عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
پنهنجي ناچيز ۽ سيکڙاٽ شاعري ونڊ ڪئي آهي اميد ته دوستن کي پسند ايندي.
______________________________________
سوچ آهي سمجهه آهي ڇو روئان، مان ڇو رڙان
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان
______________________________________
قوم ناهي نڌڻڪي، هيءَ قوم دودي ذات آ
سورهيو هر نوجوان، بي مثل آ بي باڪ آ
پارتُن جي پنڌ ۾ مان ڇو رُلان ۽ ڇو ڀڄان
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان
______________________________________
صُحبَتُون سَچيُون سٺيون هِن سِنڌُ پنهنجي ديس ۾
زندگيءَ جي سادگي آ سنڌ جي هر ويس ۾
صُحبَتُن ۽ سادگيءَ تي جان هي قربان ڪيان
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان
______________________________________
ديس کي دلبر سڏيندي ٺڳ مون ڪيئي ڏٺا
سنڌ ۾ ورهاڱ چاهيندڙ ٿيا هن اڄ ڪَٺا
ديس لئه ديوار بڻجي، جيءُ ڌرتيءَ نانءِ ڪيان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان
______________________________________
جسيتائين ساهه آ درويش پنهنجي ساهه ۾
سنڌ سلامت جي دعا رهندي سدا هر آهه ۾
بندگي هيءَ مالڪي آ ڇو نڌ ڻڪو ٿي جيئان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان
______________________________________
سوچ آهي سمجهه آهي ڇو روئان، مان ڇو رڙان
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان.
______________________________________
عمران درويش سومرو

دعا ۾ ياد
.