اي پرين! تون ئـي ٻڌاءِ

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
نظم

اي پرين! تون ئـي ٻڌاءِ
اهــيو تنهنجــــو کــلڻ
۽ تنهـــنــجـــــو ملــڻ
ڇــا وســـاري ويهان؟

هــر روز جـــــئيـــــان
ڏسـي مونکــي سڏڻ
منهنجـــو تـــوڏي اچڻ
ڇــا وســـاري ويهان؟

ســالــن کــــان پـــوءِ
حــال هـيڻـــــو پڇـــڻ
منهنجـــو روئـــي پوڻ
ڇــا وســاري ويهـان؟

بـاغـــن ۾ جـــــانـــي
توسان گــڏجي گهمڻ
هـوريان هــوريان هلڻ
ڇــا وســـاري ويهان؟

ننـڍي ٻـــارن جــئيــان
هـر ڳالھ تـــــي رُسڻ
رُســــــڻ ۽ وڙهـــــڻ
ڇــا وســـاري ويهان؟

ٻــڌي آڱــــر ڪــــري
مونسـان تنهنجــو ٺهڻ
مونکي "ســوري"چوڻ
ڇــا وســـاري ويهان؟

منهنجــي ڀـر ۾ اچــي
ٿـورو مـرڪـــي ويهڻ
گلاب مـونکـــي ڏيـــڻ
ڇـــا وســاري ويهان؟

مـور جـئيــان تنهنجـــو
بـــرســـات ۾ نچــــڻ
گــــيت پيــارا ڳــائيــڻ
ڇـا وســــاري ويهان؟

اي پرين! تون ئـي ٻڌاءِ
مان ڪيئن وساريان

مزمل چانڊيو
 
جواب: اي پرين! تون ئـي ٻڌاءِ

منهنجــي ڀـر ۾ اچــي
ٿـورو مـرڪـــي ويهڻ
گلاب مـونکـــي ڏيـــڻ
ڇـــا وســاري ويهان؟


خوبصورت شاعري ۔۔۔۔۔۔۔

واقعي اهڙي صورتحال م وسارڻ ڏکيو آهي ۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top