قرآن سمجهي پڙهجي

'مذهب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: قرآن سمجهي پڙهجي

    قرآن علم آهي، قرآن سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪندڙ آهي، قرآن سڌي راهه آهي، قرآن رب جي زبان آهي ۔۔۔۔

    هاڻ جيڪڏهن ان ڪتاب کي سمجهنداسون ته علم الاهي ڪيئن حاصل ٿيندو؟
    سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق جي خبر ڪئين پوندي؟
    سڌي راهه جي ڳولها ڪئين ڪري سگهبي؟
    رب جا حڪم ڪيئن بجا آڻي سگهبا؟

    انڪري قرآن شريف کي چميون ڏئي پوتيون پارائي رکڻ لاءِ يا قسمن کڻڻ لاءِ يا وري صرف انجو دور ڪرڻ لاءِ ناهي ۔۔۔ قرآن اسانجي (انسان جي) هدايت لاءِ آيل آهي ۽ جيڪڏهن ان هدايت کي سمجهنداسون نه ته ڇوٽڪارو ڪيئن حاصل ٿيندو ۔۔۔ اهو سمجهڻ ته قرآن شريف کي ڪنهن خاص علم يا ڪنهن خاص مدرس يا مولويءَ يا مرشد کان بغير سمجهي نٿو سگهجي ته آءَ ائين چوندس ته اهي ماڻهون ڀليل آهن ۔۔۔ دنيا جي سڀني ٻولين ۾ قرآن شريف جو ترجمو موجود آهي، اسانکي نيت صاف ڪري انجو ترجمو کڻي قرآن جي پيغام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته بلڪل آسان آهي، جنهن ۾ نه ڦير نه گير ۔۔۔

    اسانجا ديني مفڪرن، مولوين جيڪڏهن پنهنجو ڪردار بجا طور ادا ڪيو هجي ها ته هن وقت اسين قرآن جي سمجهه کان فارغ نه هجون هان ۔۔۔

    الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: قرآن سمجهي پڙهجي


    سائين مهرباني
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    تمام بهترين ۽ خزانن سان ڀريل بروشر، سائين، جزاڪ الله خير۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. امان الله ڀٽو

    امان الله ڀٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2013
    تحريرون:
    343
    ورتل پسنديدگيون:
    963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پڙهڻ
    ماڳ:
    نئونديرو
    نثار ابڙ وصحيح ٿا چئو
     
  6. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ا
    دا سائين اهو وڌيڪ بهتر ٿئي ها جو اوهان مولانا عبيد الله سنڌي جو لکيل ڪتاب قرآن ڪيئن پڙهجي؟ ڪموز ڪري سنڌ سلامت تي اپ لوڊ ڪيو جنهن ۾ قرآن مجيد پڙهڻ لا بهترين معلومات موجود آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين بلڪل اهو به ڪمپوز ڪري سگهجي ٿو ۔ مون وٽ ته اهڙي ڪاپي موجود ناهي۔ اوهان ۽ اسان گڏجي اهو ڪم ڪري سگهون ٿا۔

    اوهان سچ ته ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪليندا رهيا آهيو، جنهن لاء اوهان جا ٿورا۔ اميد ته هي ڪتاب به ڪمپوز ڪرڻ ۾ مدد ڪندا ته جيئن اهم ڪتاب آڻي سگهجي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    لَوْ أَنْزَلْنَا هَذَا الْقُرْآَنَ عَلَى جَبَلٍ لَرَأَيْتَهُ خَاشِعًا مُتَصَدِّعًا مِنْ خَشْيَةِ اللهِ (سورة الحشر: 21) القرآن ترجمو: الله تعاليٰ
    فرمائي ٿو ته جيڪڏهن اسان هن قرآن مجيد کي جبل تي لاهيون ها ته هي جبل به الله جي خوف کان ڊڄي ڦاٽي پوي ها. يعني قرآن مجيد اهڙي عظمت ۽ شان وارو ڪتاب آهي جو جبل جهڙي مضبوط شيءِ به ان جي ذميداري نه ٿي کڻي سگهي. ٻي آيت سڳوري ۾ الله رب العالمين فرمائي ٿو:
    [​IMG]
    ڀلي ڄايون مائرون سندن حافظن
    محشر جي ميدان ۾ تنين ڏاج ملن
    ٻين ويچارين اجائي اوجاڳا ڪيا
    اها ڳالهه پڌري آهي ته پاڻ سڳورا رحمت للعالمين چالهين سالن جي ڄمار ۾ رسالت جي منصب تي فائز ٿيا ۽ پهرين وحي غار حرا ۾ چند آيتن جي صورت ۾ نازل ٿي

    قرآن ڪريم، انساني هدايت لاء هڪ بي مثال ءِ مقدس ڪتاب آهي، جيڪو اسلامي شريعت جو اهم منبع ءِ بنياد آهي. جڏهن الله پاڪ، اسلام کي قيامت تائين جي لاء هدايت بڻائي موڪليو آهي ته پوء ضروري آهي ته ان جا قانون به قيامت تائين جي لاء ڪارآمد هجن جڏهن ته انهن قانونن کي بيان ڪرڻ وارو قرآن پاڪ ئيآهي تنهنڪري ضروري آهي ته قرآن ڪريم ڦيرڦار کان محفوط هجي. ان ڪري ئي ته الله پاڪ محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم کي قرآن معجزي طور ڏنو ءِمعجزو قابل تحريف ءِ ڦيرڦار نه هوندو آهي.
    ان کان علاوه قرآن ڪريم اسان مسلمانن وٽ مقدّس پڻ آهي تنهنڪري مسلمانن جي هوندي ڪير به ان قرآن کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. قرآن ڪريم جي تحريف نههجڻ تي ڪجھ دليلون
    1_مسلمانن جو بندوبست: مسلمانن ان قرآن کي مقدس سمجهڻ سان گڏوگڏ ان جي تبليغ ءِ ترويج لاء پڻ ڪوششون ڪندا رهيا آهن پوء جيڪڏهن ان ۾ تحريف ٿئي هاته ان جي باري ۾ پڻ متواتر خبرون اسان تائين پهچن ها، قرآن ڪريم جو معجزو هجڻ:۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀني مسلمانن جو اتفاق آهي ته قرآن معجزو آهيءِ معجزي جي معني آهي ته : نه ان ۾ ڦيرڦار ڪري سگهجي ءِ نه ئي ان جي مثلآڻي سگهجي. تنهنڪري قرآن ڪريم ڦيرڦار جي قابل ئي نه آهي جو ان ۾ ڦيرڦار ڪري سگهجي.
    سنڌ سلامت جا ساٿيو، اسان جڏهن هڪ 10 رپين جي اخبار خريد ڪندا آهيون ته ان کي به غور ُ فڪر سان پڙهندا آهيون ۽ اخبار جو هڪ هڪ حصو ڏسندا آهيون، مگر افسوس جو هي الله جو ڪتاب ( پيغام ) اسان غور و فڪر سان پڙهڻ جي ڪوشش به نه ڪندا آهيون۔
    جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي۔هي ڪتاب به هڪ بهترين ڪوشش ۽ ڪاوش آهي الله جي پيغام کي عام ڪرڻ لاء، جنهن لاء جس هجي محترم سليمان وساڻ صاحب کي جنهن اسان کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اهيو ڪتاب مهيا ڪيو آهي۔ قرآن جي وڌيڪ معلومات لاء هت ڪلڪ ڪري حاصل ڪري سگهو ٿا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو