سنڌ بچايو ٻيلا بچايو

هي زر زمين هي ٻيلا ۽ چارا ڪنهنجا آهن
هي آريون ڪُهاڙا هي وڍارا ڪنهنجا آهن
تون پان پيرَ پنهنجي تي ڪُهاڙو واهين ويٺو
هي ٻٻرُ هي لئي ڪنڊي ۽ ٽارا ڪنهنجا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟؟؟

شاعر: علي چوهاڻ ” کيبرائي“ 03003420903
اچو ته گڏجي سنڌ جي ٻيلن جي پوکائي ۽ زمينن تي قبضا گروپن جي لا ڪو لاحه عمل ٺاهيون جيئن ته ٻيلا وري آبادٿين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
 
جواب: سنڌ بچايو ٻيلا بچايو

سائين معاف ڪجو، سنڌي قوم ۾ اتحاد جي کوٽي، سياسي ناچااڪائي، عملي سستي ۽ حڪومتي سطح جي بي ايماني واري دور ۾ ائين ڪرڻ ائين آهي جيئن آسمان مان تارا لاهڻ ۔۔۔ ان لا جيڪو به عمل ٿيندو اهو انقلابي ٿيندو ۽ انقلاب آڻڻ لا جنهن دل گڙدي جي ضرورت هوندي آهي اها سنڌ ۾ نظر ڪون ٿي اچي ۔۔۔ سنڌي قومپرست پارٽيون، ڀتاخوري ۽ سنڌين کي ئي جوتن هڻڻ، سنڌين جي مال ملڪيت تي قبضن ڪرڻ ۽ مارڻ ۾ پوريون آهن، وفاقي پارٽيون سنڌ جي مٿئين ڌاڙيل طبقي جي هٿن ۾ آهن، انهن جا ماڻهون پڻ قبضا ڪرڻ ۽ ماڻهن جي ڦرلٽ ۾ نمبر هڪ آهن ۔۔۔ مٿان وري ملڪي قانون اهڙو جو دانهين اندر، چور ٻاهر ۔۔۔ وڌيڪ پاڻ سمجهدار آهيو

هاڻ بچيو مسڪين عوام، سو ملي هڪ ٿيندو ۽ انقلاب ايندو، انجي لا اکيون آتيون آهن ته ائين ڪڏهن ٿيندو؟؟؟؟؟؟؟
 
جواب: سنڌ بچايو ٻيلا بچايو

وڻ انساني زندگيء ۽ ماحول جي گدلاڻ کان بچائڻ جو اهم ذريعو آهن پر افسوس جو هاڻي نه اهي وڻ آهن نه ٻيلا رهيا آهن

اوهان جا جذبات ۽ اند جا احساس محسوس ڪري سگهجن ٿا۔ لاجواب شاعري
 
جواب: سنڌ بچايو ٻيلا بچايو

تمام سهڻي سوچ آهي ، واقعي وقت جي اهم ڳالھ ڏي اوهان توجه ڇڪرائي آهي ، هن لاءِ حڪومت کي وقتائتي اپاء وٺڻ گهرجي ، پر افسوس سنڌي حڪومت هوندي به پنهنجي فرضن کان غافل آهن ، ڪجي ته ڇا ڪجي ، ميعار ڏجي ته ڪنهن کي ڏجي ، آخر هن جو ڪو ته حل هوندو ، اچو ته هن حل لاءِ ويچار ڪريون ڪو مثبت تبديلي جو سبب بڻجون ،
 
جواب: سنڌ بچايو ٻيلا بچايو

ادا نثار ابڙا سليمان وساڻ ۽اَفتخار علي چوهاڻ صاحب ادا مايوسي ڪفر آهي ڪجهه ت ڪرڻو پوندو سڀاڻ ائين نه ٿي جو اسانجي ٻنين ۽ ونين جا ماڪ ڌاريان ٿي وڃن مهرباني سڀني دوستن جي
 
Back
Top