جمال ابڙو - جديد سنڌي ڪهاڻيء جو بانيڪار (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جمال ابڙو - جديد سنڌي ڪهاڻيء جو بانيڪار
    تحرير: محمد سليمان وساڻ

    اڄوڪو ڏينهن 30 جون سنڌي ادب جي ڏاهي ڏات ڌڻي ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيء جي بانيڪار محترم جمال ابڙو جي ورسيء جو ڏهاڙو آهي. جمال ابڙو سنڌ جي انهن ڪهاڻيڪارن مان آهي جن ورهاڱي کانپوء سنڌي ڪهاڻي کي نوان لاڙا ڏئي ان ۾ فني ۽ فڪري خاصيتون به شامل ڪيون.

    جمال ابڙو 2 مئي 1924 تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ پنهنجي پيء جي سرڪاري نوڪري ۽ تبادلن سبب لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص مان ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. اين اي ڊي يونيورسٽيء مان انجنيئرنگ جي داخلا ڇڏي هن قانون جي ڊگري يعني LLB جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کانسواء جمال ابڙي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات لاڙڪاڻي مان وڪالت سان ڪئي، جنهن بعد 1949 ۾ شهدادڪوٽ ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر طور مقرر ٿيو. 1952 ۾ کپري (سانگهڙ) ۾ سب جج ۽ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻو، خيرپورميرس، سجاول، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو رهيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عهدي تي ترقي ملي. 1972 کان 1978 تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري، 1978 کان 1980 تائين ليبر ڪورٽ جو جج، 1981 کان 1982 تائين فيڊرل سروس ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، 1984 کان 1985 تائي سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ 1985 کان 1986 تائين اينٽي ڪرپشن جو چيئرمئن رهيو. اهڙيءَ ريت 10 اپريل 1986 تي ملازمت تان رٽائرمينٽ ورتائين.

    سنڌي ادب ۾ سندس پهرين ڪهاڻي “هو حُر هو” هن 1945 ع ۾ لکي. سندس لکڻ جو انداز بلڪل عوامي ۽ ٻولي به نج سنڌي ۽ عوامي هوندي هئي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار ۽ مڪالما سچ ته ماڻهن کي انهن ڪردارن ۾ گم ڪري ڇڏين ٿا. سچ لکڻ سندس اصولن م شامل هو ڪڏهن به ان اصول تي سوديبازي ڪانه ڪيائون. جمال ابڙو، ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو باني آهي، هن ترقي پسند تحريڪ جي عروج واري زماني کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، هن ترقي پسند تحريڪ جي چڱن ۽ مثبت اثرن کي ضرور قبول ڪيو، پر هن ڪڏهن به ترقي پسند تحريڪ جي گهرجن کي مصنوعي انداز ۾ آڏو رکي ڪهاڻيون نه لکيون. جمال ابڙي صرف 17 ڪهاڻيون لکيون جيڪي سنڌي ادب جون شاهڪار ۽ لازوال ڪهاڻيون آهن. هن پنهنجي ڪهاڻي ۾ وڏيري ، پير، ۽ معاشري جي ويري ڪردارن جي پت وائکي ڪئي آهي. جمال ابڙي جي ڪهاڻين مان ”پِشو پاشا“،”پيراڻي“، ”مان مرد“، ”بدتميز“، ”شاھ جو ڦر“، ”بدمعاش“، ”منھن ڪارو“، ”ڪارو پاڻي“، ”مھرباني“، ”خميسي جو ڪوٽ“، ”لاري“، ”سينڌ“، ”فرشتو“، ”ماءُ جي جھولي“، ”لاٽ“ ۽ ٻيون اهم آھن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اپٽار آهي. ھن ڪيترائي شاھڪار مضمون پڻ لکيا، جن ۾ ”شاھ محض صوفي نه ھو“، ”پاڪستان ٺھراءُ، اصل حقيقتون“، ”عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي“ ۽ ٻيا اهم آھن. ان کان سواءِ ھن سراج جي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ جو مھاڳ لکيو ۽ فهميده حسين جي ڪهاڻين جي مجموعي ”هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون“ جو پڻ مهاڳ لکيو.

