• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ولادتِ بيبي زينب سلام الله عليها

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ولادتِ بيبي زينب سلام الله عليها .
شعبان جومهينو ڪربلا جي هيروز جو مهينو آهي شايد ان مهيني کي نبي پنهنجو مهينو به ڪربلا جي ڪري ئي چيو هو. هن مهيني ۾ ڪربلا جي هيروز جون ولادتون ٿيون آهن. پهريان ته آءُ بيبي جي حوالي سان ڪجھ لکان سوچيان ٿو ته ان کان پهريان هن مهيني جي ولادتن کي دهرائيندو هلان ٿو.
پهرين شعبان _ ولادت بيبي زينب سلام الله عليها
ٽين شعبان _ ولادتِ امام حسين عليه السلام
چوٿين شعبان_ ولادت تاجدارِ وفا جناب غازي عباس علمدار عليه السلام.
ستين شعبان _ ولادتِ با سعادت شهزاده قاسم عليه السلام
يارهين شعبان _ ولادتِ شهزاده همشڪلِ پيغمبر جناب علي اڪبر عليه السلام.
پندرهين شعبان _ ظهورِ امام ِ زمانه عليه السلام شبِ برائت .

نبي اڪرم صلعم جي حديث ِ مبارڪ آهي ته رجب جو مهينو منهنجي ڀاءُ وصي علي ابنِ ابي طالب جو مهينو آهي ، شعبان جو مهينو منهنجو مهينو آهي ، ۽ رمضان جو مهينو الله جو مهينو آهي .
اها هڪ حقيقت آهي ته هر پل هر ڏينهن هر مهينو هر سال الله ۽ ان جي رسول جو آهي ليڪن ڪنهن هڪ مهيني يا سال ڏانهن خصوصيت ڏيڻ خاص عمل جي نشاني آهي .

بيبي زينب ثاني زهرا محافظِ پيغامِ حسين و آلِ حسين عه جناب بيبي زينب سلام الله عليها اوهان سڀني مسلمانن کي مبارڪ هجي ۔
جنهن هستي جي ولادت جي سلسلي ۾ مون هي لکڻ جي جسارت ڪئي آهي اها هستي ڪربلا جي هڪ محافظ جي ڪردار طور سڃاتي ويندي آهي . غمن ۾ ڀاءُ سان برابر جي شريڪ طور سڃاتي ويندي آهي . آءُ هتي عورت جي ڪردار جي طور جنابِ ثاني زهرا سلام الله عليها جي زندگي تي لکڻ چاهيندس.
شايد اوهان منهنجي لکڻين ۾ لفظ قدر يا جملو انساني قدرن جو اقتدار گهڻي ڀاڱي محسوس ڪيو هوندو. ان ۾ ڪا حقيقت ناهي ته انسان جا قدر و انساني اقتدار ئي اها حقيقت آهي جا انسان کي ساري خلق کان اشرف بڻائي ٿي . حيوان ، فرشتن ۽ انسان ۾ جيڪو بنيادي فرق آهي اهو ان اقتدار جو ئي ته آهي۔ حيوان وٽ شهوت آهي عقل ناهي ان جي مثال آءٌ اوهان کي ڏيندو هلان اوهان جانور اڳيان هڪ سائو فصل ڏيکاريو ۽ هڪ طرف سُڪو گاه ڏيکاريو توهان لک سمجهايو ته هي فصل پرايو آهي جي تون هن پرائي فصل ۾ هليو وئين ته جهيڙو ٿي ويندو قتل و غارتگري ٿي ويندي پر اوهان جيئن ان مان رسو ڪڍندا ته هو اوڏانهن ويندو جيڏانهن سائو گاه هوندو. فرشتن وٽ عقل آهي ليڪن خواهش ناهي . اهڙي طرح ويچارن ملائڪن کي ڪهڙي خبر ته گهر جون ڪهڙيون مجبوريون هونديون آهن اولاد جا ڇا مسئلا هوندا آهن معاشرتي مسئلا ڪهڙا هوندا آهن.

اهڙي طرح سان بيشڪ عورت ۽ مرد آهن ته آدم پر ٻنهي جون قدرون ۽ انهن قدرن جو اقتدار عليحده آهن. عورت جون ذميداريون عليحده عليحده آهن . هر هڪ جي ذميداري ان جي خلقت جي حساب سان آهي . جي ڪو پنهنجي خلقت جي حساب سان زندگي گذاري ته ان کي عبادت چئبو آهي. دنيا ۾ اسان مسلمانن جو اسلام ناز آهي. اسان اسلام جا ناز ناهيون، عبادت انسان جو ناز آهي ، پر دنيا تي ڪجھ هستيون اهڙيون آهن جي تي انسانيت ناز ڪيو آهي. حسين انسانيت جو ناز آهي حسين تي عبادت کي ناز آهي . حسين عه تي مردانگي کي ناز آهي ، حسين تي شجائت کي ناز آهي . يعني جي ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو انساني قدرن کي حسين تي ناز آهي جنهن انساني قدرن کي ڪامل بڻايو. حسين عه تي خالق کي ناز آهي يقينن ڪربلا ۾ فرشتن کي پروردگا ضرور چيو هوندو ته ڏسو مون اوهان کي نه چيو هو ته جيڪو آءُ ٿو ڄاڻان اهو اوهان نه ٿا ڄاڻو. ڏسو مون انسان کي هي روپ ڏنو هو توهان انسان کي ايثار و قدر جي ڪمال کي نه ڏٺو هو. ڏسو هي منهنجي خلقت بيشڪ اهو خالق جو ناز آهي احسن تقويم جو ڪامل مظهر آهي. مون لکيو ٿي ته مردانگي شجائت ، دليري عزت و آبرو کي ڪربلا جي هر شخص تي ناز آهي . ان ريت جتي ڪربلا جو ذڪر اچي اتي علي عه جي شير دل ڌيء جيڪا ڪربلا جي ڪربلا کان پوءِ ڪربلا ٿي وئي جنهن يزيد جهڙي شخص جا تختا اڏائي ڇڏيا جنهن جي ڪردار تي عورت کي ناز آهي پردو عورت جو ناز هوندو آهي هتي پردي کي سائڻ زينب سلام الله عليها تي ناز آهي.

حضرت سائڻ زهرا سه جو فرمانِ اطهر آهي ته پردو عورت جو بهترين زيور آهي۔ ۽ پردي جو ڪملال هي آهي ته نه عور ت ڪنهن نامحرم کي ڏسي نه ڪو نامحرم ڪنهن عورت کي ڏسي. هي ان گود جي پرورده نياڻي زينبِ ڪبرى زينب سلام الله عليها آهي . يقين ڪيو جڏهن مون سائڻ ثانيءِ زهرا زينب سلام الله عليها جي تاريخ ۾ يزيد سان مخاطب ٿيندي هي جملا پڙهيا ته گهڻي دير تائين آءُ اهو سوچيندو رهيس ته هنن جملن تي آءُ روئان يا ناز ڪيان، جڏهن سائڻ يزيد جي درٻار ۾ آئي ته سائڻ جي چوڌاري جانثارانِ حسين عه جون عورتون هيون ۽ هر درٻار ۾ ائين ئي رهيو ته جڏهن بيبي زينب سلام الله عليها آئي ته جانثاران حسين عه جون گهرواريون ائين ٿي لڳيون ته اهي جانثاران زينب سلام الله عليها آهن. بيبي زينب سلام الله عليها جنهن وقت يزيد جي درٻار ۾ آئي ته يزيد بيبي سان مخاطب ٿيو اوهان اندازو ڪريو هي آهي پردي جي غيرت هي آهي عورت جي غيرت ، هي آهي حياء جي ملڪه ، هي آهي عورت جي قدر نجو اقتدار۔ هن هڪ جملي ۾ جيڪو سائڻ زينب سلام الله عليها يزيدکي مخاطب ٿي چيو جڏهن يزيد حسين امام امام حسين عه جي ڏندن مبارڪن سان بيحرمتي ڪري بيبي سان مّخاطب ٿيو ته خدا توهان کي ذليل ڪيو ۽ مونکي سرخرو ڪيو ته هڪ ته سائڻ زينب سلام الله عليها هر تحريف جو جواب برجسته بازار توڙي درٻار ۾ ڏنو ۽ مقصدِ حسيني جو ڪو موقعو هٿان وڃڻ نه ڏنو. سائڻ زينب سلام الله عليها يزيد کي چيو اي يزيد تون ڇا ٿو سمجهين اولادِ رسول کي قتل ڪرڻ سان تنهنجي ڪاميابي ٿي ۔۔۔ ڏس يزيد تنهنجو مقصد هو حسين کان بيعت وٺڻ ۽ حسين عه جو مقصد هو تنهنجي بيعت نه ڪرڻ ، تون حسين کان بيعت نه وٺي سگهين اها تنهنجي ناڪامي آهي حسين شهيد ٿي ويو ليڪن ان تنهنجي بيعت نه ڪئي اها امام حسين عه جي ڪاميابي آهي . اي يزيد ( هي جيڪو جملو آهي يقينن تاريخ و جرئتِ سائڻ زينب سلام الله عليها جي ڪمال جو جملو آهي بيبي زينب سلام الله عليها اهو ناهي چيو ته منهنجي گهر کي تو تباه ڪري ڇڏيو اها منهنجي لاءِ مصيبت آهي منهجا ٻچا تو شهيد ڪيا مونسان وڏي ويڌن ٿي ليڪن ان جاءِ تي سائڻ عورت جي قدر جي اعليٰ مثال ڏيندي چيو ) اي يزيد منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي مصيبت هي آهي جو آءُ تو جهڙي شخص سان مخاطب آهيان غيرت مندن لاءِ هي عجيب جملو آهي . سائڻ زينب سلام الله عليها و امام زين العابدين عه هر جاءِ تي مقصد حسين کي تحريف ٿيڻ کان ائين بچايو ڄڻ اهو سڄو مقصد پري پلان هو . سائڻ زينب سلام الله عليها هر موڙ تي اسلام و امامت جي محافظ نظر آئي. يزيد و ابنِ زياد هر موڙ تي ڪربلا جي حقيقت ۾ تحريف ڪر ي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن هر تحريف جو برجسته جواب سرِ بازار و سرِ درٻار ملڻ ڪري ڪا تحريف ڪامياب نه ٿي سگهي. هي هستي اها آهي جنهن تي عورت کي ناز آهي جنهن تي ماءِ کي ناز آهي جنهن تي امامت کي ناز آهي جنهن تي والد کي ناز آهي . بس هي فطرتي مثال ڏئي ڪري پنهنجي هن موضوع کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ڏسو ڪنهن سٺي خاندان ۾ پيدا ٿيڻ جتي بائث فخر آهي ته ڪڏهن بائثِ شرمندگي به ٿي ويندو آهي . يقينن آلِ رسول جي هڪ حقيقت آهي جا اسان جي معاشري ۾ مڃي ويندي آهي . پر جي آلِ رسول جي هوندي ڪو شخص غلط ڪم ڪندو نظر ايندو آهي ته دنيا ان کي چوندي آهي ميان جي ٻيو ڪجھ نه ٿئي ته پنهنجي ذات جو ئي شرم ڪر . رشتو وڏي هستي سان هجڻ واقعن معنى رکي ٿو پر جي ابو لهب و ابو لهب جهڙو هجي ته عجيب رشتو آهي۔ هي جيڪو پيراگراف مون اوهان سامهون لکيو آهي شايد ڪي دوست ان سان سهمت نه هجن ليڪن اها هڪ حقيقت پڻ آهي .

در اصل آءُ چوڻ اهو ٿو چاهيان ته ڪنهن سٺي قوم مان هجڻ بائثِ شرف ته آهي ليڪن بائث عظمت ناهي هڪ مشهور شعر

عزت نه پاسڪو گي بزرگون ڪي نام سي
لوگ تمهين پهچانين گي تمهاري هي ڪام سي.


يقينن سائڻ زينب سلام الله عليها جو حضرت علي جي نياڻي رسول جي نواسي حسنين جي ڀيڻ هئڻ بائث شرف آهي ليڪن يقين ڪريو ته سائڻ زينب سلام الله عليها جي پنهنجي هڪڙي عليحده حقيقت پڻ آهي يعني جي ائين چوان ته سائڻ زينب سلام الله عليها ان لاءِ قابل عزت ناهي ته رسول جي نياڻي جي نياڻي آهي ، علي جي ڌي آهي حسنين جي ڀيڻ آهي فاطمه سلام الله عليها جي ڌي آهي . بلڪه ان کان هٽي هڪ حقيقت اها آهي ته زينب سلام الله عليها آهي . جيڪا ناني جي لاءِ بائثِ فخر آهي ، ماءِ جي لاءِ بائث فخر آهي جيڪا ڀائرن جي لاءِ بائثِ افتخار آهي . جنهن به رشتي کان اوهان سائڻ زينب سلام الله عليها کي ڏسندو ته سائڻ هر رشتي لاءِ اوهان کي بائث زينت نظر ايندي.
دعائن ۾ ياد ڪندا .
وسلام
 
جواب: ولادتِ بيبي زينب سلام الله عليها

سائين جن جو هي موضوع پڙهي ڪري ايمان تازو ٿي ويو۔ اميد ته سائين جن اهي ڪوششون جاري ساري رهنديون ته وڏي مهرباني ٿيندي الله تعالي کان دعا آهي ته اسان سڀني کي رسول ۽ انهن جي آل جي اطاعت ڪيو۔ آمين۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ولادتِ بيبي زينب سلام الله عليها

ادا مناسبت جي موقعي سان هڪ تمام سٺي تحرير آهي سائين معذرت سان عرض ڪجي ٿو ته اواهان جي هن تحرير ۾ ڪجھ ٽائيپ جون غلطيون آهن جيڪي درست ڪيون وڃن ته ان تحرير ۾ چار چنڊ لڳي ويندا الله سائين اوهان جي محنت کي قبول ڪري
 
جواب: ولادتِ بيبي زينب سلام الله عليها

تمام سهڻو مضمون

مون ڪوشش ڪئي آهي ته ٽائيپنگ جون غلطييون ترميم ڪري صحيح ڪيان پوء به ڪٿي غلطيون هجن ته نشاندهي ضرور ڪيو ۽ ڏاڏل کي عرض ته لکڻ کانپوء هڪ دفعو مضمون کي ضرور پڙهو ۽ ترميم ڪيو۔
 
جواب: ولادتِ بيبي زينب سلام الله عليها

تمام سهڻو مضمون

مون ڪوشش ڪئي آهي ته ٽائيپنگ جون غلطييون ترميم ڪري صحيح ڪيان پوء به ڪٿي غلطيون هجن ته نشاندهي ضرور ڪيو ۽ ڏاڏل کي عرض ته لکڻ کانپوء هڪ دفعو مضمون کي ضرور پڙهو ۽ ترميم ڪيو۔

سائين اوهان جون وڏيون مهربنيون اوهان جا وڏا وڙ قرب جنهن وقت مون اها پوسٽ هڻي رهيو هيس ته ان وقت مونکي احساس ٿيو ته بجلي وڃڻ واري هئي مون پوسٽ هڻڻ ۾ جلدي ڪئي ان لاءِ معزرت ۔ انشاءِ الله ڪوشش ڪندس ته وري ڪا اهڙي غلطي نه ٿئي ۔



توهان سڀني دوستن جن جن هن پوسٽ کي پڙهيو ۽ پسند ڪيو مهرباني ۔
وسلام


.....................................

سائين مون به ڪوشش ڪري رهيل غلطيون درست ڪرڻ جي ڪوششش ڪئي آهي پر پوءِ به جي ڪا غلطي رهجي وئي هجي ته معاف ڪندا ۔
وسلام
 
Back
Top