نه ۽ ها جو فلسفو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    نه ۽ ها جو فلسفو
    مترجم ؛ نثارابڙو
    نوٽ؛ انگريزي ليک جو ترجمو آهي، ليک لکڻ واري جو نالو لکيل نه هو
    **************
    نه ۽ ها ٻه ننڍڙا لفظ آهن، پر انهن کي ادا ڪندي گهڻي سوچ جي ضرورت هوندي آهي، ممڪن ڪيتريون شيون اسين زندگيءَ ۾ صرف ” نه ” ۽ “ها “ جلد چوڻ سبب وڃائي ويهندا آهيون ...!!! .... ان بابت سوچجو ....... !!!
    **************

    اهو آهي رويو؛

    1) زوردار مينهن اسانکي زندگيءَ جي مشڪلن سان وڙهڻ جو سبق ڏي ٿو،
    ڪڏهن به هلڪي مينهن جي دعا نه ڪريو
    پر هڪ مضبوط ڇٽي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

    2) جڏهن ٻوڏ ايندي آهي ته مڇيون ماڪوڙين کي کائينديون آهن ۽ جڏهن ٻوڏ سڪندي آهي ته ماڪوڙيون مڇين کي کائينديون آهن ... وقت جي ڳالهه آهي، صبر ڪريو ... فطرت هر انسان کي وارو ڏيندي آهي!

    3) صحي انسان جي ڳولها ڪرڻ زندگي ناهي پر صحي رشتا پئدا ڪرڻ آهي ... شروع جو نڀاءُ ته ٿي ويندو آهي پر اصل ڳالهه آهي توڙ نڀائڻ.

    4) ڪجهه ماڻهون هميشه اوهانجي راه ۾ پٿر اڇلائيندا آهن، اهو اوهان تي آهي ته اوهان انهن جو ڇا ٿا ڪريو، ديوار ٿا ٺاهيو يا پل ... ياد ڪريو اوهين ئي پنهنجي زندگيءَ جا ڪاريگر آهيو.

    5) هر هڪ مسئلي جا (ا+1) حل آهن، جڏهن ته (ا) اهي حل آهن جيڪي اوهان آزمايا آهن ۽ (1) اهو حل آهي جيڪو اڃان اوهان آزمايو ناهي ... اها آهي زندگي!

    6) اهواهم ناهي ته اوهانجي هٿ ۾ ڪيترا قيمتي ڪارڊ آهن، اهم اهو آهي ته اوهان انهن جو ڪڏهن ۽ ڪئين استعمال ٿا ڪريو؟

    7) جڏهن اسين سڀ اميدون وڃائي ويهندا آهيون ۽ اهو سمجهندا آهيون ته انت ٿيڻ وارو آهي، انوقت ڌڻي پاڪ اوهان جي مٿان کلي چوندو آهي، سڪون ڪر، منهنجا بندا! اهو ته هڪ موڙ آهي انت ناهي، ايمان مضبوط ڪر ۽ ڪامياب ٿي.

    8) جڏهن اوهان ڏک محسوس ڪيو ۽ مشڪ ختم ٿي وڃي، ان وقت آئيني جي سامهون وڃو ۽ چئي ڏيو ته، اڙي اڻڄاڻ، تون ته معصوم آهين، ڏک ته ايندا ۽ ويندا آهن، ۽ اوهان جا ڏک ختم ٿي ويندا ... پر ائين هميشه نه ڪجو ڇاڪاڻ ڪوڙن جي جاءِ دوزخ آهي.

    9) ڌڻي تعالا ۽ انسان ۾ هڪ اهم فرق هي به آهي ته، خدا ڏيندو آهي ۽ ڏئي معاف ڪري ڇڏيندو آهي، پر انسان حاصل ڪندو آهي ۽ حاصل ڪري وساري ويهندو آهي ... زندگيءَ ۾ شڪرگذار ٿيو ...

    10) هن دنيا ۾ صرف ٻن قسمن جا ماڻهون خوش رهندا آهن؛
    هڪ آهي چريو ۽ ٻيو آهي ٻار
    اوهان جيڪي ڪجه چاهيو ٿا ان کي چريا ٿي حاصل ڪريو
    ۽ جيڪو حاصل ڪيو اٿوَ انکي ٻارن جيئان استعمال ڪرڻ سکو.
    ++++++++++++
    ڇا ته هڪ اردو ٻوليءَ جي شاعر چيو آهي ته
    هم سي ساري عمر يهي غلطيان هوتي رهين “ محسن”
    دهول چهري پي ٿي اور هم آئينا صاف ڪرتي رهي.

    [​IMG]

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نه ۽ ها جو فلسفو

    صحي انسان جي ڳولها ڪرڻ زندگي ناهي پر صحي رشتا پئدا ڪرڻ آهي ... شروع جو نڀاءُ ته ٿي ويندو آهي پر اصل ڳالهه آهي توڙ نڀائڻ.

    سائين نثار سلام

    لاجواب ونڊ جنهن ۾ زندگيء سان نڀاء ڪرڻ جا طور طريقا ٻڌايل آهن۔ رشتا پيدا ڪرڻ ته واقعي سولو آهي ۽ ماڻهو جي صبح جو گهر کان نڪري ته شام جو واپسي تائين ڪيترائي رشتا ڳنڍي اچي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هر هڪ سان نڀائڻ ڪو سولو ناهي۔ اسان به اوهان جي مٿين ڳالهه تي عمل ڪندي سنڌ سلامت ۽ سنڌ سلامت جي دوستن سان لڳايل ناتي کي نڀائڻ جي ڪوشش پيا ڪيون ۔۔۔۔۔۔ دعا ڪريو ته ان ۾ ڪامياب وڃون۔

    مونکي ڍول فقير جو اهو ڪلام ياد پيو اچي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته ”جي لائجي ته نڀائجي نه ته اصلي نه لائجي۔“

    يا وري استاد بخاريء جون سٽون ته :

    هڪ ته ڪنهن سان دل نه لائجي، جي لائجي ته پوء نڀائجي، جي نڀائجي ته ٿي جوان
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: نه ۽ ها جو فلسفو

    جزاڪم الله احسن الجزا
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نه ۽ ها جو فلسفو

    بهترين پيارا ٻول آهن، اوهان جو ترجمو به عمده ۽ ماهرانه آهي، يقينن ترجمي ۽ ڪمپوز ۾ به وڏو ٽائيم لڳندو آهي، سلام آهي سائين اوهان جي همت کي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو