غزل

روز ڪال ٿي ڪري
بس ڪمال ٿي ڪري
لفظ لفظ ۾ ادب
ڇا سوال ٿي ڪري
عشق آبرو وري
بيمثال ٿي ڪري
حالَ تي پيئي هلي
هر خيال ٿي ڪري
ڪونه لوڊ ٿي ًگهري
ڪونه تال ٿي ڪري
ڀوڳ ڌمڪيون هُجت
ڄڻ بتال ٿي ڪري
شاعره آ جو ”علي“ ۔
لفظ ڍال ٿي ڪري

شاعر: علي چوهاڻ ”کيبرائي“ 03003420903:yahoo:
 
جواب: غزل

ادا علي محمد چوهاڻ کيبرائي صاحب تمام سٺي پيرائي ۾ شاعري ڄوڙڻ تي اوهان کي مبارڪ باد ڏجي ٿي ، سائين اوهان سان حيدرآباد ۾ ملاقات يادگار رهندي ، دوستو هون ته ادو ٽيچر آهن ۽ گڏو گڏ سٺو شاعر ۽ ڄاکوڙي دوست آهن ، وڌيڪ ادي کي مون گذارش رکي آهي ته هو پنهنجو مڪمل تعارف پاڻ ڪرائن ۔ انشاء الله جلد ادو علي محمد پنهنجو تعارف اوهان سان ڪرائيندا، مهرباني
 
Back
Top