• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موت جهڙِي لڳي تو سوا زندگي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

فيس بوڪ ، سنڌ سلامت ۽ ٻين سوشل نيٽورڪس تي اڄڪلهه سنڌي ماڻهن جي ۽ خاص ڪري سنڌي ۾ لکڻ وارن جي ٽريفڪ وڌي رهي آهي جيڪا هڪ خوشي جي ڳالهه آهي۔ لاڙڪاڻي جي نوجوان دوستن ملهار چانڊيو ۽ رضا بخاري به پنهنجي فيسبوڪ گروپ سنڌي شاعري ڪارنر ذريعي نوجوان شاعرن ۽ نون دوستن کي سٺا موقعا فراهم ڪيا آهن۔

ملهار چانڊيو پاڻ به هڪ سٺو شاعر آهي، لفظن ذريعي لاجواب احساس ۽ جذبا وکيريندو آهي، خاص ڪري سندس غزل ڏاڍا خوبصورت هوندا آهن۔ اڄ سندس شاعريء مان هڪ نئون غزل دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو:

بيخودي ، بيخودي
پيار جي مئڪشي

موت جهڙِي لڳي
تو سوا زندگي

آهي دل جي پڪي
درد سان دوستي

خوف ۾ مبتلا
آدمي آدمي

لڙڪ ملهار جا
ٿي پيا شاعري


ibHJxM.jpg
 
جواب: موت جهڙِي لڳي تو سوا زندگي

خوف ۾ مبتلا
آدمي آدمي

سائين سليمان وساڻ صاحب ملهار صاحب جي شاعري کي اوھان پنهنجي سھڻي انداز ۾ ڊزائين ڪري اسان سان ونڊيو آھي۔۔۔مهرباني
کوڙ ڏينهن کان بعد اوھان جي چترڪاري ڏسڻ جي لا ملي آھي۔۔لاجواب
 
جواب: موت جهڙِي لڳي تو سوا زندگي



سائين سليمان وساڻ صاحب ملهار صاحب جي شاعري کي اوھان پنهنجي سھڻي انداز ۾ ڊزائين ڪري اسان سان ونڊيو آھي۔۔۔مهرباني
کوڙ ڏينهن کان بعد اوھان جي چترڪاري ڏسڻ جي لا ملي آھي۔۔لاجواب

مهرباني عاشق ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سچ ته اوهان دوست اهڙيون ته خوبصورٿ ڊزائن ٺاهي رهيا آهيو جو دل خوش ٿي وڃي ٿي ۽ اسان جون ڊزائن انهن جي اڳيان ڪجهه به ناهن۔ پوء به جڏهن دل چوندي آهي ۽ جي ڪا شاعري من کي وڻندي آهي ته ان جي ڊزائن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيا۔

ملهار چانڊيو سٺو شاعر آهي ۔۔۔ سندس غزل به بهترين ۽ وڻندڙ آهي۔
 
جواب: موت جهڙِي لڳي تو سوا زندگي

ادا تمام سٺي شاعري آهي۔ واهه جي ڪمال جي ڊزائن آهي ۽ گڏوگڏ سنڌ جي نوجوان شاعرن جو تعارف به ڪرائيندا ٿا هلو۔
توهان جي ڪاوشن کي سلام هجي۔
 
جواب: موت جهڙِي لڳي تو سوا زندگي

ادا تمام سٺي شاعري آهي۔ واهه جي ڪمال جي ڊزائن آهي ۽ گڏوگڏ سنڌ جي نوجوان شاعرن جو تعارف به ڪرائيندا ٿا هلو۔
توهان جي ڪاوشن کي سلام هجي۔

مهرباني شاهه صاحب

نون شاعرن جي حوصلا افزائي ڪرڻ اسان جو فرض آهي
 
Back
Top