۽ آخر اهو حيران ڪندڙ وقت ويجهو ٿيندو پيو وڃي جنهن لاءِ هن صدي جي شروع ۾ ڪنهن سوچيو به ڪونه هو۔۔ جي ها آ ڳالهه ڪري رهيو آهيان زيٽا بائيٽ جي جيڪو انٽرنيٽ جي موجوده رفتار کي ڏسي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته 2015 کان به پهريان پهچي چڪندو۔۔۔
ان لاءِ اهي دوست جيڪي ڪمپيوٽر تي ڊيٽا جي منتقلي کي اڃان تائين ڪلو بائيٽ يا ميگا بائيٽس ۾ ڳڻي رهيا آهيان ۔۔۔ پنهنجي رفتار وڌائن ته جيئن انٽرنيٽ جي انقلاب زيٽا بائيٽ کي ڀليڪار چئي سگهن۔۔
ڳالهيون ڪندڙن موجب هن سال يعني 2011 جي آخر ۾ ئي هن ڌرتي تي ايترا ماڻهون نه هوندا جيتريون انٽرنيٽ ڊوائيسز موجود هونديون ۔۔ ۽ ان اندازي کي اڳتي وڌائيندي ٻڌائين ٿا 2015 ۾ ڌرتي رهندڙ ماڻهون کان ٻيڻ تائين اهي ڊوائيسز پهچي وينديون ۔۔۔ ان جو مطلب ته هر ڪنهن ماڻهون وٽ موبائيل ۽ ليپٽاپ ساڻ هوندو۔۔۔ جنهن جي سائيز ڪجهه به هجي پر ڊيٽا جي وصولي ۽ موڪلڻ جي سائيز ۽ رفتار غضبناڪ هوندي۔۔
ٿورو هن گراف کي ڏسو ۽ اندازو لڳايو ته دنيا زيٽا بائيٽ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي ۽ توهان ڪهڙي جاءِ تي بيٺا آهيو۔۔۔ ؟
مٿئين گراف جي هيٺين حصي کي ڏسو جتي ايگزا بائيٽ متعلق آگاهي ڏني وئي آهي ته هڪ ايگزا بائيٽ جي سائيز ان هائي ڊيفينيشن وڊيو جي برابر آهي جيڪا هلندي رهي، هلندي رهي ۽ لڳاتار 36 هزار سال هلندي رهي۔۔ ان ايگزا بائيٽ کي جيڪڏهن زيٽا بائيٽ جي سائيز اڳيان آڻجي ته اها سائيز به هڪ ٽٻڪي وانگر نظر ايندي ۔۔۔۔
پر دوستو اڃان به حيران نه ٿيو جو ڳڻپ زيٽا بائيٽ تائين ختم ڪون ٿيندي بلڪي ڳڻپ اڃان جاري آهي ۽ جاري رهندي۔۔ تفصيل لاءِ هن وڊيو کي به ٿورو نظر مان گذاريو۔۔۔