دوستو سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
فيس بوڪ ، سنڌ سلامت ۽ ٻين سوشل نيٽورڪس تي اڄڪلهه سنڌي ماڻهن جي ۽ خاص ڪري سنڌي ۾ لکڻ وارن جي ٽريفڪ وڌي رهي آهي جيڪا هڪ خوشي جي ڳالهه آهي۔ لاڙڪاڻي جي نوجوان دوستن ملهار چانڊيو ۽ رضا بخاري به پنهنجي فيسبوڪ گروپ سنڌي شاعري ڪارنر ذريعي نوجوان شاعرن ۽ نون دوستن کي سٺا موقعا فراهم ڪيا آهن۔
ملهار چانڊيو پاڻ به هڪ سٺو شاعر آهي، لفظن ذريعي لاجواب احساس ۽ جذبا وکيريندو آهي، خاص ڪري سندس غزل ڏاڍا خوبصورت هوندا آهن۔ اڄ سندس شاعريء مان هڪ نئون غزل دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو:

بيخودي ، بيخودي
پيار جي مئڪشي
موت جهڙِي لڳي
تو سوا زندگي
آهي دل جي پڪي
درد سان دوستي
خوف ۾ مبتلا
آدمي آدمي
لڙڪ ملهار جا
ٿي پيا شاعري
پيار جي مئڪشي
موت جهڙِي لڳي
تو سوا زندگي
آهي دل جي پڪي
درد سان دوستي
خوف ۾ مبتلا
آدمي آدمي
لڙڪ ملهار جا
ٿي پيا شاعري