تنهنجي خوشبو منهنجي ساھ کي ائين معطر ڪري

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

نظم
تنهنجي خوشبو
منهنجي ساھ کي
ائين معطر ڪري
جئين حيدرآباد جي
ٿڌي هوا کي
رات جي راڻي
معطر ۽ مدهوش
ڪري ٿي
تون آئين
وڪوڙي وڃي
"صنم" کي جئين
چنڊ کي
گرهڻ وڪوڙي وڃي
رسي کي
ول وڪوڙي وڃي
سڪل پنن کي باھ
وڪوڙي وڃين

صنم نجيب​
 
جواب: تنهنجي خوشبو منهنجي ساھ کي ائين معطر ڪري

مهرباني

صنم نجيب جي سٺي شاعري ۔۔۔۔۔۔۔ ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
 
Back
Top