آفيس جو آزار
هاڙ جو ٻڙڪندڙ ڏينهن ۽ ڪم جو زور به ڪجهه سوايو هجڻ ڪري طبيعت به تڙپندڙ ٿي وئي. ذهني دٻاء کي گهٽائڻ لاءِ ميسينجر ۾ لاگ اِن ٿيس ته تُرت ئي ”سلام“ جو هڪ نياپو نمودار ٿيو. دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار ٻيڻي ٿيندي محسوس ڪيم. خبر هئي ته هن وقت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو مناسب وقت نه هيو، ڇو جو منهنجي ذهني ڪيفيت منتشر هئي پر خبر ناهي ڇو، جلدي ۾ سلام جو جواب لکي موڪليم، پر موٽ ۾ ڪو به جواب نه مليو. ۽ ڪجهه دير بعد آف لائن نظر ٿيندي ڏٺم. پنهنجي بيوسي تي کِل آئي، کلڻ جي ڪوشش ڪيم ته اکين ۾ پاڻي تري آيو.پر تنهن هوندي به مون لکيو، ”صدين کان پوء ڳالهائڻ جو موقعو مليو، گفتگو جي ابتدا به ڪئي پر ڳالهه ٻولهه ڪرڻ مناسب ڇو نه سمجهيو“. ڪافي دير کان پوء آف لائن پيغام نظريم، ”اهو جملو مان به لکي پئي سگهيس پر مون اوهان جو لحاظ ڪيو بهرحال ، مون کي توهان سان ملڻ جو ڏاڍو اشتياق آهي، ڪڏهن ايندئو.. “.
”ڪا خبر ڪانهي، پر سچ پڇو ته منهنجي حالت به ساڳي آهي. ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، کوڙ ساريون ڳالهيون ڪري، دل جو بار هلڪو ڪرڻو آهي“.، اهو پيغام موڪليو ئي مس هيم ته بڇڙي بجلي هلي وئي. انٽرنيٽ ته بند ٿي ويو (ڇو جو پروڪسي سروَر بغير يو پي ايس ئي هلندو آهي) پر ڪميڻو ڪمپيوٽر بند ڪو نه ٿيو.
موڳي مينيجر جو آواز ڪنن تي پيو،ـ”ڪنهن به حالت ۾ اڄوڪي تاريخ ۾ هي ڪم پورو ڪرڻو آهي.“
هنن چند لمحن ۾ مان اهو وساري ويٺو هوس ته مون ڪم ڪٿي ڇڏيو هو ۽ ڪٿان شروع ڪرڻو آهي.
فيض جو شعر ذهن ۾ گونجندو رهيو۔۔۔ ڪُڇ عشق ڪِيا، ڪُڇ ڪام ڪِيا۔۔
۽ پنهنجو پاڻ کي آفيس جي آزار کي ارپي ڇڏيم۔۔