• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري؛ حوصلو آ ولولو

پنهنجي ناچيز ۽ سيکڙاٽ شاعري ونڊ ڪئي آهي اميد ته دوستن کي پسند ايندي.

______________________________________
سوچ آهي سمجهه آهي ڇو روئان، مان ڇو رڙان

حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان
______________________________________

قوم ناهي نڌڻڪي، هيءَ قوم دودي ذات آ
سورهيو هر نوجوان، بي مثل آ بي باڪ آ
پارتُن جي پنڌ ۾ مان ڇو رُلان ۽ ڇو ڀڄان
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان
______________________________________

صُحبَتُون سَچيُون سٺيون هِن سِنڌُ پنهنجي ديس ۾
زندگيءَ جي سادگي آ سنڌ جي هر ويس ۾
صُحبَتُن ۽ سادگيءَ تي جان هي قربان ڪيان
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان
______________________________________

ديس کي دلبر سڏيندي ٺڳ مون ڪيئي ڏٺا
سنڌ ۾ ورهاڱ چاهيندڙ ٿيا هن اڄ ڪَٺا
ديس لئه ديوار بڻجي، جيءُ ڌرتيءَ نانءِ ڪيان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان

______________________________________
جسيتائين ساهه آ درويش پنهنجي ساهه ۾
سنڌ سلامت جي دعا رهندي سدا هر آهه ۾
بندگي هيءَ مالڪي آ ڇو نڌ ڻڪو ٿي جيئان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان

______________________________________
سوچ آهي سمجهه آهي ڇو روئان، مان ڇو رڙان
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان.
______________________________________
عمران درويش سومرو

hoslo-poetry.jpg

دعا ۾ ياد

.
 
جواب: شاعري؛ حوصلو آ ولولو

سهڻا دوست درويش!
سچ پڇين ته اڄ درويشيءَ جو حق ادا ٿي ويو آهي
حب الوطنيءَ جو لفظن ۾ اهڙو سهڻو اظهار .... لفظ ناهن جو انهن لفظن جي تعريف ڪري سگهجي، جيڪڏهن هر سنڌي ان سوچ ۽ لوچ سان اڳتي وڌي ته، هوند سنڌ جو مان پوري دنيا جي ملڪن ۾ مٿاهون ٿي وڃي
جسيتائين ساهه آ درويش پنهنجي ساهه ۾
سنڌ سلامت جي دعا رهندي سدا هر آهه ۾
بندگي هيءَ مالڪي آ ڇو نڌ ڻڪو ٿي جيئان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان
 
جواب: شاعري؛ حوصلو آ ولولو

سهڻا دوست درويش!
سچ پڇين ته اڄ درويشيءَ جو حق ادا ٿي ويو آهي
حب الوطنيءَ جو لفظن ۾ اهڙو سهڻو اظهار .... لفظ ناهن جو انهن لفظن جي تعريف ڪري سگهجي، جيڪڏهن هر سنڌي ان سوچ ۽ لوچ سان اڳتي وڌي ته، هوند سنڌ جو مان پوري دنيا جي ملڪن ۾ مٿاهون ٿي وڃي
جسيتائين ساهه آ درويش پنهنجي ساهه ۾
سنڌ سلامت جي دعا رهندي سدا هر آهه ۾
بندگي هيءَ مالڪي آ ڇو نڌ ڻڪو ٿي جيئان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان

محترم سائين نثار صاحب لک لائق جو اوهان هن ناچيز جي لفظن کي ايترو مان ڏنو، سائين بيشڪ جيڪڏهن سنڌ جو هر نوجوان حب الوطني جو مچ اندر ۾ مچائيندو ته سنڌ جو نالو ملڪين مشهور ٿي ويندو ۽ ڪنهن به ڌاري قوم کي اسان جي مٿان حڪمراني ڪرڻ جو موقعو نه ملندو.

مهرباني

سدائين گڏ.

.
 
جواب: شاعري؛ حوصلو آ ولولو

جسيتائين ساهه آ درويش پنهنجي ساهه ۾
سنڌ سلامت جي دعا رهندي سدا هر آهه ۾
بندگي هيءَ مالڪي آ ڇو نڌ ڻڪو ٿي جيئان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان

واھ درويش واھ
تمام بهترين.....
 
