انڊس سوشل فورم جو تعارف

'تعارف' فورم ۾ خادم حسين ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2011۔

  1. خادم حسين ميمڻ

    خادم حسين ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    موبائيل جو دڪان آهي
    ماڳ:
    مٽياري
    انڊس سوشل فورم سماج ۾ مثبت تنديلي آڻڻ لاءِ نوجوانن جو هڪ گڏيل پليٽ فارم آهي، جنهن ۾ تعليمي ۽ تربيتي موقعا فراهم ڪري، نئين ٽهيءَ ۾ بيداري پيدا ڪري گڏيل جدجهد لاءِ همٿايو وڃي ٿو

    انڊس سوشل فورم اهو محسوس ڪيو آهي ت اڄ جو نوجوان سياسي، معاشي ۽ اخلاقي تعليم جي حوالي سان ڏيوالپڻي جو شڪار آهي. نوجوانن لاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ درسي تعليم کانسواءِ سکڻ، پرکڻ ۽ پرُوڙڻ جا موقعا ن هئڻ جي برابر آهن. موجوده تعليمي نظام ناقص هجڻ سان گڏ نوجوانن جي ذهني اوسرلاءِ ب ڪي خاطرخواه بندوبست ٿيل ن آهن، نتيجي ۾ اڄ جو نوجوان صحتمند سرگرمين جي بجاءِ غير اهم ۽ منفي سرگمين ڏانهن راغب ٿي چڪو آهي. انڊس سوشل فورم ان وڳاله ۾ يقين رکي ٿي ت ڪنهن ب سماج ۾ مُثبت تبديلي آڻڻ لاءِ نوجوان پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. نوجوان ئي مستقبل جا اڳواڻ آهن ۽ مستقبل جا سمورا سياسي، سماجي ۽ ،معاشي معاملا سندن زندگي تي سڌيءَ طرح اثر انداز ٿيندا، انهيءَ ڪري اڄ جي نوجوان کي باخبر رکڻ ۽ سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. انڊس سوشل فورم پنهنجي اهم ذميواري سمجھندي سڄي سنڌ جي ڪُنڊ ڪُرڇ ۾ نوجوانن کي ليڪچر پروگرامن جي ذرعي نئين ٽهيءَ جي نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪري رهي آهي



    President Indus Social Forum 0333-2858772

    Karachi circle Organizing Committee 0313-2842348

    Central Press Secretay 0306-2000660

    Indus Social Forum Office 021-37646919
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انڊس سوشل فورم جو تعارف

    سڀ کان پهريان ته محترم دوست خادم حسين ميمڻ کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ۔ اوهان کي عرض ته هت ڪلڪ ڪري سنڌ سلامت جي تعارف واري سيڪشن ۾ پنهنجو تعارف ڪرايو ته جيئن دوستن سان اوهان جي ڄاڻ سڃاڻ ٿئي۔

    انڊس سوشل فورم جي دوستن کي سلام آهي جيڪي سنڌ جي اهم اشو تعليم تي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن۔ تعليم ئي اسان کي هن وقت دنيا سان مقابلي ڪرڻ جي سگهه ڏيندي ۽ اسان پنهنجي بقا قائم رکي سگهنداسون۔ انڊس سوشل فورم جي دوستن سچل ڳوٺ ۾ پڻ مفت ٽيوشن ۽ تعليمي آگاهي وارو پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن جا پمفليٽ اسان کي به مليا ۽ اسان به دوستن کي آگاهي ڏني هئي۔

    تمام سهڻو ڪم جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو