• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مانيءَ کان گولي ملي ٿي سستي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
مانيءَ کان گولي ملي ٿي سستي

ڏسو هي آهي قوم جي بدبختي
ڪهڙي دلين ۾ لهي آئي آ سختي

ڪلمه گو جو قاتل ڪلمه گو آهي
خيال ۾ قاتل و مقتول ٻئي بهشتي

مسجد و امام ، هڪ جا مقتدي
پوءِ به ظلم سان ڀرپور آهي بستي

ٻڌو ته سڀ جا سڀ آهن ساڌو هتي
پوءِ رت ريٽي ڪئين ٿي ڌرتي؟

انسساينت جو بڻجي ويو آهي ڪال
مانيءَ کان گولي ملي ٿي سستي

ڏاڏل پٿرن مان جاري چشما آهن
هتي انسانن هٿا لُٽجي ٿي انساني هستي۔




 
جواب: مانيءَ کان گولي ملي ٿي سستي

موجوده سنڌ ڌرتيءَ جي مٿان ٿيندڙ ظلمن جي آکاڻي آسان لفظن ۾ بيان ڪئي آهي ڏاڏل ....

اسين سنڌ واسين ظالم قومن کي مسلمان سمجهي هن ڌرتيءَ تي جڳهه عطا ڪئي پر ڪهڙي خبر ته اهي ظالم قومون مسلمانن جي چوگي ۾ شيطان جي اولاد آهن ... جن سنڌ جي ڌرتيءَ کي ٽامو ڪري ڇڏيو آهي ... جيستائين سنڌ انهن مان جان نه ڇڏائيندي تيستائين ڏاڏل جهڙا هزارين شاعر اهڙي شاعريءَ سان هزارين ڪتاب ڀريندا رهندا پر ڪا تبديلي اچڻي ناهي ...

الله جي رسول صلعم پنهنجي نبوت جا 13 سال پيار ۽ پاٻوهه سان تبليغ ڪئي پر نتيجو ڇا نڪتو، ڪجهه سئو مسلمان ٿيا، پر جڏهن تلوار کڻي شيطاني ماڻهن جو مقابلو ڪيو ويو ته 7 سالن ۾ پورو عرب ۽ فارس مسلمان ٿي ويا

انڪري سنڌ ۾ به شيطاني ماڻهون پيار ۽ پاٻوهه سان امن پسند ڪون ٿيندا جيستائين سنڌي پڻ پنهنجن هٿن ۾ تلوارون نه کڻندا
 
جواب: مانيءَ کان گولي ملي ٿي سستي

سائين اوهان بيشڪ سچ پيا چؤ ابرا صاحب ليڪن هن وقت جي تلوار لوھ جي تلوار يا بندوق ناهي بلڪه هن وقت جي تلوار علم آهي جنهن سان پنهنجي نسل کي ليس ڪري دشمن سان وڙهي سگهجي ٿو ۔ ادارن تائين پنهنجي رسائي حاصل ڪري انهن قپتن جو قلعو قمع ڪري سگهجي ٿو۔
اسان صرف سنڌ ڌرتي لاءِ نه بلڪه اسنانيت کي روؤن ٿا هتي انساينت جي تذليل جي ڪاحد ناهي رهي هر ذلالت ممڪن نظر پئي اچي ۔وسلام
 
جواب: مانيءَ کان گولي ملي ٿي سستي

ادا ڏاڏل اوهان انسانيت لاءِ ڀل سوچيو پر پوري انسانيت ان بڇڙي حالت ۾ ناهي جهڙي حالت اسانجي ڪجهه علائقن ۾ آهي ۔۔۔؟ يورپ سڄو اعلا معيارن جي زندگي پيو گذاري ۔۔۔ آسٽريليا کنڊ سڄو آرام سان زندگي پيو گذاري ۔۔۔ آمريڪا ۽ ڪئاڊا ۾ انسانيت کي ڪي خطرا ناهن، آفريڪا جا گهڻا تڻا ملڪ خيئرن ۾ عرب سڳورن وٽ به الحمد الله 90 فيصد آرام آهي، ايشيا ۾ به اوڀر ايشيا جا سڀ ملڪ ترقي ڪري رهيا آهن، باقي رهيا ڪجهه دنيا جا ملڪ جن ۾ به سنڌ، پاڪستان، افغانستان جت اهو سڄو آزار آهي ۔۔۔ اهو به پاڪستان ۾ موجود ڪجهه قومن جي سبب ۔۔۔

اوهان انسان جي ڳالهه ڀل ڪريو پر خونريزي اسانجي گهرن ۾ آهي ۔۔۔ ان تي ٿورو توجهه ڪيو ۔۔۔ وڌيڪ اوهان جي مرضي بيشڪ سموري انسانيت کي ڳايو پر جيستائين اوهانجي گهر جي اوس پاس جو ماحول سٺو نه ٿيندو تيستائين اوهان دنيا جي لاءِ ڇا ڪري سگهندا؟

ڪار خئير به فرد کان شروع ٿي آخر ۾ انسان تائين پهچندو آهي، اسانکي به پنهنجي اندر جي ڪوٺي کان شروع ڪرڻو پوندو ۔۔۔ معاف ڪجو جي ڪا ڳالهه بري لڳي هجي ۔۔۔ پر اندر ۾ باهه آهي جيڪا اسانجي گهرن جي چوڌاري آهي ۔۔۔

الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
 
جواب: مانيءَ کان گولي ملي ٿي سستي

سائين ابڙا صاحب اوهان جي ڳالھ دل تي اثر ضرور ڪندي آهي ليڪن مثبت، نه ڪي منفي ۔ آءُ اوهان جي هر ڳالھ سان سهمت آهيان مون به اهو عرض ڪيو آهي ته اسان پنهنجي نوجوان کي ڪهڙي هٿيار سان ميدان ۾ لاهيون اسان جو هٿيار ڇا هئڻ گهرجن ادا جيڪي ڪنهن معاشري جو هٿيار هوندا آهن سي نا اهل ليڊرن جي ڪري وڃائي چڪا آهيون اسان جي گهر کي سنڀاليندڙ غير آهن۔ پهريان ڪوشش ڪري اسان پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪنڙ ادارن کي ته هٿ ۾ وٺون ۔اسان به ڀائڙا اهو عرض رکيو آهي جي اوهان اسانجي عرض کي غلط ٿا سمجهو يا اسا غلط ٿا ڳالهه ڪريون ته اوهان جيئن چؤ تيئن وڃي آڙاھ ۾ پون۔ وسلام
 
جواب: مانيءَ کان گولي ملي ٿي سستي

ڏاڏل سائين جيسين مُون ڳالهه سمجهي آهي ته آءُ نٽار صاحب جي ڳالهه مان مُطمئن آهيان۔
 
Back
Top