    پشوپاشا (افسانن جو مجموعو) چار ڇاپا ( پهريون ڇاپو 1959ع)
    جمال ابڙو (ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت 1992ع )
    آتم ڪهاڻي (چئن ڀاڱن ۾)
    1-” ڏسي ڏوھ اکين سين“
    2- ”اونهي ڳالهه اسرار جي“،
    3- ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“،
    4- ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽
    5- ”مَر پيا مينهن وسن“ شايع ٿيل آھن.

    کيس ڪيترائي ادبي اوارڊ مليا ۽ سندس ادبي پورهئي عيوض 1994 ع ۾ کيس صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو. 30 جون 2004 تي هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪيائون پر سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪيل سندس خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن. هو اڄ به ياد آهي ۽ هميشه سندس لکڻيون اسانکي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون.


    حواله :

    ساهت ڏيهه جا سرجڻهار (ليکڪ رضوان گُل)
    وڪيپيڊيه ويب پيج
    ممتاز وگهيو جا سنڌ سلامت تي لکيل آرٽيڪل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 جون 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جمال ابڙو - جديد سنڌي ڪهاڻيء جو بانيڪار (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    جمال ابڙو سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ معتبر نالو آهي، سندس علمي ڪاوشون معياري ۽ سنڌي ٻولي جي تعليماتي مد ۾ اڻ مٽ آهن ۔۔۔ سندس پشو پاشا ڪتاب ڪافي وقت سنڌ جي يونيورسٽيز ۾ پڙهايو ويو آهي، سندس مختصر آکاڻيون پڙهڻ وٽان آهن ۔۔۔۔

    جيتوڻيڪ هي سهڻو انسان اسانکان جسماني طور الڳ ٿي ويو آهي پر سندس پورهيو اسانجي هٿن ۾ آهي جنهن سبب هو ڪئي صديون سنڌ جي تاريخ ۾ جيئرو رهندو ۽ روحاني طور اسان سان گڏ رهندو ۔۔۔

    محترم سليمان جا لک ٿورا جو هو سنڌي ستارن کي وقت سر ياد ڪرائي سنڌيت جو مان مٿاهون ڪري رهيو آهي ۔۔۔

    رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: جمال ابڙو - جديد سنڌي ڪهاڻيء جو بانيڪار (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    حالانڪ سائين جن کي مون ڪڏهن ڏٺو نه هيو۔ پر سندن ڪهاڻين جي باري ۾ ضرور ٻڌو هيو۔
    ادا سليمان اوهان جا لک ٿورا جو اهڙن انمول شخصيتن جي ياد کي تازو ڪريو ٿا۔۔۔

    رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين














    .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جمال ابڙو - جديد سنڌي ڪهاڻيء جو بانيڪار (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جمال ابڙو - جديد سنڌي ڪهاڻيء جو بانيڪار (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    محترم قاضي منظر حيات پاران جمال ابڙو کي ڏنل ڀيٽا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جمال ابڙو - جديد سنڌي ڪهاڻيء جو بانيڪار (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    جمال ابڙو ۽ سندس مختصر ڪهاڻي

    ادريس جتوئي

    [JUSTIFY]جمال ابڙي جي مختصر ڪهاڻيءَ جي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه بلڪل چٽيءَ ريت اڀري آئي آهي ته جمال ابڙو ئي پهريون ڪهاڻيڪار آهي جنهن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئون موڙ ۽ نوان لاڙا ڏنا، هن جي ڪهاڻين ۾ هيٺيون فني ۽ فڪري خاصيتون آهن، جن کي اسان بنياد بڻائي، مختصر سنڌي ڪهاڻيءَ جي روشن آئيندي ڏانهن وک وڌائي سگهون ٿا.

