• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيءُ 7 سالن کان لڄالٽ ڪئي پئي، 3 حمل ضايع ڪرايا:صغريٰ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ TAHIR SINDHI
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
پيءُ 7 سالن کان لڄالٽ ڪئي پئي، 3 حمل ضايع ڪرايا:صغريٰ

مديجي (ن ڪ) ڳاهيجا ۾ ڌيئرن سان ڏاڍائي جي الزام هيٺ آيل جوابدار روشن شاهه ۽ سندس ڌيئرن ليليٰ ۽ صغريٰ کي ڪالهه پوليس سول جج ڳڙهي ياسين جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي صغران ساڳيو بيان ڏنو ته پيءُ گذريل ستن سالن کان جنسي ڏاڍائي ڪندو پئي آيو، مون کان اڳ وڏي ڀيڻ روزينه سان به هو ڏاڍائي ڪندو رهيو، جنهن 2 حمل ضايع ڪرايا، بعد ۾ هوءَ ظلم سهندي نيٺ فوت ٿي وئي، مون به 3 حمل ضايع ڪرايا آهن، جڏهن ته ليليٰ بيان ڏنو ته پيءَ مون سان به ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، ڀائرن پهچي بچايو، ان بعد پوليس ذريعي پيءُ کي گرفتار ڪرايو، عدالت ۾ جوابدار روشن شاهه بيان ورجائيندي چيو ته ڌيئرن کي پٽ استعمال ڪري غلط الزام هڻائي رهيا آهن، عدالت ۾ بيان بعد ڀينرن کي وومين پوليس ڳاهيجا ۾ گهر پهچايو، جڏهن ته جوابدار روشن شاهه کي شڪارپور جيل حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف اهڙو واقعو ظاهر ٿيڻ بعد علائقي جو هر ماڻهو اچرج ۾ آهي ۽ وڏو بحث ڇڙجي ويو آهي، هوڏانهن رابطي تي ڳاهيجا پوليس چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ ميڊيڪل رپورٽ ليبارٽري مان اچي ويندي ان بعد معاملو واضح ٿي ويندو.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
 
جواب: پيءُ 7 سالن کان لڄالٽ ڪئي پئي، 3 حمل ضايع ڪرايا:صغريٰ

الله پناه ڏي شيطان جي شيطانيءَ کان، جڏهن شيطان انسان جي رڳن ۾ هليو وڃي ۽ انسان پاڻ شيطان ٿي پوي ته نعوذ بالله اهڙا ئي ڪم ٿيندا آهن ۔۔۔ هيءَ ساڳي خبر هڪ ڏينهن اڳ اسانجي دوست محمد به ونڊ ڪئي هئي،

انا لله وانا عليه راجعون
 
جواب: پيءُ 7 سالن کان لڄالٽ ڪئي پئي، 3 حمل ضايع ڪرايا:صغريٰ

رب سائيين هر نياڻي کي پناه ۾ رکي حقيقت ڇا آهي ، خدا بهتر ڄاڻي ٿو، پر اڃڪلهه اهڙا بيان ٻڌڻ ۾ اچن پيا،
 
جواب: پيءُ 7 سالن کان لڄالٽ ڪئي پئي، 3 حمل ضايع ڪرايا:صغريٰ

مان ابڙي صاحب جي ڳالهه سان متفق آهيان

پر هڪ ڳالهه سمجهه کان چڙهيل آهي ته لڳاتار ست سال وڏو عرصو آهي ٽئي حمل به وڏي ڳالهه آهي ان عرصي دوران

اها عورت يا ڌي ڪٿي هئي ؟؟؟؟؟


پر هاڻي وري اچانڪ اهڙا بيان ڏيڻ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ؟؟؟؟؟؟؟؟


سدائين گڏ
 
Back
Top