• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

152 سال اڳ اڄوڪي ڏهاڙي سنڌي دفتري ٻولي لاڳو ٿي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ سلطان
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

سلطان

سينيئر رڪن
152 سال اڳ اڄوڪي ڏهاڙي سنڌي دفتري ٻولي لاڳو ٿي

برطانوي راڄ کان ون يونٽ تائين 97 سال قومي ۽ دفتري ٻولي طور مڃيل سنڌي زبان ون يونٽ ٽٽڻ توڙي 72ع جي ٻولي ايڪٽ جي منظوري باوجود سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي نه هٿي ملي ۽ نه ئي دفتري ٻولي جو درجو ملي سگهيو، اڪثر سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن مان سنڌي ٻولي کي اڻ اعلانيل طور نيڪالي مليل، ان ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب 152 سال اڳ 29 آگسٽ 1857ع ۾ برطانوي اختيارين سنڌي ٻولي کي قومي، دفتري، تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي جو درجو ڏئي ان تي عمل شروع ڪيو، 98 سالن تائين سنڌي ٻولي کي پرڳڻي ۾ دفتري ٻولي طور استعمال ڪيو ويندو رهيو پر سنڌي ٻولي کي مليل اهڙو مرتبو 14 آڪٽوبر 1954ع ۾ ون يونٽ مڙهي ختم ڪيو ويو، ون يونٽ جي خاتمي بعد صرف ٽئين درجي تائين سنڌي پڙهائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، 12 آڪٽوبر 1962ع ۾ ايوب خان جي دور حڪومت ۾ ٻولي بابت سمورا فيصلا واپس وٺي سنڌيءَ کي ميٽرڪ تائين لازمي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ان دوران سنڌي کي دفتري ٻولي طور اڪثر ادارن مان اڻ اعلانيل طور نيڪالي ملڻ شروع ٿي، جنهن بعد 1972ع ۾ ٻولي جي اصل حيثيت بحال ڪرڻ لاءِ پ پ حڪومت ٻولي ايڪٽ آندو، جنهن موجب سنڌي زبان کي قومي، سرڪاري ۽ دفتري ٻولي قرار ڏنو ويو پر اڄ تائين ان تي عمل جو خواب ساڀيان نه بڻيو آهي، ون يونٽ خلاف جاکوڙيندڙ ڌريون ون يونٽ جي خاتمي واري تحريڪ جي ڪاميابي بعد اڻ اعلانيل طور ٻولي کي دفترن مان نيڪالي تي ڪا اثرائتي جدوجهد نه ڪئي، 72ع ۾ ٻولي ايڪٽ منظور ٿيڻ تي لساني سوچ رکندڙ رئيس امروهي جي ”اردو ڪا جنازه هي ڌوم سي نڪلي“ جي ڪالمن بعد ٿيل هنگامن سبب ٻولي ايڪٽ تي عمل اڻ اعلانيل بند ڪيو ويو، ڄام صادق علي جي وڏ وزارت واري دور ۾ سنڌي ٻولي اختياري جي قيام باوجود ٻولي بابت فيصلا ۽ سنڌي کي دفتري ٻولي قرار ڏيڻ توڙي اسڪولن ۾ لازمي سنڌي پڙهائڻ جا جوڳا بندوبست نه ٿي سگهيا آهن، مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سنڌي زبان کي آفيس جي ٻولي طور لاڳو ڪرڻ کان نابري واري نيڪالي ڏني وئي، جڏهن ته بيورو آف ڪريڪيولم اسلام آباد پاران 06-2005ع ڌاري اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي سنڌي سليس پڙهڻ واري ترميم باوجود سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي سليس نٿي پڙهائي وڃي، ڄاڻ موجب ان ڏس ۾ ڪميشن ذريعي 130 ليڪچرار به ڀرتي ڪيا ويا پر وفاقي بيورو آف ڪريڪيولم جي فيصلي تي سنڌ ۾ عمل نه ڪيو ويو۔


(حوالو: روزاني ڪاوش)
 
سائين تمام پيارو ونڊ ڪيو اٿوَ شال رب ڪريم اسان جي انهن سنڌين کي ايمان ڏيئي ته سنڌي ٻولي کي هٿي ڏين۔۔۔۔ پنهنجي ٻولي کي دفترٻولي قرار ڏنو وڃي۔۔۔۔۔
 
Back
Top