    جمال ابڙو پهريون ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي ڪهاڻيءَ ۾ تخليقي حقيقت نگاريءَ جو سگهارو لاڙو موجود آهي، ورهاڱي کان اڳ ڪجهه ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين ۾ اهو رجحان ابتدائي شڪل ۾ ضرور موجود هو، پر اهو ڀرپور فني ۽ فڪري سونهن سان ٺوس شڪل ۾ جمال ابڙي جي ڪهاڻين ۾ موجود آهي.

    جمال ابڙي پنهنجين ڪهاڻين ۾ نج سنڌي ڳوٺاڻي ماحول کي پهريون ڀيرو ڀرپور نموني سان چٽيو آهي، توڙي جو هن کان اڳ جي چند ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين ۾ مقامي ماحول جون جهلڪيون ملن ٿيون.

    جمال، مختصر ڪهاڻيءَ ۾ سماجي، خارجي ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي مسئلن کي موضوع بڻايو آهي، اها روايت جمال کان اڳ جي ڪهاڻيڪارن توڙي سندس همعصرن وٽ پڻ ملي ٿي، پر جمال ۾ نظرياتي شعور ۽ ڀرپور فن جي موجود هئڻ ڪري انهن موضوعن کي نهايت خوبصورت نموني سان نڀايو ويو آهي.
    جمال ابڙي جي ٻولي، پنهنجي دور جي سڀني ڪهاڻيڪارن کان مختلف آهي، هن جي ٻولي صاف سٿري، عوامي لهجي ۽ محواري واري آهي، جنهن ۾ نج پڻو ۽ ڳوٺن جي خوشبوءِ موجود آهي، هن جي ٻولي نه سگهڙن جي ٻوليءَ جهڙي آهي نه ان تي شاعراڻي رومانويت ڇانيل آهي، هن جي ٻولي هٿرادو ٺهيل ۽ سينگاريل نه آهي ۽ نه ان ۾ بيجان ۽ کوکلا لفظ آهن، پر هن جي ٻولي جاندار آهي ۽ زندگيءَ مان ڦٽي نڪتي آهي، پڙهندڙ ڪٿي به جمال ابڙي جي ٻوليءَ جي وهڪري ۾ لڙهي يا سحر ۾ گم ٿي نٿو وڃي ۽ نه ئي ٻولي جي انداز بيان ۾ گم ٿي، مقصد وڃائي ويهي ٿو، هن جي ٻوليءَ جي خوبصورتي، سندس مقصد کي وڌيڪ چٽو ۽ حسين بنائي ٿي، هن جي ٻولي اسٽائلش نه آهي پر اها بلڪل فطري لڳي ٿي، ڄڻ ته اها ٻولي جمال ابڙي جي ذهن ۾ رچي وئي آهي.

    جمال ابڙي جي ڪهاڻين ۾ شاندار ڪردار نگاري ملي ٿي، هن جي ڪردار نگاري مڪينيڪل نه ٿي لڳي، هو ڪردارن جي مٿان پنهنجي مرضي نه ٿو مڙهي ۽ اهي بلڪل آزاد آهن، ڪردارن جي ڏور ليکڪ جي هٿ ۾ نه آهي، پر اهي پنهنجي فطري مزاج، سڀاءَ ۽ نفسيات موجب چر پر ڪن ٿا، هن ڏٺل وائٺل ڪردارن ۾ ڀرپور تخليقي رنگ ڀريو، هو پنهنجن ڪردارن سان گڏ روئي ۽ کلي ٿو، هن جا ڪردار غريب ۽ پورهيت طبقي جا آهن، اهي مظلوم هوندي به ڏاڍا خوددار آهن، اهي پنهنجين ذلتن تي ڳوڙها نه ٿا ڳاڙين، پر ڪا نه ڪا جدوجهد جي راهه ڳولي ٿا لهن.

