• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اداس شامون۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ صنم
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

صنم

سينيئر رڪن
زاهد حسين جي خوبصورت شاعري مان ڪجه شعر توهان جي خدمت ۾۔

اداس شامون اداس راتيون عذاب ڏين ٿيون اماس راتيون۔
قدم قدم تي کڻي اچن ٿيون ستم ستم جو هراس راتيون۔

اندر اندر ۾ ٿي آس تڙپي نگر نگر ۾ نراس راتيون
ڪڏهن ڪڏهن چاندني هئي پر، اسان کي آيون نه راس راتيون۔

اسان اجايو جيئون ٿا زاهد۔ڪڏهن ته اينديون ڪي خاص راتيون۔
 
جواب: اداس شامون۔

اداس شامون اداس راتيون عذاب ڏين ٿيون اماس راتيون۔
قدم قدم تي کڻي اچن ٿيون ستم ستم جو هراس راتيون۔

تمام خوبصورت شاعري ۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: اداس شامون۔

اندر اندر ۾ ٿي آس تڙپي نگر نگر ۾ نراس راتيون
ڪڏهن ڪڏهن چاندني هئي پر، اسان کي آيون نه راس راتيون


محترمه صنم صاحبه ۔اسلام عليڪم۔سٺن الفاّظن ۽ بهترين احساسن تي مشتمل شاعري هن پيار ڀري اڳڻ جي ڪينوئس تي چٽي توهان هڪ قابل تعريف ڪم ڪيو آهي۔توهان جي مهرباني۔،وڌيڪ شاعري جو انتظار رهندو۔
 
Back
Top