عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
زندگي بار بار ٿي ارپي
هر گهڙي انتظار ٿي ارپي
آهي مون لئي رڳو خزان موسم
سڀن کي هو بهار ٿي ارپي
سچ پڇو ان کان درد بهتر ها
هر خوشي تار تار ٿي ارپي
پير پنهنجا ٽڪن نه ٿا پٽ تي
ديد هن جي خمار ٿي ارپي
پاند آجو جبار ڪيئن ڪيان
ساه کي روز سار ٿي ارپي
هر گهڙي انتظار ٿي ارپي
آهي مون لئي رڳو خزان موسم
سڀن کي هو بهار ٿي ارپي
سچ پڇو ان کان درد بهتر ها
هر خوشي تار تار ٿي ارپي
پير پنهنجا ٽڪن نه ٿا پٽ تي
ديد هن جي خمار ٿي ارپي
پاند آجو جبار ڪيئن ڪيان
ساه کي روز سار ٿي ارپي
