان ته اهو ئي سمجهيو آهي ادا ۔
وسلام
 
جواب: عورت

جي حيثيت مرد جي نظر ۾
هڪ جتي جئيان آهي
جيڪا نئين هجڻ تي


اسان جي معاشري ۾ عورت کي جيتوڻيڪ گهٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو پر اها صرف جاهلن جي سوچ آهي۔ اسان جي نظر ۾ عورت دنيا جي اها عظيم هستي آهي جنهن جي پيرن هيٺان جنت آهي۔ تنهنڪري اها سوچ سڀني جي نه ٿي چئي سگهجي، باقي ڪنهن جي ذاتي سوچ کي ان جي سوچ چئي سگهجي ٿو۔

مان مڃان ٿو ته عام طور تي اسان جي سماج ۾ عورت سان ڪيل زيادتيون ۽ سندس عزت ڪا خاص ناهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: عورت

ادا اسان ڇا ٿيا ڄاڻي سگهون جنهن عورت سان هي لقاءُ ٿئي اها تـ هن کي خبر آهي
جئين اسان سان ڪا اهڙي ڳالھ ٿيندي آهي تـ اسان ان کي شاعري ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهيون
شايد ڪو اهڙو ڪم ٿيو هجي يا ٿيو هجي ڇا ڪم ٿين پيا ٿا روز اهي ڪير ٿو ٻڌي اڄ ڪلھ ان عورتن
جون دانهون ويچاريون مڙسن جي اڳيان بي زبان لڳيون وتيون آهن نڪو ڌانهن نڪري بـ وري ڪير ٻڌي
يا اُها عورت پنهنجوپاڻ کي اهڙو سمجھندي هجي پنهنجي گهر منجھان محسوس ڪندي هجي تـ مونسان
واقعي اهڙو ظلم ٿئي ٿو بس عورت ويڄاري ائين سمجھون جيئن مينهن جي واڳ شادي کان پوءِ ائين پيءُ
ماڻهن جي هٿ ۾ جيئن مينهن جي واڳ سمجھون
 
Back
Top