۽ نيٺ گَجگوڙِي به وَسي پَيا!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    ۽ نيٺ گَجگوڙِي به وَسي پَيا!!


    اسان جي پاڙي ۾ هڪ پوڙهو رهندو هيو جيڪو هڪ مزار جو گادي نشين هيو اڳوڻي گادينشين جي انتقال کانپوءِ ڪنهن کي به يقين نه هيو ته هو گاديءَ کي سنڀالي سگهندو. پر هن اهڙي طرح سنڀاليو ته سڀ حيران ٿي ويا. سندس مزاج هڪ ٿرو رهندو هو. پر ڪڏهن ڪڏهن هو بلڪل گرم ٿي ويندو هيو . هو اڪثر شام جي وقت مزار جي چوغان ۾ ويهندو هيو ۽ اتي پوکيل ميون ۽ گلن تي نظر رکندو هيو. جيڪڏهن ڪو ٻار گلن کي نقصان پهچائيندو ته انکي مرڪندي سمجهائيندو هيو. جيڪڏهن ٽي کان وڌيڪ دفعا ٻار ساڳي حرڪت ڪندو ته کيس دڙڪا ڏئي ڀڄائي ڇڏيندو هيو. سڄي پاڙي ۾ اهو چاچو عاشق مداري جي نالي سان مشهور هيو ڪجهه ماڻهن کائنس پڇيو ته چا چا عاشق مداري ڀلا هي ٻار اوهان کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهن سچو پاڙو اوهان جي عزت ڪري ٿو پر پوءِ به اوهان هنن کي گهڻي حد تائين نظرانداز ڪيو ٿا ڀلا ان جو ڪوسبب؟؟ تنهن تي چاچو اهو چئي ته ادا هي نابالغ آهن جيڪو وڻين ڳالهائين. پر جڏهن هو منهنجي نه چوڻ جو ناجائز فائدو وٺندا آهن ۽ هو ڳالهائيندي سندس لفظن جو خيال نه رکندا آهن ته پوءِ مونکي به جارهاڻو رويو ڏيکارڻو پوندو آهي. سندس جارهاڻي رويي واري لفظ تي تمام ماڻهو کِلڻَ لڳا ۽ چيو ته چاچا مداري اسان ته ڪڏهن توهان جو جارهاڻو رويو ناهي ڏٺو؟؟ اهي ڳالهيون جاري هيون ته هڪ ٻار ان مزار جي ديوار کي نجاست ڪري رهيو هيو ته اهو ڏسي چاچو عاشق مداري ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ان نابالغ ٻار کي گجگوڙي لهجي ۾ چوڻ لڳو ته توکي روز سمجهايان ٿو پر تون روز اتي ئي گند وهائي وڃين ٿو گهر ۾ باٿروم نه اٿئي ڇا؟ ۽ ٻيا ايترا ناقابل يقين لفظ چيا جن جي اسان ڪڏهن چاچي عاشق مداريءَ مان توقع ڪونه هئي!! خيئر عاشق مداريءَ جو هي قصو صدر آصف زرداريءَ جي جارهاڻي انداز واري تقرير کي ٻڌي ياد آيو. ڇوته صدر آصف زرداريءَ ڪڏهن به اهڙي طرح کُلي ڪري ڪنهن تي تنقيد ناهي ڪئي جيئن هن شهيد بيظير جي سالگرهه جي موقعي تي نئو ديرو ۾ ڪئي. صدر آصف زرداريءَ جي نواز شريف تي کُلي تنقيد اوترو ئي حيران ڪيو جيترو چاچي عاشق مداريءَ جي نابالغ ٻار مٿان ڪيل ڪاوڙ ڪيو هيو. ان کان اڳ ميان نواز شريف به سندس توبن جو رک صدر زرداريءَ ڏانهن ڪيو. پر ميان نواز شريف جي چئن ڏينهن جي لڳاتار تقرير ۾ ڪٿي به بجٽ جو ذڪر نظر نه آيو. هو صرف ذاتيات ۽ دهشتگردي ۽ خصوصا ادارن (ايجنسين) ۽ فوج تي تنقيد کي ورجائي رهيو آهي. ميان نواز شريف چيو ته حالات خراب ڪرڻ ۾ ايجنسين جو هٿ آهي!! هي نواز شريف جي اينٽي اسٽيبلشمينت سياست جو واضع ثبوت آهي، ميان نواز شريف جي فوج ۽ ادارن جي مٿان هلندڙ تنقيد سان ملڪ جي عالمي ڪردار تي ڪهڙو اثر پوندو شايد ميان نواز شريف ان مان واقف هجي هڪ طرف ميان صاحب پنهنجي محب الوطن هئڻ جي وڏي واڪي دعوه ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي هو سيڪيورٽي ادارن مٿان کليل تنقيد جو نشانو بڻائي کين حالات جي خرابيءَ جو ذميوار قرار ڏئي ٿو. شايد ان جو جواب ڏيڻ ضروي هيو ڇو ته حڪومت جي ٽن سالن جي عرصي دوران صدر زرداري ڪڏهن به نواز شريف جي خلاف اهڙي جارهاڻي تقرير ناهي ڪئي ڏسجي ته هي صدر جي هي تقرير نواز شريف جي گذريل تمام پريس ڪانفرنسن جو جواب آهي. صدر پنهنجي تقرير ۾ ميان وڏي کي هڪ نئي نالي سان مخاطب ڪيو جهن ۾ ”مولوي نواز شريف“ جو لفظ استعمال ڪيو، صدر چيو