انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ۽ آخر اهو حيران ڪندڙ وقت ويجهو ٿيندو پيو وڃي جنهن لاءِ هن صدي جي شروع ۾ ڪنهن سوچيو به ڪونه هو۔۔ جي ها آ ڳالهه ڪري رهيو آهيان زيٽا بائيٽ جي جيڪو انٽرنيٽ جي موجوده رفتار کي ڏسي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته 2015 کان به پهريان پهچي چڪندو۔۔۔
    ان لاءِ اهي دوست جيڪي ڪمپيوٽر تي ڊيٽا جي منتقلي کي اڃان تائين ڪلو بائيٽ يا ميگا بائيٽس ۾ ڳڻي رهيا آهيان ۔۔۔ پنهنجي رفتار وڌائن ته جيئن انٽرنيٽ جي انقلاب زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چئي سگهن۔۔
    ڳالهيون ڪندڙن موجب هن سال يعني 2011 جي آخر ۾ ئي هن ڌرتي تي ايترا ماڻهون نه هوندا جيتريون انٽرنيٽ ڊوائيسز موجود هونديون ۔۔ ۽ ان اندازي کي اڳتي وڌائيندي ٻڌائين ٿا 2015 ۾ ڌرتي رهندڙ ماڻهون کان ٻيڻ تائين اهي ڊوائيسز پهچي وينديون ۔۔۔ ان جو مطلب ته هر ڪنهن ماڻهون وٽ موبائيل ۽ ليپٽاپ ساڻ هوندو۔۔۔ جنهن جي سائيز ڪجهه به هجي پر ڊيٽا جي وصولي ۽ موڪلڻ جي سائيز ۽ رفتار غضبناڪ هوندي۔۔
    ٿورو هن گراف کي ڏسو ۽ اندازو لڳايو ته دنيا زيٽا بائيٽ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي ۽ توهان ڪهڙي جاءِ تي بيٺا آهيو۔۔۔ ؟

    [​IMG]

    مٿئين گراف جي هيٺين حصي کي ڏسو جتي ايگزا بائيٽ متعلق آگاهي ڏني وئي آهي ته هڪ ايگزا بائيٽ جي سائيز ان هائي ڊيفينيشن وڊيو جي برابر آهي جيڪا هلندي رهي، هلندي رهي ۽ لڳاتار 36 هزار سال هلندي رهي۔۔ ان ايگزا بائيٽ کي جيڪڏهن زيٽا بائيٽ جي سائيز اڳيان آڻجي ته اها سائيز به هڪ ٽٻڪي وانگر نظر ايندي ۔۔۔۔


    پر دوستو اڃان به حيران نه ٿيو جو ڳڻپ زيٽا بائيٽ تائين ختم ڪون ٿيندي بلڪي ڳڻپ اڃان جاري آهي ۽ جاري رهندي۔۔ تفصيل لاءِ هن وڊيو کي به ٿورو نظر مان گذاريو۔۔۔

     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    هون ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هاڻي ڪا به ڳالهه وڏي ڪا نه ٿئي لڳي پر زيٽا بائيٽ جو ٻڌي خوشي سان گڏ حيراني پڻ ٿئي


    ته سائنس ڪيترو نه تيز رفتاري سان ترقي ڪري رهي آهي

    پر اسان پاڪستان ۾ اڃان تائين لوڊشيڊنگ ۾ پورا آهيون ڪالهه ئي واپڊا اعلان ڪيو آهي ته 2018 تائين لوڊشيڊنگ

    ختم نه ٿيندي

    مهرباني

    سدائين گڏ
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    واهه ۔۔۔۔۔۔۔ ڪمال جي شيئرنگ آهي

    ميگا بائيٽ ۔۔۔۔۔ گيگا بائيٽ ۔۔۔۔۔۔۔ ٽيرابائيٽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔زيٽا بائيٽ

