مسجد سوچي مندر سوچي

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
پريم پتافي
غزل

مسجد سوچي مندر سوچي
ماڻهو جو ٿو اندر سوچي
ماڻهو جو احساس مري ويو
هن جي هٿ ۾ خنجر سوچي
بيدردي سان اڇليو ويو آ
ڪنهن جو لاش سمندر سوچي
پوڄارڻ ڇو سنڌ ڇڏي وئي
رات رنو پئي مندر سوچي

269736_200067376711537_100001248279284_564691_4167548_n.jpg
 
جواب: مسجد سوچي مندر سوچي

پريم پتافيءَ جا سهڻا ٻول ۽ فڪر انگيز شاعري، مٿان وري عاشق جي چترڪاري ۔۔۔۔ سوچ ۽ لوچ جو پيغام

هڪ عرض عاشق سائين! هڪ سٽ ۾ هڪ اکر صحي نآهي ۔۔۔ پوجارن ڇو سنڌ چڏي وئي ۔۔۔ هن سٽ ۾ چڏي لفظ جي جاءِ تي ڇڏي لکندا ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ ” پوڄارڻ“ صحي ٿيندو بجاءِ پوڄارن جي۔۔۔ جيتوڻيڪ پجارن لفظ سنسڪرت جو آهي پر پوءِ به سنڌيءَ ۾ لکڻ وقت پوڄارڻ ٿيندو ۔۔۔
پورو جملو ٿيندو ۔۔۔ پوڄارڻ ڇو سنڌ ڇڏي وئي

معاف ڪجو، اصلاح ڪرڻ فرض آهي، انڪري دل ۾ نه ڪندا۔
 
سائين اصلاح۔۔۔۔ڪرڻ جي مھرباني۔
مان ڪوشش ڪري ترميم ڪريان ٿو لک لائق
 
جواب: مسجد سوچي مندر سوچي

پوڄارڻ ڇو سنڌ ڇڏي وئي
رات رنو پئي مندر سوچي

تمام سٺي شاعري ۔۔۔ لاجواب احساس
 
Back
Top