زاهد ميراڻي
سينيئر رڪن
رات جو ڪجهه دير ڀرو ڪنهن کڙڪي تي سندس اک کلي ته پُٽَ جي ڪمري طرف نگاهه ڪيائين، سندس ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي، اڳتي وڌ درَ کي هلڪو کولي ڏٺائين ته سندس پُٽُ جاڳي رهيو هو، کائُنس پڇيائين، ” پُٽَ ڇا، ٿو ڪري؟“،
هن جواب ڏنس، ”امان پڙهان پيو“،
ماڻهنس چيو، ” صدقو وڃان پنهنجي پٽڙي تان، ڪيڏي نه محنت ٿو ڪري، هُوءَ دل ۾ خوش ٿي ته منهنجو ٻچڙو سڄي، سڄي رات جاڳي پيو پڙهي، الله ڪندو پڙهي ڪو وڏو ماڻهو ٿيندو، دل ۾ چيائين، ” تنهنڪري ئي ته ڳري ويو آهي، منهنجو ٻچڙو، سڀاڻي کان سندس کاڌي جو خيال رکنديس“،
دل ۾ آيس ته پڇانس ته صحي ڇا؟، پيو پڙهي، کائنس پڇيائينس، ” ابا ڇا؟، پيو پڙهين“،
پُٽَ جواب ڏنس، ” امان ڇوڪرين جي ايس ايم ايس پيو پڙهان!“،
ماڻهنس لعنتن جا ڦهڪا وهائيندي چيو، ” لک جي لعنت ٿي ڇورا، منهن ڪارا، مان به چوان ڪا ته ڳالهه آهي جو ڇورو روز، روز وڃي پيو ڳرندو“.