    پر ڪاش اسان وٽ جيڪا اسپيڊ ڏسين ٿا ان جو اڌ به ملي پوي ۔۔۔۔۔۔۔۔

    انٽرنيٽ خاص ڪري ڪمپيوٽر جي ايجاد ڪمال ڪيو آهي
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    ادا رشيد اهي سڀ ڳالهيون ڪم جون آهن پر يار اسان جي ڳوٺن ۾ اڃان تائين وي پي ٽي سي ايل ۽ ڪلو بائيٽ وارو سسٽم اجاگر آهي ۔۔۔۔۔ انهي جي تبديلي جي ڪا ڳالهه ڪيو ته هوند مسئلو حل ٿي وڃي انهن انگريزن کي ڪا صلاح مشور ڏيو ته جيئن اسان جي ٻهراڙي جا دوست به نيٽ جي سهولت کان آرائستا ٿي وڃن۔۔۔۔۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    بي فڪر رهو ۔۔۔ مون ۽ ادا عامر وٽ هڪ پلان آهي۔۔ جنهن تي ڪم جاري آهي جلد ئي توهان جي ڳوٺ ۾ جتي پي ٽي سي ايل جي سهولت ئي ناهي ان باوجود ڊي ايس ايل جي رفتار واري نيٽ موجود هوندي۔۔ وڌيڪ لاءِ ڪمنگ سون واري بينر هٽڻ جو انتظار ڪريو۔۔۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    واه واه واقعي دوست هي ته ڪمال جي ڳالهه آهي ايڏي تيز رفتار نيٽ !!!
    زبردست
    ادا عامر ۽ اوهان کي گذارش آهي ته جيڪڏهن ان شاءَ الله اوهان جي علائقي ۾ اوهان جو پروجيڪٽ ڪامياب ٿي وڃي ته پوءِ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به ان جي واڌ لاءِ ڪو پروجيڪٽ بڻائيندا۔۔۔۔
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    يار جي اهو ڪريو ته هن صدي جو وڏو ڪمال هوندو۔
     
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    اسان جي شهر ۾ ڊي ايس ايل آهي پر انٽرنيٽ جي رفتار صفا اهستي آهي ادا
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    دوستو حيران نه ٿيو ۔۔ ڇو ته مون وٽ حيران ڪرڻ لاءِ اڃان وڌيڪ ڳالهيون پڻ آهن۔۔۔

    هڪ اندازي مطابق هن وقت انٽرنيٽ ٽريفڪ هن گراف مطابق آهي۔۔۔ جنهن ۾ صاف طور وڊيو شيئرنگ، فائيل شيئرنگ کان ڪافي گهڻي آهي۔۔۔

    [​IMG]

    انهي رفتار کي نظر ۾ رکي لڳ ڀڳ 5 سالن کان پوءِ انٽرنيٽ ٽريفڪ ڪجهه هن گراف تحت هوندي۔۔۔ جنهن ۾ وڊيو جو گراف ڏسي حيرت ٿي ٿئي ته 2015 ۾ وڊيو شيئرنگ جو تعداد ۽ سائيز ڇا هوندي ۔۔۔

    [​IMG]
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    يقينن ان م سنڌ سلامت وڊيوز به شامل هونديون ۔۔۔۔۔۔۔۔

    واقعي ئي حيرت جي ڳالهه آهي پر وڊيوز جو دور پيو هلي۔۔۔۔ اوهان زيٽا بائيٽ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هتي منهنجي نيٽ کي ڪا نظر لڳي آهي۔ مردار هلي ئي ڪانه ٿي۔۔۔۔۔ صفا سلو آهي
     
  11. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    سائين ان اسپيڊ جو جيڪڏهن اسان کي چوٿون حصو ملي ته اسان وڏا خوش نصيب آهيون،

    باقي ادا زاهد اسان جو ڪم هلي رهيو آهي توهان جي ڳوٺ تائين ڊي ايس ايل جي سروس مهيا ڪرڻ لاءِ، انشاالله جلدي ان ڪم کي پورو ڪيو ويندو۔

    دعائن ۾ ياد
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    مون سمجهيو ٿئي ته توهان کي شايد پنهنجي تازي مصروفيتن ڪري سنڌ سلامت جي ڦيرو ڀرڻ جو موقعو ئي نه ملندو هجي پر توهان جي جواب ان ڳالهه جي نفي ڪئي۔۔۔
    سو ادا زاهد پروجيڪٽ تي ڪم هلڻ جو ذڪر عامر به ڪيو۔۔۔۔ مطلب ته توهان تصور کي پڪو ڪندا رهو۔۔
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: انٽرنيٽ جي دنيا زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار۔۔۔

    هتي هڪ وڌيڪ گراف ڏئي رهيو آهيان جنهن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته 2015 تائين وڊيو شيئرنگ ڪيتري حد تائين وڌي ويندي ۔۔۔ ۽ عام ماڻهون موبائيلن ذريعي پڻ ان کي ايڪسيس ڪري سگهندا۔۔۔

    [​IMG]

    ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ موضوع ونڊيو هو جنهن ۾ دوستن کي ٻڌايو هو ته يوفون وارن اهڙو سيٽ مارڪيٽ ۾ آندو آهي جيڪو فون سيٽ سان گڏ بلٽن ايوو پڻ آهي جنهن ذريعي ٿري جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي ٽي وي چينل پڻ براهِ راست ڏسي سگهبا۔۔۔ ان جو مطلب ته زيٽا بائيٽ ڏانهن اسان جو سفر جاري آهي ۽ منزل اميدن کان به اڳ آهي۔۔۔

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو