غلام مرتضى وساڻ
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي انتظامي رڪنن ۽ ميمبر دوستن کي سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔
جيئي سنڌ
گهڻن ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت تي لاگ ان ٿي حاضري ڀري آهي، گهڻي مصروفيت هئي صبح جو 6 بجي کان رات جو ڏهين بجي تائين پنهنجي ڊيوٽي سبب سنڌ سلامت تي باقائده حاضري ڪونه ڀري پر پوء به گيسٽ طور فورم کي ڏسندو رهيو آهيان۔ دوستن کان ان لاء معافي۔
ان وقت دوران سنڌ سلامت تمام ڀرپور ڪم ڪيو آهي هڪ ته ڪتابن جو سيڪشن جيڪو گهڻو ناياب آهي ۽ ٻيو سنڌ سلامت ٽيوب جنهن ۾ چونڊ موسيقي ملي وڃي ٿي۔ انکاسواء به سٺا مضمون ۽ شاعري ايندي رهي آهي۔
پوء به جي ٿوري تنقيدي نظر وجهان ته دوست ناراض نه ٿين۔ موسيقي جو سيڪشن تمام اعلا آهي پر پوء به ڪجهه دوستن شايد خانه پوري لاء ڪجهه غير ضروري ۽ بيڪار قسم جون وڊيوز لڳايون آهن جيڪي نه هجڻ کپن۔ سنڌ سلامت جو هڪ معيار آهي، هڪ سوبر قسم جي سوچ جو فورم آهي جيڪو ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ سنڌين جي سڃاڻ آهي۔ تنهنڪري موسيقي جي معيار کي برقرار رکو۔
شاعري جي سيڪشن ۾ به اڄڪلهه نه ته ڪا جاندار تنقيد ٿي ٿئي ، نه وري ڪا رهنمائي۔ سينير شاعر دوست غائب آهن۔ شاعرن کي به گهرجي ته معياري شاعري پيش ڪن نه ڪي خانه پوري ڪن۔ مضمونن ۾ ٽائيپنگ جون گهڻيون غلطيون پيون ٿين پر شايد ايڊيٽر صاحبان ننڊ ۾ آهن ۽ مضمون موڪليندڙ به پنهنجي مضمون کي ٻيهر نه ٿا پڙهن۔ ادا رشيد سمون کي گهرجي ته دوستن کي اضافي ذميواريون ڏئي فورم کي متحرڪ رکن۔
پوء به مجموعي طور اوهان جون محنتون ۽ ڪاوشون قابل قدر آهن ۽ هيڏي مصروفيتن هوندي سنڌ سلامت کي انٽرنيٽ تي مقبول پيا ڪيو، جنهن لاء اوهان کي واڌايون هجن۔