[JUSTIFY]دوستو سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ ، سنڌ سلامت ۽ ٻين سوشل نيٽورڪس تي اڄڪلهه سنڌي ماڻهن جي ۽ خاص ڪري سنڌي ۾ لکڻ وارن جي ٽريفڪ وڌي رهي آهي جيڪا هڪ خوشي جي ڳالهه آهي۔ لاڙڪاڻي جي نوجوان دوستن ملهار چانڊيو ۽ رضا بخاري به پنهنجي فيسبوڪ گروپ سنڌي شاعري ڪارنر ذريعي نوجوان شاعرن ۽ نون دوستن کي سٺا موقعا فراهم ڪيا آهن۔ ملهار چانڊيو پاڻ به هڪ سٺو شاعر آهي، لفظن ذريعي لاجواب احساس ۽ جذبا وکيريندو آهي، خاص ڪري سندس غزل ڏاڍا خوبصورت هوندا آهن۔ اڄ سندس شاعريء مان هڪ نئون غزل دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو: [/JUSTIFY] بيخودي ، بيخودي پيار جي مئڪشي موت جهڙِي لڳي تو سوا زندگي آهي دل جي پڪي درد سان دوستي خوف ۾ مبتلا آدمي آدمي لڙڪ ملهار جا ٿي پيا شاعري
جواب: موت جهڙِي لڳي تو سوا زندگي سائين سليمان وساڻ صاحب ملهار صاحب جي شاعري کي اوھان پنهنجي سھڻي انداز ۾ ڊزائين ڪري اسان سان ونڊيو آھي۔۔۔مهرباني کوڙ ڏينهن کان بعد اوھان جي چترڪاري ڏسڻ جي لا ملي آھي۔۔لاجواب
جواب: موت جهڙِي لڳي تو سوا زندگي مهرباني عاشق ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سچ ته اوهان دوست اهڙيون ته خوبصورٿ ڊزائن ٺاهي رهيا آهيو جو دل خوش ٿي وڃي ٿي ۽ اسان جون ڊزائن انهن جي اڳيان ڪجهه به ناهن۔ پوء به جڏهن دل چوندي آهي ۽ جي ڪا شاعري من کي وڻندي آهي ته ان جي ڊزائن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيا۔ ملهار چانڊيو سٺو شاعر آهي ۔۔۔ سندس غزل به بهترين ۽ وڻندڙ آهي۔
جواب: موت جهڙِي لڳي تو سوا زندگي ادا تمام سٺي شاعري آهي۔ واهه جي ڪمال جي ڊزائن آهي ۽ گڏوگڏ سنڌ جي نوجوان شاعرن جو تعارف به ڪرائيندا ٿا هلو۔ توهان جي ڪاوشن کي سلام هجي۔