مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
نظم
تنهنجي خوشبو
منهنجي ساھ کي
ائين معطر ڪري
جئين حيدرآباد جي
ٿڌي هوا کي
رات جي راڻي
معطر ۽ مدهوش
ڪري ٿي
تون آئين
وڪوڙي وڃي
"صنم" کي جئين
چنڊ کي
گرهڻ وڪوڙي وڃي
رسي کي
ول وڪوڙي وڃي
سڪل پنن کي باھ
وڪوڙي وڃين
صنم نجيب