آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ٿيل ڪالهوڪي اليڪشن ۾ هن وقت تائين آيل نتيجن جي آڌار تي پيپلز پارٽي واضح برتري حاصل ڪري ورتي آهي۔ هن وقت تائين آيل 34 نتيجن مان پيپلز پارٽي 19، مسلم ليگ (ن) 9 ، مسلم ڪانفرنس 4 ۽ آزاد اميدوارن 2 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي۔ ياد رهي ته آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ اليڪشن جو ايم ڪيو ايم پاران بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي۔
اليڪشن کٽندڙ اميدوارن ۾ چار وزير اعظم به شامل آهن۔ جن مان موجوده وزيراعظم سردار عتيق احمد خان کانسواء سابق وزراء اعظم راجا فاروق حيدر، سردار يعقوب خان ۽ بيريسٽر سلطان محمود ڪاميابي حاصل ڪئي آهي۔
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ مسلم ڪانفرنس جي سربراهه سردار عتيق احمد سان فون تي رابطو ڪري سياسي صورتحال ۽ چونڊن جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ مسلم ڪانفرنس جي سربراهه سردار عتيق وچ ۾ فون تي رابطي دوران آزاد ڪشمير ۾ گڏجي حڪومت ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ٻنهي سربراهن آزاد ڪشمير ۾ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.