تمام سنڌ واسين کي سنڌي نوجوانن جي جدو جهد کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪ هجي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ خادم حسين ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2011۔

  1. خادم حسين ميمڻ

    خادم حسين ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    موبائيل جو دڪان آهي
    ماڳ:
    مٽياري
    [JUSTIFY]تمام سنڌ واسين کي سنڌي نوجوانن جي جدو جهد کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪ هجي.

    اڄو ڪي ڏيهاڙي تي انڊس سوشل فورم قائم ڪيو ويو .آئون جنهن وقت انڊس جي خواب کي عملي جامو پارائن لا باشعور دوستن سان ملي رهيو هئس اتي چند دوست اهو به چوندا هئا ته توهين ڇا ڪندو ؟؟ ايترا وڏا سياستدان ڪجهه ڪون ڪري سگهيا. مان اڪثر ڪري هڪ شعر ۾ جواب ڏيندو هئم :

    مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان

    اڄ اسان کي هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي، ان حوالي سان مان چند ڪيل عملي ڪم توهان سان شئير ڪرڻ ٿو چاهيان. اسان ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن سان ٿيندڙ نا انصافي خلاف ڪراچي ورسٽي کان ڪراچي پريس ڪلب تائين وياسين آخر دوستن جو مسلو حل ڪرائڻ کان پو هٽياسين. هڪ سياسي پارٽي رابع سٽي ۾ سنڌين کي گهر خالي ڪرڻ لا چيو انهن سان پنهنجي حيثيت سارو ڳالهيون ڪيون سين، متاثر ٿيندڙ سنڌين سان رابع سٽي ۾ مليا سين ۽ آخر جو هنن پنهجي ڳاله تان هٿ کڻي ڇڌيو.

    سنڌ ۾ آيل بدترين ٻوڏ ۾ مان ۽ مجتبا ملڪ حيدرآباد ۾ ڪيمپ هنئي عبدالا چانڊيو لاڙڪاڻو ۽ واره ۾ ميڊيڪل ڪيمپ هنئين، هدايت لغاري ٽنڊو الهيار ۾ ڪيمپ هئي مير مهراڻ ۽ محسن دادو شهر ۽ عابد خواجه ٺٽي شهر ۾ ٽرانسپورٽ جو بندو بست ڪيو، شعيب سومرو ، زوهيب لغاري مستقل ڪراچي جي ڪيمپن کي کاڌو ۽ خوراڪ پهچائيندا رهيا۔ اسان جي ڪيترن ئي دوستن ڪراچي ۾ ڪيمپن تي رزاڪارانا ڪم سر انجام ڏنا. سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر بند ٿيل سٽڊي سرڪل جو آغاز ڪيو ويو جنهن ۾ داناء دوستن کي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ليڪچر لاء موڪليو ويو. وڏي عرصي تائين اهو ساڳيو سلسو اسان جي مرڪزي آفيس تي پڻ جاري رهيو. تعليم جي حوالي سان اسان جي مرڪزي عهديدار شعيب سومرو جيڪي پاڻ پاڪستان جي مڃيل مونٽيسوري ٽرينر مان آهن انهن سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ استادن کي ٽرينگ ڏني. ان کان علاو ٽنڊو محمد خان ،حيدرآباد، ڪشمور ۾ ورڪشاپ پڻ ڪرايا ويا. سنڌ ۾ آدمشماري جي اعلان کانپو اسان هڪ شعوري مهم هلائي جنهن ۾ فيس بوڪ ، ايس ايم ايس ، بروشر ، ريڊيو کي استعمال ۾ آڻي عام ماڻهو کي آدمشماري جي اهميت کان آگاه ڪيو ويو.

    اسان هن وقت پڻ هڪ اهڙو ڪم سر انجام ڏئي رهيا آهيو جنهن جي مثال توهان کي ڪٿي به نه ملندي۔ انڊس يوٿ ڊولپميٽ پروگرام اسان سنڌ جي ماڻهن کي پهنجي پيرن تي بيهارڻ لا ڪجهه اهم ڪورسز ڪرائي رهيا آهيو جيڪي بلڪل مفت آهن۔ ايتري تائين جو ان ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل به اسان پاڻ مهيا ڪندا آهيون۔ اسان اڄ ڏيهن تائين نه ڪنهن سرڪاري اداري جي هيلپ ورتي آهي ۽ نه وري ڪنهن سياسي يا سماجي تنظيم جي۔ اسان جيترو به خرچ ڪندا آهيو سڄو جو سڄو پاڻ ڀريندا آهيون. هي اسان جي ٻڌي آهي جو اسان هي سڀ ڪري سگهيان آهيون۔

    ڪاش اسان وانگر هر سنڌي متحد ٿي سگهي. اسان کي افسوس آهي جو اسين ايترو نه ڪري سگهياسين جيترو اسان جي ماڻهن جون اسان مان اميدون هيون۔ مان پنهنجي ماروئڙن کان پنهنجي ۽ انڊس جي پاران معافي ٿو گهران ۽ مان توهان سان وچن ٿو ڪيان ته ايندڙ وقت اسان وڌيڪ بهتر ڪنداسين۔ مان توهان کي يقين ٿو ڏياريان اسان جي قسمت ۾ رڳو بک ۽ بدحالي ناهي، سنڌ لا بهتر وقت اچي پيو، اچو سنڌ جا جوانو سنڌ ڌرتي کي توهان جي ضرورت آهي۔
    [/JUSTIFY]

    خليل احمد
    باني انڊس سوشل فورم

    [JUSTIFY]www.isfworld.org
    http://isfpakistan.webs.com
    President Indus Social Forum 0333-2858772
    Karachi circle Organizing Committee 0313-2842348
    Central Press Secretay 0306-2000660
    Indus Social Forum Office 021-37646919
    [/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تمام سنڌ واسين کي سنڌي نوجوانن جي جدو جهد کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪ هجي

    اوهان کي خليل صاحب سميت سموري انڊس سوشل فورم جي ساٿين کي سلام ۽ هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي واڌايون هجن ۔۔۔۔

    اوهان جو ڪاوشون قابل تعريف آهن ۽ قابل قدر آهن. اوهان عملي طور ميدان ۾ خاص ڪري علمي ميدان ۾ سٺو ڪم ڪري رهيا آهيو، جنهن لاء اوهان کي واڌايون. مون اوهان جي هڪ سال واري رپورٽ پڙهي اوهان لاجواب ۽ بهترين ڪم ڪيا آهن. سنڌ جي نجات صرف تعليم ۾ ئي آهي جنهن لاء اوهان سٺا قدم کڻي رهيا آهيو۔

    اوهان جهڙا با همت سنڌي نوجوان اڳتي اچي ڪم کي سنڀاليندا ته يقينن ڪاميابيون ملنديون۔
     
  3. خادم حسين ميمڻ

    خادم حسين ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    موبائيل جو دڪان آهي
    ماڳ:
    مٽياري
    جواب: تمام سنڌ واسين کي سنڌي نوجوانن جي جدو جهد کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪ هجي

    ادا توهان جي مهرباني توهان اسان جي همٿ افضائي ڪئي تمام گهڻي خوشي ٿي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو