نثارابڙو
نائب منتظم
ڪالهه اوچتو دوست سليمان وساڻ مونڏانهن سائين شمشير جو گيت موڪليو ٻڌڻ لاءِ، گيت ڇا موڪليو منهنجي اندر جي حساس ۽ عاشق دل کي جهنجهوڙي وڌو ۔۔۔ بس پوءِ سڄو ڏينهن ان گيت نه فقط سرور ادا ڪيو، پر جيڪو اکين ۾ ڪجر هو سو جر جي سبب ڌوپي صاف ٿي ويو ۔۔۔
دوستو! محترم سائين شمشير الحيدري اڄڪلهه بيمار به رهي ٿو ۽ سندس عمر به 80 جي ڏهاڪي ۾ آهي، هن شينهن مرد نه ته ڪڏهن وقت کان مات کاڌي آهي ۽ نه ڪڏهن ڪنهن فطري حادثن کان پر ٻه ڏينهن اڳ سندس ڪمزوري ڏسي ۽ مٿان وري هي گيت ٻڌي، الائجي ڇو اکين مان نير وهندا رهندا ۔۔۔
دوستن کي عرض آهي ته سندس جي صحتيابي لاءِ ڌنيءَ در دعاڳو ٿين ۔۔۔

http://imageshack.us
شمشير الحيدريءَ جو گيت
تون ياد وري آئين،
1
دل درد سان ڀرجي وئي، اکين ۾ اٿل آئي
تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين
2
چپڙن جي ڪنارن تي، ڄڻ باهه ٻري آئي
تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين
3
انگ انگ ۾ اٿيا اڌما، لونءَ لونءَ ۾ وره وائي
تون ياد وري آئين، تون ياد وري آئين
4.
الفت جي اسيرن کي، ماري وئي تنھائي
تون ياد وري آئين، تون ياد وري
5.
رڳ رڳ ۾ هلي هوريان، احساس جي ڪتڪائي
تون ياد وري آئين تون ياد وري آئين