پريم پتافي غزل مسجد سوچي مندر سوچي ماڻهو جو ٿو اندر سوچي ماڻهو جو احساس مري ويو هن جي هٿ ۾ خنجر سوچي بيدردي سان اڇليو ويو آ ڪنهن جو لاش سمندر سوچي پوڄارڻ ڇو سنڌ ڇڏي وئي رات رنو پئي مندر سوچي
جواب: مسجد سوچي مندر سوچي پريم پتافيءَ جا سهڻا ٻول ۽ فڪر انگيز شاعري، مٿان وري عاشق جي چترڪاري ۔۔۔۔ سوچ ۽ لوچ جو پيغام هڪ عرض عاشق سائين! هڪ سٽ ۾ هڪ اکر صحي نآهي ۔۔۔ پوجارن ڇو سنڌ چڏي وئي ۔۔۔ هن سٽ ۾ چڏي لفظ جي جاءِ تي ڇڏي لکندا ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ ” پوڄارڻ“ صحي ٿيندو بجاءِ پوڄارن جي۔۔۔ جيتوڻيڪ پجارن لفظ سنسڪرت جو آهي پر پوءِ به سنڌيءَ ۾ لکڻ وقت پوڄارڻ ٿيندو ۔۔۔ پورو جملو ٿيندو ۔۔۔ پوڄارڻ ڇو سنڌ ڇڏي وئي معاف ڪجو، اصلاح ڪرڻ فرض آهي، انڪري دل ۾ نه ڪندا۔
جواب: مسجد سوچي مندر سوچي پوڄارڻ ڇو سنڌ ڇڏي وئي رات رنو پئي مندر سوچي تمام سٺي شاعري ۔۔۔ لاجواب احساس