جواب: شاعري؛ حوصلو آ ولولو

ديس کي دلبر سڏيندي ٺڳ مون ڪيئي ڏٺا
سنڌ ۾ ورهاڱ چاهيندڙ ٿيا هن اڄ ڪَٺا
ديس لئه ديوار بڻجي، جيءُ ڌرتيءَ نانءِ ڪيان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان

جسيتائين ساهه آ درويش پنهنجي ساهه ۾
سنڌ سلامت جي دعا رهندي سدا هر آهه ۾
بندگي هيءَ مالڪي آ ڇو نڌ ڻڪو ٿي جيئان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان

واهه واهه ۔۔۔۔۔۔ سچ ته حوصلو وڌي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔

درويش کي لک شاباسون جون ڪانئرن جي ڳالهين جي پرک ڪري ورتي اٿس ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ حوصلو ۽ همت پيدا پيو ڪري ۽ پاڻ ان عمل ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي۔ سندس اهڙين ڪاوشن تي اسان پاران کيس سلام۔۔۔۔
 
جواب: شاعري؛ حوصلو آ ولولو

ديس کي دلبر سڏيندي ٺڳ مون ڪيئي ڏٺا
سنڌ ۾ ورهاڱ چاهيندڙ ٿيا هن اڄ ڪَٺا
ديس لئه ديوار بڻجي، جيءُ ڌرتيءَ نانءِ ڪيان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان

واهه ۔۔

زبردست، درويش جي بهترين شاعري
 
جواب: شاعري؛ حوصلو آ ولولو

ادا درويش تمام سٺي شاعري آهي ۽ توهان ديس سان پنهنجي محبت جو اظهار ڏاڍن سٺن الفاظن ۾ ڪيو آهي۔
 
جواب: شاعري؛ حوصلو آ ولولو

آزادي وٺندڙ ملڪن جي تاريخ پڙهجي ته انقلابي اڳواڻن ۽ ورڪرن جون بي مثال قربانيون پڙهڻ لاءِ ملنديون۔۔۔ سوچيندو آهيان ته ڪنهن جي ذهنن کي ويڙهائڻ لاءِ مائل ڪرڻ ۽ انهن کي تيار ڪري پڪو ڪرڻ ته هڪ مُلي جو هوندو آهي جيڪو مذهب کي استعمال ڪري ڪنهن به ماڻهون کي مسقتبل جا خواب ڏيکاري جان ڪڍڻ ۽ ڏيڻ لاءِ جذباتي بڻائيندو آهي۔۔۔ پر آزادي وٺڻ لاءِ يا حقن جي ويڙهه وڙهڻ لاءِ اڳواڻن وٽ ڪهڙي قوت هوندي آهي۔۔۔ ؟
پر توهان جي لفظن جي سونهن، سچائي ۽ جذباتيت ٻڌائي ٿي ته ورڪر ڇا اڳواڻ ئي پنهنجا جذبا هڪ انقلابي شاعر جي شاعري تي سيڪيندا آهن۔۔ ۽ پوءِ اهو ڪجهه ڪري وٺندا آهن جيڪو ستل جذبن سان ڪڏهن ڪونه ملي۔۔۔
دعا آهي ته توهان جا ديس کي ڀيٽا ڏيندڙ ۽ جذبات کي ڀڙڪائيندڙ لفظ اسان جي ستل جذبن کي اٿاريندڙ جو ڪردار ادا ڪن۔۔۔ ته جيئن ڌارين جي حملن کان پاڻ کي بچائجي۔۔۔
 
ادا عاشق پسند ڪري اقتباس چونڊڻ جي مهرباني.

ديس کي دلبر سڏيندي ٺڳ مون ڪيئي ڏٺا
سنڌ ۾ ورهاڱ چاهيندڙ ٿيا هن اڄ ڪَٺا
ديس لئه ديوار بڻجي، جيءُ ڌرتيءَ نانءِ ڪيان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان

واهه ۔۔

زبردست، درويش جي بهترين شاعري

ادا وساڻ صاحب وڏي مهرباني اوهان جي.. سدائين گڏ.

ادا درويش تمام سٺي شاعري آهي ۽ توهان ديس سان پنهنجي محبت جو اظهار ڏاڍن سٺن الفاظن ۾ ڪيو آهي۔
سائين بشارت صاحب اوهان جا لک ٿورا جو هنن ننڍڙي ڪوشش کي تعريف جوڳو سمجهيو.

.....................................

ديس کي دلبر سڏيندي ٺڳ مون ڪيئي ڏٺا
سنڌ ۾ ورهاڱ چاهيندڙ ٿيا هن اڄ ڪَٺا
ديس لئه ديوار بڻجي، جيءُ ڌرتيءَ نانءِ ڪيان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان

جسيتائين ساهه آ درويش پنهنجي ساهه ۾
سنڌ سلامت جي دعا رهندي سدا هر آهه ۾
بندگي هيءَ مالڪي آ ڇو نڌ ڻڪو ٿي جيئان.
حوصلو آ، ولولو آ، ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان

واهه واهه ۔۔۔۔۔۔ سچ ته حوصلو وڌي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔

درويش کي لک شاباسون جون ڪانئرن جي ڳالهين جي پرک ڪري ورتي اٿس ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ حوصلو ۽ همت پيدا پيو ڪري ۽ پاڻ ان عمل ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي۔ سندس اهڙين ڪاوشن تي اسان پاران کيس سلام۔۔۔۔

ادا سائين سوچ آهي سمجهه آهي ڇو اڳيان ڪنهن جي جهڪان؟؟
اسان سنڌي حالات جي هتان مجبور آهيون شايد اها ئي وجهه آهي جو سڀ ڪجه سمجهندي به ڪجهه نه ڪري سگھندا آهيون.
اوهان جي مهرباني جو اوهان هنن لفظن کي پسند ڪري تعريف جوڳو سمجهيو.

.....................................

آزادي وٺندڙ ملڪن جي تاريخ پڙهجي ته انقلابي اڳواڻن ۽ ورڪرن جون بي مثال قربانيون پڙهڻ لاءِ ملنديون۔۔۔ سوچيندو آهيان ته ڪنهن جي ذهنن کي ويڙهائڻ لاءِ مائل ڪرڻ ۽ انهن کي تيار ڪري پڪو ڪرڻ ته هڪ مُلي جو هوندو آهي جيڪو مذهب کي استعمال ڪري ڪنهن به ماڻهون کي مسقتبل جا خواب ڏيکاري جان ڪڍڻ ۽ ڏيڻ لاءِ جذباتي بڻائيندو آهي۔۔۔ پر آزادي وٺڻ لاءِ يا حقن جي ويڙهه وڙهڻ لاءِ اڳواڻن وٽ ڪهڙي قوت هوندي آهي۔۔۔ ؟
پر توهان جي لفظن جي سونهن، سچائي ۽ جذباتيت ٻڌائي ٿي ته ورڪر ڇا اڳواڻ ئي پنهنجا جذبا هڪ انقلابي شاعر جي شاعري تي سيڪيندا آهن۔۔ ۽ پوءِ اهو ڪجهه ڪري وٺندا آهن جيڪو ستل جذبن سان ڪڏهن ڪونه ملي۔۔۔
دعا آهي ته توهان جا ديس کي ڀيٽا ڏيندڙ ۽ جذبات کي ڀڙڪائيندڙ لفظ اسان جي ستل جذبن کي اٿاريندڙ جو ڪردار ادا ڪن۔۔۔ ته جيئن ڌارين جي حملن کان پاڻ کي بچائجي۔۔۔

ادا رشيد اوهان جا لک لائق جو اوهان هن ناچيز جي ڪوشش کي هيترن سارن سهڻن لفظ سان سجايل جواب جو ڳو سمجهيو۔ يقينن ان ڳالهه ۾ حقيقت آهي ته شاعري جي ذريعي انقلاب اچي سگهي ٿو۔۔ شايد اها ئي وجهه آهي ته ڪجهه شاعرن کي انقلابي شاعرن جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو۔
اميد ته اسان جي قوم جا جذبا جاڳي پون۔
وڏي مهرباني پسند ڪرڻ جي۔۔

۔

.....................................

تمام بهترين شاعري آهي مهرباني ادا

ادا علي علي وڏي مهرباني اوهان جي به۔

علي علي۔

۔

۔
 
Back
Top