    جمال، پنهنجي سدا بهار اسٽائيل جي ڪري ٻين ڪهاڻيڪارن کان بلڪل نرالو نظر ايندو هو، هن وٽ پيار، سچائي ۽ خلوص آهي ته وري ڪاوڙ ۽ غصو به آهي، زندگيءَ جون تلخ حقيقتون ۽ انهن جو بيانيه انداز ۾ سگهارو اظهار پڻ موجود آهي، سندس ڪهاڻين ۾ فئنٽسيءَ جي انداز واريون جهلڪيون پڻ آهن، هن وٽ ننڍڙن ۽ مختصر جملن ۾ تمام وڏي ڳالهه چئي وڃڻ جو فن به هو، هو پنهنجي اسٽائيل ۽ پيشڪش ۾ قصي گو نه ٿو لڳي، نه ئي هو جرنلسٽ ۽ مضمون نگار ٿو لڳي، پر هو معنوي توڙي فني اعتبار کان هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار ٿو لڳي.

    جمال ابڙي وٽ گهرو سماجي شعور ۽ ان جو فنڪارانه اظهار ملي ٿو، هن عوامي مسئلن ۽ ضرورتن کي موضوع بڻائيندي پنهنجين تخليقن ۾ زندگيءَ کي حسين کان حسين تر بڻائڻ جو خواب ۽ پيغام ڏنو آهي، اهڙي قسم جو ادب ڏيڻ وقت هن جون ڪهاڻيون فارمولائي ۽ مڪينيڪل انداز واريون نه ٿيون لڳن، هن وٽ فن ۽ مقصد جو خوبصورت سنگم موجود هو.

    جمال ابڙو، ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو باني آهي، هن ترقي پسند تحريڪ جي عروج واري زماني کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، هن ترقي پسند تحريڪ جي چڱن ۽ مثبت اثرن کي ضرور قبول ڪيو، پر هن ڪڏهن به ترقي پسند تحريڪ جي گهرجن کي مصنوعي انداز ۾ آڏو رکي ڪهاڻيون نه لکيون، هن جون ڪهاڻيون ڌرتيءَ جي حالتن مان جنم وٺن ٿيون، هن پنهنجي سماج جو ڳوڙهو مطالعو ڪندي، اهڙيون تخليقون پيش ڪيون، جن جو مقصد ترقي پسند ادب جي هم معنيٰ ضرور آهي.

    جمال پنهنجي دور جي غلط ادبي نظرين ۽ لاڙن کي سختيءَ سان رد ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهن سنڌي سماج جي مزاج ۽ روح سان مطابقت نه ٿي رکي، هن جي هر سٽ بامقصد آهي، ان ڪري هن جي ڪهاڻين ۾ نه ابهام آهي نه ئي وري بي مقصديت.

    مطلب ته جمال ابڙي جون ڪهاڻيون، فن، ٻوليءَ، اسلوب موضوع توڙي سماجي شعور جي گهرائي جي حوالي کان پنهنجي همعصر يا ستت پوءِ ايندڙ ڪهاڻيڪارن کان وڌيڪ سگهارون آهن، اهي سنڌي ادب جو بي مثال سرمايو آهن، جن کي مثال بڻائيندي نئين نسل جو ڪهاڻيڪار اڳتي وڌي سگهي ٿو.[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جمال ابڙو - جديد سنڌي ڪهاڻيء جو بانيڪار (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    آدرشي انسان ۽ بيباڪ ڪهاڻيڪار جمال ابڙو

    رضوان گل

    [JUSTIFY]ڪهاڻي جو تعلق انساني زندگيءَ سان ايترو ئي پراڻو آهي جيترو انساني تاريخ، ڇا لاءِ ته انسان جي پيدا ٿيڻ سان ئي ڪهاڻي جنم وٺي ٿي ۽ پوءِ ان سان لاڳاپيل مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ جدوجهد دوران به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وجود ۾ اچن ٿيون. هونئن هر انسان به ته هڪ الڳ ڪهاڻي آهي يا وري ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ڪردار، جيڪو سڄي ڄمار مختلف اسٽيجن تي پرفارم ڪندو رهي ٿو ۽ آخرڪار سندس ڪردار جي پڄاڻي ٿئي ٿي. ڪهاڻي زندگيءَ جو عڪس آهي يعني ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ ذريعي سماج جو عڪس چٽي ٿو ته جيئن سماج اندر مثبت تبديليون اچي سگهن. سنڌي سماج ۾ جيڪا بدديانتي ۽ انياءُ آهي، انهيءَ حوالي سان ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن ڀرپور نموني لکيو آهي، جن مان بيباڪ ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جو نالو نهايت اهم آهي. هو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت رکندڙ آهي.

