آفيس جو آزار هاڙ جو ٻڙڪندڙ ڏينهن ۽ ڪم جو زور به ڪجهه سوايو هجڻ ڪري طبيعت به تڙپندڙ ٿي وئي. ذهني دٻاء کي گهٽائڻ لاءِ ميسينجر ۾ لاگ اِن ٿيس ته تُرت ئي ”سلام“ جو هڪ نياپو نمودار ٿيو. دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار ٻيڻي ٿيندي محسوس ڪيم. خبر هئي ته هن وقت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو مناسب وقت نه هيو، ڇو جو منهنجي ذهني ڪيفيت منتشر هئي پر خبر ناهي ڇو، جلدي ۾ سلام جو جواب لکي موڪليم، پر موٽ ۾ ڪو به جواب نه مليو. ۽ ڪجهه دير بعد آف لائن نظر ٿيندي ڏٺم. پنهنجي بيوسي تي کِل آئي، کلڻ جي ڪوشش ڪيم ته اکين ۾ پاڻي تري آيو. پر تنهن هوندي به مون لکيو، ”صدين کان پوء ڳالهائڻ جو موقعو مليو، گفتگو جي ابتدا به ڪئي پر ڳالهه ٻولهه ڪرڻ مناسب ڇو نه سمجهيو“. ڪافي دير کان پوء آف لائن پيغام نظريم، ”اهو جملو مان به لکي پئي سگهيس پر مون اوهان جو لحاظ ڪيو بهرحال ، مون کي توهان سان ملڻ جو ڏاڍو اشتياق آهي، ڪڏهن ايندئو.. “. ”ڪا خبر ڪانهي، پر سچ پڇو ته منهنجي حالت به ساڳي آهي. ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، کوڙ ساريون ڳالهيون ڪري، دل جو بار هلڪو ڪرڻو آهي“.، اهو پيغام موڪليو ئي مس هيم ته بڇڙي بجلي هلي وئي. انٽرنيٽ ته بند ٿي ويو (ڇو جو پروڪسي سروَر بغير يو پي ايس ئي هلندو آهي) پر ڪميڻو ڪمپيوٽر بند ڪو نه ٿيو. موڳي مينيجر جو آواز ڪنن تي پيو،ـ”ڪنهن به حالت ۾ اڄوڪي تاريخ ۾ هي ڪم پورو ڪرڻو آهي.“ هنن چند لمحن ۾ مان اهو وساري ويٺو هوس ته مون ڪم ڪٿي ڇڏيو هو ۽ ڪٿان شروع ڪرڻو آهي. فيض جو شعر ذهن ۾ گونجندو رهيو۔۔۔ ڪُڇ عشق ڪِيا، ڪُڇ ڪام ڪِيا۔۔ ۽ پنهنجو پاڻ کي آفيس جي آزار کي ارپي ڇڏيم۔۔
جواب: ڊائري جو ورق ادا سلطان توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو۔۔ يار ڪيترو نه خوبصورت لکو ٿا۔۔۔ ۽ توهان ڪجهه لکو ئي نه پيا۔۔۔ توهان جا مٿيان لفظ جهڙوڪ توهان منهنجي ڊائري جو ورق چوري پڙهي هتي لکيو هجي۔۔ فرق صرف اهو آهي جو لفظ جي چٽائي ۽ لکڻ جو انداز توهان جو ايترو ڀلو آهي جو سمورو پيراگراف هڪ ئي ساهي ۾ پڙهجي ويو۔۔۔ جملي جي ختم ٿيڻ تي جتي من ۾ اها آس رهجي وئي ته وارتا وارو ٽُوسٽ اڃان ڪجهه وڌي ها اتي توهان جي مينيجر کي نيون ۽ بجلي وارن کي پراڻيون گاريون (جن جو اثر سندن تي ڪڏهن به نه پيو آهي) ٻڌائڻ جي خواهش وڌي وئي۔۔۔ ”سائين منهنجا ڪجهه لکندا ڪريو۔۔۔ ڀلي ان لاءِ ڏکيائون ڇو نه هجن“ منهنجي ڊائري جي ساڳئي پني جي آخري سٽ هئي جيڪا ڪنهن فون تي چئي هئي سان توهان کي ارپيان ٿو اميد ته ان خواهش جو ڀرم رکندا۔۔۔
جواب: ڊائري جو ورق محترم دوست سلطان کي سلام ۽ ڀليڪار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان سوچيندو آهيان ته انسان جو وجود ڇو آهي ۔۔۔۔۔ گهنو سوچيندو آهيان ته ذهن منتشر ٿيڻ شروع ٿيندو آهي تنهنڪري اکيون بند ڪري لطيف جا ياد ڪيل بيت جهونگارڻ لڳندو آهيان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سي ئي جوڀن ڏينهن جڏهن سڄڻ سفر هليا دوست سلطان اوهان جي لکڻ جو انداز ته وڻيو پر قلم تي اوهان جي گرفت ڪيڏي جاندار ۽ مضبوط آهي ان جو به اندازو ٿيو ۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت تي ٻيهر لکڻ جي شروعات ڪرڻ تي اوهان کي ڀليڪار۔ سڄڻن جي اچڻ جو جڏهن اوسيئڙو هوندو آهي ته من ۾ عجيب خوشيء واري ڪيفيت هوندي آهي، سنڌ سلامت جي دوستن جون آئي ڏينهن آيل ڪالون ۽ ايس ايم ايس اهو احساس ٿيڻ ناهن ڏيندا ته ڪو اسان اڪيلا آهيون۔ ان ساٿ ۾ جي اوهان جهڙا دلي دوست شامل هجن جيڪي مثبت سوچ ۽ ڊگهي نظر رکندڙ هجن ته من ۾ اڀريل آس سچ ته پوري ٿيندي نظر ايندي آهي۔۔۔۔۔ مان جڏهن به ڪجهه لکڻ شروع ڪندو آهيان ته ان کي ختم ڪري ناهيان سگهندو ۽ موضوع بند ٿيڻ بدران کليل ئي رهجي ويندو آهي۔ مون گهڻو سوچيو ته اهو ڇو ٿيندو آهي ڪنهن دوست چيو ته اهو انڪري جو اوهان جا دوست گهنا آهن ۽ اوهان انهن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ مضمون اڌورو ڇڏيندا آهيو جيئن دوست ان ساٿ ۾ شامل ٿي ان مضمون کي مڪمل ڪن۔ سنڌ سلامت به ايئن کُليل آهي جنهن ۾ ساٿ جي ضرورت آهي ۽ اوسيئڙو آهي ته اوهان اڌوري مضمون کي مڪمل ڪرڻ ۾ اسان سان گڏ آهيو۔ لک ٿورا