ته ميان نواز شريف جنهن سوچ جي پوئيواري ڪري رهيو آهي ان سوچ مان پاڪستان کي خطرو آهي ۽ اها ئي سوچ شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جو سبب بڻي . پر ڏٺو وڃي ته صدر جي تقرير ۾ ڪاٿي به نواز شريف جي ذات تي حملو ناهي ڪيو پر. هر جاءِ تي سوچ جو ذڪري ڪيو آهي. ڏٺو وڃي ته هن تقرير کانپوءِ ملڪ اندر سياسي گرمي پد ۾ ڪافي حد تائين اضافو ٿي ويندو. ڇوته هر دفعي مفاهمت جي دسترخوان تي دعوت ڏيندڙ صدر پهريون ڀيرو سندس ماضيءَ ۾ مفاهمتن ڪيل حشر جو جواب ڏنو. ملڪ جي هلندڙ حالات ۾ جتي هر پاسي ڪو نه ڪو بحران آهي ته ڪٿي ڪا لا قانونيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي!! ڇا ان جو ذميدار صرف حڪومت آهي؟؟ شايد نه!! ميان نواز شريف پنهنجي هر تقرير ۾ سندس گذريل دور ۽ هن دور کي مشابهت ڏيندي نظر اچي ٿو جنهن ۾ هو امن امان جي صورتحال ، مهانگائي ۽ لوڊ شيڊنگ جي هر دفعي مشابهت ڪري ٿو. شايد ميان صاحب اهو وساري ويٺو آهي ته سندس اقتدار جي دور ۾ ملڪ جي آبادي 40 سيڪڙو گهٽ هئي شهرن جو هڪ وڏو حصو غير آباد هيو. ملڪ ۾ سي اين جي سسٽم نه هيو ۽ انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت به 90 سيڪڙو گهٽ هئي. ان جو مطلب ته ڊڪٽيٽرن جي حمايت ۾ هلندڙ حڪومت جنهن ۾ ضرورتون گهٽ هجن ۽ وسيلا به پورا هجن ته پوءِ حڪومت هلائڻ شايد موجوده حالات جي ڀيٽ ۾ مشڪل نه آهي!. ڇو ته موجوده دور ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. ملڪ ۾ هزارين سي اين جي اسٽيشنز قائم ٿي چڪيون آهن. آباديءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو نواز شريف جي حڪومت کان 40 سيڪڙو وڌي چڪي آهي. ان تمام ڳالهه جو مقصد اهو آهي ته هن وقت ميان وڏو عوام کي جيڪي خواب ڏيکاري رهيو آهي ۽ حڪمران جماعت تي تنقيد جا مينهن وسائي رهيو آهي ڇا اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هو عوام کي ڏيکاريل خوابن جي تعبير ڪندو يا گذريل حڪومت کي ڏوهي بڻائي عوام جو ٽائيم پاس ڪندو؟ هن وقت ميان نواز شريف کي يا ته ڪشمير جي عوام سان محبت ٿي ويئي آهي يا وري کينس ناڪاميءَ جو ڊپ آهي. جو هو اليڪشن ڪيمپينگ ۾ ڏيرو ڄمائي هڪ مٿان ٻيو جلسو ڪري رهيو آهي. ۽ تقرير ۾ سياسي محاذ آرائي کي دعوت ڏيندي نظر اچي ٿو. جنهن تي حڪمران ڌر جي ڪجهه ماڻهن ميان صاحب کي تنقيد جو نشانو بڻايو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته نواز شريف جي ٽي روڊ جي سياست بند ڪري، ميان نواز شريف ڪوڙ ڳالهائڻ جي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. اهڙن بيانن مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته پ پ نه صرف وفاقي سطح تي پر صوبائي سطح ن ليگ خلاف اها بيانبازي ڪئي آهي جيڪا مفاهمت جي پاليسيءَ جي وجهه سان سامهون نه اچي سگهي هئي. مٿان وري صدر صاحب جو جواب اچڻ ملڪي سياست اندر شديد گرمي پد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ جو اشارو آهي. نواز شريف جي فوج ۽ ادارن تي تنقيد ۽ پ پ پاران ادارن جي جي حق ۾ بيان ملڪ کي ڪهڙي پاسي وٺي ويندا؟؟ جيڪڏهن ڪشمير جي اليڪشن ۾ ميان وڏي کي ناڪامي حاصل ٿي ته ڇا هو. اليڪشن جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳي ويندو؟؟ ۽ اليڪشن جي راهه فقط گڏيل استعيفن جي صورت ۾ ئي هموار ٿي سگهي ٿي.!! ڇا ميان صاحب اهڙو انتهائي قدم کڻدو؟ جيڪڏهن کنيو ته ان جا ڪهڙا اثر ٿيندا؟ ڇا ملڪ جون ايجنسيون هي سڀ ٿيندي ڏسنديون رهنديون. اهو مستقبل ئي ٻڌائيندو!!

