اي پرين!خدا جي واسطي

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
نظم
اي پرين!خدا جي واسطي
تون
اهڙا پهر ڇو ٿو وهين؟

هن معصوم دل سان
جيڪا پلڻ جي نـ آ
اُن اڻ پلي سان
تون
ايڏا قهر ڇو ٿو ڪرين ؟
اي پرين! تون
سمجھين نٿو

هي دل جھلڻ جي نـ آ
اُن اڻ جهلي تي
تون
ايڏا ڏمر ڇو ٿو ڪرين؟

اي پرين! خدا جي واسطي
هي دل سهڻ جي نـ آ
تون
ان جي ڀلا
زندگي زهر ڇو ٿو ڪرين ؟

اي پرين!خدا جي واسطي
منهنجي معصوم دل سان
اهڙا پهر ڇو ٿو وهين؟

مزمل چانڊيو
 
جواب: اي پرين!خدا جي واسطي

هي دل جھلڻ جي نـ آ
اُن اڻ جهلي تي
تون
ايڏا ڏمر ڇو ٿو ڪرين؟


واهه ادا

بهترين شاعري۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top