    جمال ابڙو 2 مئي 1924ع تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ننڍپڻ وارا ڏينهن ڳوٺ ۾ ئي گذريا، جتي هن ابتدائي تعليم به حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ سندس والد نوڪريءَ سانگي لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جنهن ڪري جمال ابڙي وڌيڪ تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتي. سندس والد جي مختلف هنڌن تي تقريرن جي نتيجي ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو. جڏهن ته مئٽرڪ ميرپور خاص جي هاءِ اسڪول مان ڪيائين. فرسٽ ايئر ۽ انٽر ڊي جي ڪاليج مان ڪرڻ بعد اين اِي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين پر پوءِ جلد ئي انجنيئرنگ واري شعبي کي خدا حافظ چئي قانون جي تعليم وٺڻ لڳو. سندس چوڻ موجب ”مون انگريزن جي نوڪري نه ٿي ڪرڻ چاهي، انهيءَ ڪري مون انجنيئرنگ ڪاليج ڇڏي لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي“.

    جمال ابڙو انهن خوش نصيب ليکڪن مان هڪ هو، جن جي قلم جي نوڪ مان نڪتل هر اکر جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت هوندي آهي. هن پهرئين ڪهاڻي ”هو حُر هو“ 1945ع ۾ لکي، جڏهن سندس عمر 24 سال هئي. پاڻ بهترين ڪهاڻيڪار هئڻ کان علاوه گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو مسلسل ڪم ڪرڻ جو عادي هو، کيس خاموش ٿي ويهي رهڻ کان چڙَ هئي. هن پنهنجي قلمي پورهئي سان سنڌي قوم ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ پاڻ ڪيترن ئي اعليٰ انتظامي عهدن تي فائز رهيو پر هن سچ لکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو.

    جمال ابڙي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات لاڙڪاڻي مان وڪالت سان ڪئي، جنهن بعد 1949ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر طور مقرر ٿيو. 1952ع ۾ کپري (سانگهڙ) ۾ سب جج ۽ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو رهيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عهدي تي ترقي ملي. 1972ع کان 1978ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري، 1978ع کان 1980ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج، 1981ع کان 1982ع تائين فيڊرل سروس ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، 1984ع کان 1985ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽1985ع کان 1986ع تائين اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين رهيو. اهڙيءَ ريت 10 اپريل 1986ع تي ملازمت تان رٽائرمينٽ ورتائين.

    جمال ابڙي پنهنجي ڪهاڻين ۾ معاشري جي اهڙن ڪردارن جي پت وائکي ڪئي جيڪي اسان جي سماج ۾ بظاهر عزت دار ۽ پوتر آهن، جڏهن ته سندن اصل چهرا ڀيانڪ ۽ مڪروهه آهن. اهي مير، وڏيرا، پير هجن يا جاگيرداراڻي نظام جا چڱا مڙس. جمال ابڙو، اياز قادري ۽ غلام رباني آگرو سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽه مورتيءَ طور سڃاتا وڃن ٿا، جن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئين زندگي ڏني. اهو ئي سبب آهي جو سندن ڪهاڻيون اڃ به پڙهيون وڃن ٿيون. جمال ابڙي جيتوڻيڪ سڄي عمر ۾ رڳو سترنهن ڪهاڻيون لکيون، پر اهي سترنهن ئي ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ اهميت رکندڙ آهن.