    عمران درويش سومرو

    عوامي آواز

    [​IMG]

    _________________________
    هلال پاڪستان

    [​IMG]













    ۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ۽ نيٺ گَجگوڙِي به وَسي پَيا!!

    ادا درويش سٺو ليک ۔۔۔۔۔۔

    اوهان جي ڪالم جو عنوان آهي نيٺ گجگوڙي به وسي پيا ۔۔۔۔۔۔۔ مونکي هي عنوان اڃان تائين سمجهه ۾ ناهي اچي سگهيو ته گجگوڙي وارو اشارو ڪنهن طرف آهي۔ ڇو ته صدر آصف زرداري صاحب ته ڪڏهن به ڪونه گجيو ۽ چپ چاپ رهندو هو، هن ته ڪڏهن اهري قسم جو ڪو اشارو به ڪونه ڏنو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوء هي ايترو جلد وسڻ جا ڪي ٻيا سبب ئي ٿي سگهن ٿا۔

    اهو ضرور آهي ته نواز ليگ جي بيجا تنقيد ۽ بد تميزي وارو لهجو وڌي ويو هو پوء به اهو ڪم صدر بجاء وزير اعظم کي ڪرڻ گهرجي ها ته بهتر هو يا ٻين پارتي اڳواڻن کي اشارو ڪيو وڃي ها جيڪي کين جواب ڏين ها۔ نواز ليگ ڪا سياسي پارٽي ناهي پر اسٽيبلشمينٽ ۽ واپارين جي پارٽي آهي۔ ان پارٽيء ۾ جاويد هاشمي جي نه پر چوهدري نثار جي هلندي آهي۔ اتي غوث علي شاهه جي نه پر راڻا ثناء الله جي اهميت آهي۔

    پيپلز پارٽي جي مفاهمتي پاليسي نه پيپلز پارٽي کي ڪجهه ڏئي سگهي آهي ۽ نه وري سنڌين کي ڪي خاص فائدا پر ايم ڪيو ايم ان مان خوب فائدو حاصل ڪيو آهي۔ پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ نوڪريون ته ڏنيون آهن پر اهو ناهي ڏٺو ته ڪنهن کي پيا ڏيون۔۔۔۔۔ جيڪڏهن هو سنڌين کي ئي ڏين ها ۽ قابل ماڻهن کي ڏين ها ته گهڻي خوشي ٿي ها ، پر هتي گهوڙي ۽ گڏهه جو فرق به ڪونه رکيو ويو آهي نتيجي ۾ سنڌين جي نا اهل هجڻ جا طعنا سهڻا پون ٿا۔

    مان اهو مڃان ٿو ته سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه ٿورو پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ ٿيو آهي اهو شايد ٻي حڪومت نه ڪندي ۽ نه ڪيو آهي پر سنڌي مانهن هميشه پ پ پ کي ئي موٽ ڏني آهي تنهنڪري اميدون به گهڻيون رکندا آهن جيڪو هنن جو حق آهي۔

    اوهان جي لکڻ جون انداز ۽ قلمي پورهيو قابل تعريف آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو