گرلس ڊگري ڪاليج شاهنواز شر ڳوٺ جي زمين تي قبضي جي تازي صورتحال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مبارڪ اڄڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2011۔

  1. مبارڪ اڄڻ

    مبارڪ اڄڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 مئي 2011
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    141
    خبر موجب ڪورٽ سڳوري زمين خالي نه ڪرائڻ تي سخت نوٽيس وٺندي متعلق عملدارن کي 6 جولا تي گهرايو هو ۽ انهن لکت ۾ چيو آهي ته هاڻي موقعو ڏنو وڃي ته اسان مڪمل بندوبست ڪري خالي ڪرائي ڪورٽ سڳوري کي اطلاع ڪنداسين۔ ڪورٽ کين وڌيڪ ٽائيم ڏيڻ يا ڪا سزا ڏيڻ جو فيصلو 14 جولا تي ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي آھي۔ ھوڏانهن ڊي ڊي او ريوينيو اسڪيم33 چيو آھي ته 8 ايڪڙ ڪاليج واري زمين تي گهر اڏيندڙ ماڻهن تي آرڊيننس 2010 تحت مقدما اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ٿاڻي تي مختيارڪار طرفان درج ڪيا ويندا جنهن ۾ بغير زمانت جي 10 سال سزا هوندي۔

    ٻئي پاسي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس جي طرفان ھڪ پمفلٽ تقسيم ٿيو آهي جيڪو آگاهي لا اڳتي وڌائجي ٿو۔

    سنڌي گرلس اسٽوڊٽس فورم
    اپيل! اپيل!

    سنڌي نياڻين جي اپيل
    ڪراچيءَ اندر سچل ڳوٺ ۽ اوسي پاسي جي سنڌي وسندين کي پڙهيل لکيل سنڌي ماڻهن جوعلائقو سمجھيو ويندو آهي. ماڻهو پيار وچان هن علائقي کي ننڍڙي سنڌ بـ سڏين ٿا. ڇو تـ هتي اوهان کي سنڌ جي هر يوسيءَ جو ماڻهو آباد ملندو. 1980 واري ڏهاڪي ۾ امن امان جي خراب حالت ۽ ٻين گنمير سببن ڪري ڪيترائي ماڻهو اچي هن علائقي ۾ آباد ٿيا.جن طاقتور مافيا سان جنگ جوٽي هتي مئٽرڪ تائين جا تعليمي ادارا قائم ڪرايا.

    اعلى تعليمي ادارن جي کوٽ محسوس ڪندي ڪجھ ساڃھ وندن ڪوششون وٺي هڪ وڏي جلسي ۾ شاهنواز شر ڳوٺ اندر 8 ايڪڙ زمين تي تڏهوڪي روينيو جي وزير کان اهڙن ادارن لاءِ پيڙھ جو پٿر رکرايو. هنن ماڻهن ان وقت جي حڪومت کان اي ڊي بي 2007-2008 ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج منظور ڪرايو.
    ياد رهي تـ سوين سنڌي خاندانن جون نياڻيون ڏورانهن علائقن جي ڳرن ڀاڙن ۽ دهشت گردي جي ڊپ کان اعلي تعليم کان محروم رهجي وڃن ٿيون. انهن جو مقدر پراون گھرن جي ٻهاري ڏيڻ ۽ ٿانوَ ڌوئڻ بڻجي ٿو. انهن جي تعداد ۾ روز بروز واڌارو ٿيندو رهي ٿو.

    لينڊ مافيا، چند بيضمير ماڻهو ٽڪن تي خريد ڪري، قانوني طورمليل زمين تي منظور ٿيل ڪاليج جي اڏاوت لاءِ آيل ٺيڪيدار ۽ سرڪاري ڪامورن کي هٿيارجي زور تي واپس ڪري مستقل هٿيار بند ويهاري ادارن لاءِ قانوني طور مليل 8 ايڪڙ زمين جو 80 سيڪڙوهڙپ ڪرڻ گھرن ٿا.

    سنڌ هاء ڪورٽ جي14 اپريل، 2011 جي حڪم تي اِي ڊي او (روينيو ڪراچيءَ) 29اپريل 2011 تي رٿيل آپريشن لاءَ هڪ ليٽر
    جاري ڪيو پر روائتي طرح عمل نـ ٿيو. EDO/REV/K/RB-1/967/2011 dt 26-04-2011
    سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طور هيٺيون ڌريون قبضي خورن جي همٿ افزائي ڪري رهيون آهن!

    حڪمران جماعت جي اڳواڻن وٽ هن اهم ترين مسئلي لاءِ وقت ئي ڪونهي. تنهنڪري اسان سمجھون پيون تـ هي ڪم اقتداري جماعت جي مرضيءَ سان ٿئي ٿو، ٻيءَ صورت ۾ هو نياڻين جي ڪاليج جي زمين تي قبضي جو سوچي بـ نـ سگھن ها.

    قومپرست جماعتن جا ڪجھ ماڻهو بـ مافيا سان ٻٽ نظر اچن ٿا. ڪجھ مالي طور بي فائدو سمجھندي هن مسئلي کان ڪن لاٽار ڪن ٿا تـ ڪي وري اڻ ڄاڻائيءَ جو اظهار ڪن ٿا. جڏهن تـ سندن جماعتن جي هتي چڱي ڀلي تنظيم سازي آهي.

    سنڌي ميڊيا جيڪا پيار جي پرڻي تي ڪلاڪن جون اسٽوريون جوڙي هلائي ٿي. ان جا ڪجھ صحافي پلاٽ ۽ ذاتي دوستيءَ جي بنياد تي چپ آهن تـ ڪي وري ڪاهليءَ کان ڪم وٺندي بنا جانچ پرک جي ڪوڙ جي فتوا جاري ڪن ٿا.

    اردو ميڊيا وري تعسب جي بنياد تي هن مسئلي کي اهم سمجھي ئي نـ ٿي، چون ٿا تـ ڏنڍا هڻو، رت وهي تـ خبر ٺهي.

    قانوندان بـ وڏيءَ رقم کان سواءِ اچڻ لاءِ تيار نـ آهن. ناميارو وڪيل ضمير گھمرو صاحب تـ مافيا سان گڏ آهي. جيڪو هر فورم تي پاڻ کي سنڌ پرست سڏائيندو آهي پرهن ڪيس ۾ سنڌي نياڻين جي تعليمي مستقبل جي خلاف مافيا سان پيشي جي جوازتي گڏ بيٺو آهي يعني سنڌي نياڻين جي خلاف ڪيس وڙهي ٿو. تـ پوءِ سڀاڻي پنجاب کان پئسا وٺي ڪالا باغ ڊيم جو ڪيس سنڌ خلاف وڙهندو ڇا؟!

    قومپرست جماعتن جي اعلى قيادتن کي اپيل آهي تـ تعليمي ادارن ۾ داخلا وارن روائتي بيانن کان اڳتي وڌي گڏيل فيصلو ڪريو تـ سنڌي نياڻين جوڪاليج هڙپ نـ ٿئي.

    ميڊيا جي معتبر شخصيتن کي بـ اپيل آهي تـ سرزمين تي اچي ڪاگز پٽ ڏسن ۽ هي مسئلوحق جي بنياد تي کڻن. سندن اهڙي ڪردار سان اسان نياڻين جو ڪاليج ضرور بچي ويندو.اهو بـ ممڪن آهي تـ اهڙي مهم سان جناب صدر صاحب ڪا مدد ڪري يا ڪو سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي.

    ٻين قانون دانن سان گڏ ضمير گھمري صاحب کي بـ اپيل آهي تـ قبضا مافيا بجاء اسان سنڌي نياڻين جي مدد ڪري.
    اسين ڀرپاسي جي باضمير ۽ ساڃھ وند ماڻهن کي پڻ اپيل ٿيون ڪريون تـ اهڙا اپاء وٺو جو ڪاليج جي اڏاوت يقيني بڻجي. ڇوتـ هن علائقي ۾ ڪابـ ٻي سرڪاري زمين موجود نـ آهي. اهڙن ماڻهن جو پڻ سوشل بائڪاٽ ڪريو جيڪي پنهنجي ئي نياڻين جي ڪلاس رومن ۽ کيڏڻ ڪڏڻ جي جائن تي پنهنجا محل اڏڻ جي سوچن ۾ آهن. اهي پنهنجن نياڻين کي لالوکيت ۽ ٻين ڏورانهن علائقن ڏانهن موڪليندا ڇا؟!
    ياد رکو اعلىٰ تعليمي ماحول نـ جڙڻ جي ڪري سرندي وارا ماڻهو لڏي هليا ويندا. جوا، منشيات جو واهپو عام ٿي ويندو ۽ ڪيتريون ئي ٻيون برايون جنم وٺنديون. . تاريخ ۾ ڪردار لکجي رهيا آهن. اوهان جي ٿورڙي همٿ سان تعليمي ماحول جڙي سگھيٿو اخلاق بلند ٿي سگھن ٿا ۽ تاريخي بهادر۽ غيرتمند پڙهيو لکيو ماڻهوجو تسلسل بحال ٿي سگھي ٿو.

    اسان وري بـ اميد رکي پيپلز پارٽيءَ جي اعلى قيادت کي اپيل ٿيون ڪريون تـ پي ايس 126 جي اڳوڻي اميدوار جناب عبدل حڪيم بلوچ صاحب ۽ محترم تاج حيدر صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاميٽي جوڙي، ڪامورن کان سرڪاري حڪمن تي عمل ڪرائي، اٺن ايڪڙن تان قبضو ڇڏائي ڪاليج جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرائين. ڇوتـ فنڊ پڻ جاري ٿيل آهن.

    حڪومت ۾ شامل جماعتن جي چڱيءَ شهرت رکندڙن کي پڻ اپيل آهي تـ اهي اسمبليءَ جي فلور تي آواز اٿارين ۽ حڪومتي جماعت کي ڪاليج جي اڏاوت واري نيڪ ڪم لاءِ آماده ڪن.

    آسائتيون سنڌ جون نياڻيون
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گرلس ڊگري ڪاليج شاهنواز شر ڳوٺ جي زمين تي قبضي جي تازي صورتحال

    سنڌ جو آجپو تعليم کانسواء نظر ڪونه پيو اچي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    شاهنواز شر ڳوٺ جيڪو سچل ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ، ايوب ڳوٺ ۽ ٻين کوڙ سنڌي وسندين جي ويجهو آهي اتي ڪاليج لاء سابه نياڻين جي ڊگري ڪاليج هجي اتي به هيڏي نا انصافي سا به پنهنجن هٿان پئي ٿئي۔ ان زمين جي حاصلات لاء ڪوششون نه ته ڪو پنهنجي ذاتي مقصدن لاء آهن نه وري ڪنهن ٻئي مقصد لاء پر اهي ڪوششون صرف ۽ صرف نياڻين جي ڪاليج لاء آهن۔

    انهن دوستن کي لک شاباسون آهن ۽ سلام آهي جن قبضه مافيا ۽ ڏوهاري ماڻهن سان سينو ساهي قانوني جنگ وڙهي آهي ته جيئن ڪاليج جي تعمير ٿي سگهي۔

    اسان به سنڌ سلامت پاران وس وارن کي خاص ڪري سنڌ حڪومت کي اهو عرض ڪري رهيا آهيون ۽ مطالبو ڪري رهيا آهيون ته ڪراچيء ۾ اڻ کُٽ زمين پئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ خدارا هن زمين جي ٽڪري تي نياڻين جو ڪاليج ٺاهي ڏيو۔ سائين اڄڻ صاحب ته ڪاليج جي ڳالهه ڪئي آهي پر هتي ته افسوس اهو به آهي جو قبرستان تي به قبضو ٿئي پيو ۽ سوڙه ڪري باقي زمين وڃي بچائي اٿن ۔

    اسان سماجي ۽ تعليمي سرگرميون چاهيون ٿا ۽ هن جدوجهد ۾ دوستن سان گڏ آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گرلس ڊگري ڪاليج شاهنواز شر ڳوٺ جي زمين تي قبضي جي تازي صورتحال

    ادا مبارڪ اڄڻ صاحب الله تعالا اهڙن ظالمن کي پڄندو پر سنڌي قوم جي مجموعي صورتحال اوهانجي هن ليک ۽ نياڻين جي اپيل مان ظاهر ٿئي ٿي ۔۔۔ الله پناه ڏي باقي قوم جي تباهيءَ جا ڪنارا ويجها آهن ۔۔۔

    اوهان دوستن کي شابس آهي جو حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندي اڳتي ٿيو ٿا ۔۔۔ نه ته اهي لينڊ مافيا جا ماڻهون ته ظالم آهن، نه قوم جو لحاظ نه ئي ڪنهن جي جان جو هوندو اٿن ۔۔۔۔

    لعنت آهي اهڙين ڌرين تي جيڪي ان ڪاري ڌنڌي ۾ ملوث آهن ۔۔۔ اسين پڻ وس وارن کي ۽ سنڌ جو سچو سور سيني ۾ رکندڙ ڌرين کي پرزور اپيل ڪريونٿا ته هو سچل ڳوٺ ۽ آس پاس جي سنڌي نياڻين جو مستقبل بچائين ۔۔۔

    ادا وساڻ اوهانجو گهراڻو به حڪومتي پارٽيءَ جو حصو آهي، اوهان به مهرباني ڪري ڪو ڪردار ادا ڪريو ته هوند رب اوهانکي ان ڪار خئير ۾ حصو وٺڻ جو موقعو عطا ڪري ۔۔۔ اميد ته اوهان ۽ سائين تاج محمد وساڻ جن ان ڪار خئير ۾ ضرور اڳتي وڌندا ۔۔۔

    الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو