سنڌ سلامت ۽ فيسبوڪ جي تمام سرگرم دوست، سنڌيت جي جذبي سان سرشار ۽ اسان جي تمام گهني مهربان محترم شفيق جوکيو صاحب جن کي جنم ڏڻ جون واڌايون هجن۔
محترم شفيق جوکيو جو جهڙو نالو شفيق آهي پاڻ ان کان به وڌيڪ شفيق آهن پر سنڌ جي دشمنن لاء اصل تلوار آهن۔ پاڻ سنڌ سلامت ۽ خاص ڪري فيس بوڪ جي مقبول ۽ مشهور سنڌي شخصيتن مان آهن۔ ننڍي توڙي وڏي کي مان ڏيڻ ۽ وري مزاح جو رنگ ڀرڻ به سائين شفيق کان سکجي۔ ڪڏهن ڪڏهن ته بلڪل سنجيدهه موضوع کي به مزاحي رنگ ڏيندا ۽ ڪڏهن وري مزاح واري موضوع کي به سنجيدهه ٺاهي ڇڏيندا۔
سائين جي ڪجهه ڏينهن اڳ طبيعت خراب هئي ۽ پاڻ اسپتال م هئا۔ آچر جي ڏينهن اسپتال مان ڀڄي اچي گهر پهتا ۽ فيسبوڪ تي دوستن کي ميسيج جا جواب ڏيڻ شروع ڪين، مون فون ڪري سائين شفيق کان پڇيو ته ڇا اسپتال مان ڊسچارج ٿي آيا ته پاڻ چيائون ته نه، بس آچر ڏينهن جو فائدو وٺندي بيڊ ڇڏي گهر پهتو آهيان ۽ صبح ٻيهر وڇي بيڊ تي سمهندس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ايڏو بيمار هوندي به دوستن جي سڪ کين فيسبوڪ تي وٺي آئي۔
پاڻ سٺا ڪالم لکي سنڌ جو آواز اٿاريندا رهن ٿا۔ اسان جي دعا آهي ته پاڻ خوش هجن ۽ زندگيء جون ڪيئي بهارون مسڪرائيندي ۽ دوستن سان نڀائيندي گذارن۔
پاڻ سٺا ڪالم لکي سنڌ جو آواز اٿاريندا رهن ٿا۔ اسان جي دعا آهي ته پاڻ خوش هجن ۽ زندگيء جون ڪيئي بهارون مسڪرائيندي ۽ دوستن سان نڀائيندي گذارن۔
سليمان وساڻ، الطاف شيخ، جوکيو شفيق احمد، تاج محمد وساڻ ۽ سليمان آگرو