گهريلو ٽوٽڪا
* جيڪڏهن رڌڻي ۾ کاڌو پچائڻ وقت توهان جا هٿ سڙي وڃن ته ان سڙيل هنڌ کي هڪدم پاڻي نه هڻو، اهڙي طرح توهان جي چمڙي تي سڙيل جو نشان رهجي ويندو جيڪو جلدي ختم نه ٿيندو، جيڪڏهن هٿ سڙي وڃي يا ٻاڦ پئجي وڃي ۽ گهر ۾ ڪا دوا وغيره نه هجي ته پريشان نه ٿيو ان جو بهترين حل اهو آهي ته ان سڙيل جاءِ تي پٽاٽو ڇلي ان جا ڳترا ڪٽي هڻو، توهان سڙڻ ۾ گهٽتائي محسوس ڪندا، اهڙي طرح ٽماٽي جو رس به لڳائڻ سان فائدو ٿي سگهي ٿو.
* ڪيترائي ڀيرا ائين به ٿيندو آهي تيز گرم چانهه پيئڻ سان يا ڪا ٻي گرم شيءِ کائڻ سان زبان سڙي ويندي آهي ان سڙڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻه ڪيلا کائو يا ٿوري مقدار ۾ کير پيئو، جيڪڏهن کير ٿوري دير لاءِ منهن ۾ روڪي رکجي ته اڃا وڌيڪ فائدو ٿيندو.
* پٿري ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم پٿر چٽ ٻوٽو آهي، ان جي پتن ۾ قدرت اها صلاحيت رکي آهي ته اهو تمام جلد پٿري کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن ڪڏهن به پٿري جي شڪايت ٿي وڃي ته پٿر چٽ جا ڪجهه پتا ٽوڙي انهن کي کائي وٺو پٿري ختم ٿي ويندي.
* مسور جي دال پچائڻ وقت جيڪڏهن ان ۾ هئيڊ يا گيهه شروع ۾ ئي وڌو وڃي ته اها جلدي ڳري ويندي.
* پالڪ اوٻارڻ وقت جيڪڏهن ان ۾ ٿوري کائڻ واري سوڍا وجهي وڃي ته ان جو رنگ تبديل نه ٿيندو ۽ ذائقي ۾ به فرق نه ايندو.
* ڪريلا صاف ڪري لوڻ هڻي اڌ ڪلاڪ رکي ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ چڱي طرح رڳڙي ڌوئي ڇڏيو، ائين ڪرڻ سان ڪڙاڻ ختم ٿي ويندي.
* ڀينڊي گوشت ٺاهڻ وقت جيڪڏهن ان ۾ انبڙين جا ڇلڪا وجهي ڇڏيو ته ان مان ليس ختم ٿي ويندو.
* صوف ۽ پٽاٽا ڇلي يا ڪٽي رکو ته انهن جو رنگ تبديل ٿيڻ لڳندو آهي، ان کان بچڻ لاءِ توهان صوف يا پٽاٽي کي ڪٽي ٿڌي پاڻي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ان ۾ ٻه ٽي قطرا ليمي جو رس وجهي ڇڏيو ته انهن جو رنگ تبديل نه ٿيندو.
* چانور اوٻارڻ وقت جيڪڏهن انهن ۾ هڪ کائڻ وارو چمچو سرڪو وجهي ڇڏيو ته چانور داڻا داڻا کلي ڌار ڌار ٿي بيهندا.
* آچار کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ٿوري هينگ پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ وجهي آچار ۾ وجهي ڇڏيو ان سان آچار خراب نه ٿيندو.
روزانه ڪاوش جي نازڪ ايڊيشن تان ورتل