    ”خميسي جو ڪوٽ“، ”پيراڻي“، ”منهن ڪارو“، ”بدتميز“، ”شاهه جو ڦر“، ”ماءُ جي جهولي“ ۽ ”پشو پاشا“ جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون جمال ابڙي پاران سنڌي ادب جو سرمايو رهندا. سندس ڪهاڻين جا اڪثر موضوع ظلم، جبر، ڏاڍ، سماجي ناانصافي، حقن جي لتاڙ ۽ اهڙا ڪُڌا ڪردار رهيا آهن جن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي چيچلائي ماريو آهي. اهي ڪردار من گهڙت نه، پر جيئرا جاڳندا اسان جي سماج ۾ موجود آهن. سندس ڪهاڻيون سنڌي سماج جو آئينو آهن. جمال ابڙي جون سنڌي ادب ۾ ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. وسارڻ جهڙي ڳالهه ته اها به ناهي جو هن پنهنجي اولاد مان بدر ابڙي جهڙو جاکوڙي محقق، تاريخ دان ۽ صحافي سنڌ کي ڏنو آهي، جنهن ڪيترن ئي شعبن ۾ اورچائي سان پنهنجي منهن ڪم ڪيو آهي. جمال ابڙي 30 جون 2004ع تي وفات ڪئي.[/JUSTIFY]
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    امر ڪهاڻيڪار جمال ابڙو جي اڄ اٺين ورسي جي موقعي تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    دوستو جمال ابڙو سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي جنهن تمام ٿورو پر گهڻو سٺو لکيو۔ هن جا چار ڪتاب (آتم ڪٿا وارا) نظر مان گذريا آهن۔ ڪهاڻين جو مجموعو يا وري ڪا لنڪ هجي الڳ الڳ ته ٻڌائجو۔ جي ناهن ته سنگت تي بار آهي ته هٿ ڪري۔ گڏجي ڪمپوز ڪري سليمان وساڻ پاران هلندڙ ڪهاني سيريز ۾ آڻجن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه هلال پاڪستان ۽ روزانه سڪار ۾ ڇپيل ساڳيو ڪالم
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ڪهاڻي جي وڏي نالي سائين جمال ابڙو کي سندس ورسي تي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهراڻ جا موتي: جمال ابڙو

    محمد عثمان ميمڻ

    جمال ابڙو سنڌي ادب جي ڪهاڻي کيتر ۾ ناليوارو ۽ سگهارو ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻين کي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. هن جون ڪهاڻيون سنڌ جي تاريخي الميي، سماجي، سياسي، طبقاتي ۽ معاشي حالتن جي چڪيءَ ۾پيڙهيل سماج جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري روان حالتن ۽ مستقبل کي بيان ڪن ٿيون. جمال ابڙي جون ڪهاڻيون سماجي ۽ سياسي منظرنامي کي پيش ڪندي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي، فرد ۽ فردن جي تڪليف ۽ بيزاري کي بيان ڪن ٿيون. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار ۽ احساس وجود جي هجڻ واري احساس وجود جو اظهار ڪن ٿا. سندس ڪهاڻيون اظهار جي طريقيڪار کي بيان ڪن ٿيون. جيڪو طريقيڪار، فن، ڪردار ۽ احساس تي ٻڌل آهي. سندس جنم 2 مئي 1924ع تي ميھڙ شھر جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ديهه منگواڻي ۾ علي خان ابڙي جي گھر ۾ ٿيو. علي خان ابڙو پنھنجي وقت جو ھڪ ناميارو تعليم دان، اديب ۽ ليکڪ ٿي گذريو آھي. جمال ابڙي شروعاتي تعليم ڳوٺ منگواڻيءَ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم ميونسپل ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. جڏھن ته ھن ڪاليج جي تعليم بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. 44- 1943ع ۾ بنگال ۾ آيل ڏڪار دوران رضاڪار طور خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ بنگال ويو. ھن اين اي ڊي (NED) انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، پر پوءِ انجنيئرنگ ڇڏي ”لا“ (Law) ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. جمال ابڙي ڪجھه عرصي تائين خاڪسار تحريڪ ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو، ان کان علاوه ھو ٻين مزدور تنظيمن جو به ميمبر رھيو. سندس والد وٽ ھڪ سٺي لائبريري ھئي، جنھنڪري ھن ننڍپڻ ۾ ئي ٽئگور، منشي پريم چند، ٽالسٽاءِ ۽ ٻين ليکڪن جا ڪتاب پڙھي ڇڏيا ھئا. ھن پھرين ڪھاڻي ”ھو حر ھو“، 25 سالن جي عمر ۾ 1949ع ۾ لکي، 24 سالن جي عمر ۾ 1948ع کان لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ھو بعد ۾ 1949ع ۾ شھدادڪوٽ جو پوليس پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو، جتي 1951ع تائين رھيو. 1952ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سول جج کپرو مقرر ٿيو، جنھن کان پوءِ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊي الھيار ۽ حيدرآباد ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عھدي تي ترقي ڏني وئي ۽ ترقي ڪندو 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ ان عھدي تي 1978ع تائين رھيو. 1978ع کان 1980ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج، 1981ع کان 1982ع تائين فيڊرل سروسز ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، 1984ع کان 1985ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ 1985ع کان 1986ع تائين اينٽي ڪرپشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رھيو. 10 اپريل 1986ع تي سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. جمال ابڙو شيخ اياز جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ھجڻ دوران سينڊيڪيٽ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به رھيو. سندس شاھڪار ڪھاڻين جو مجموعو ”پشو پاشا“ ھو، جيڪو تمام گھڻو مشھور ٿيو. ھن ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ ”مارشل لا ۽ اسلام آباد“ جي عنوان سان ڪھاڻي لکي. اھا ڪھاڻي بعد ۾ ”فرشتو“ جي عنوان سان ’برسات‘ ۾ ڇپي. جمال ابڙي جي ڪهاڻين مان ”پِشو پاشا“،”پيراڻي“، ”مان مرد“، ”بدتميز“، ”شاھ جو ڦر“، ”بدمعاش“، ”منھن ڪارو“، ”ڪارو پاڻي“، ”مھرباني“، ”خميسي جو ڪوٽ“، ”لاري“، ”سينڌ“، ”فرشتو“، ”ماءُ جي جھولي“، ”لاٽ“ ۽ ٻيون اهم آھن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اپٽار آهي. ھن ڪيترائي شاھڪار مضمون پڻ لکيا، جن ۾ ”شاھ محض صوفي نه ھو“، ”پاڪستان ٺھراءُ، اصل حقيقتون“، ”عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي“ ۽ ٻيا اهم آھن. ان کان سواءِ ھن سراج جي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ جو مھاڳ لکيو ۽ فهميده حسين جي ڪهاڻين جي مجموعي ”هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون“ جو پڻ مهاڳ لکيو. جمال ابڙي جي ڪھاڻين جا ترجما اردو، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن. ھن 1974ع ۾ روس ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. سندس آتم ڪٿا جا پنج جلد: 1-” ڏسي ڏوھ اکين سين“ 2- ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، 3- ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، 4- ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽ 5- ”مَر پيا مينهن وسن“ شايع ٿيل آھن. جمال ابڙي پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي نه ختم ٿيندڙ ڪرڀ ۽ مسئلن کي سگهارن احساسن جي ذريعي تخليق ڪيو. اهي احساس رياست جي جبر، مذهبي آڙ، سياست جي منقي استعمال، انسانن جي هڪ ٻئي سان تعلق ۽ رويي، مذهب جي پردي ۾ طبقاتي وڇوٽي، ناانصافيءَ، بک ۽ بيروزگاري جي ڪري جنم وٺن ٿا. سندس قلم مان نڪتل ڪهاڻيون نراسائيءَ ۾ ورتل اونداهيءَ ۾ ٿاڦوڙا کائيندڙ فردن جون ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻيون بيٺل پاڻيءَ ۾ چنڊ جي عڪس کي ڏسڻ جي چاهت رکندڙ انسانن جون آهن، جيڪي پنهنجو چهرو ڏسي آئيني کي ٽوڙي ڇڏين ٿا. سندس فن پنهنجن همعصر ليکڪن کان ڌار ۽ نمايان بيهاري ٿو. ھن 30 جون 2004ع ۾ 80 سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو، جتي کيس گزريءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو