ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2011۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    رات ڪنهن دعوت پارٽي ۾ ذولفقار مرزا ايم ڪيو ايم خلاف بيان ڏنا ۽ حق سچ ۽ امن جي دعوئ ڪندڙ پارٽي رات پيٽ ۾ ڪراچي حيدرآباد جو امن تباه ڪري ڇڏيو۔ پر جي بيان ڏسجي (اهو به سندن ئي حميتي گروپ "جنگ" اخبار مطابق) ته ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    يار حفيظ مرزا غلط ڪونه چيو ۔۔۔۔۔۔۔

    پر هر ڳالهه کي چوڻ ۽ بيان ڪرڻ جو طريقو ٿيندو آهي، وقت ڏسبو آهي ، حالات ڏسبا آهن ۔۔۔۔۔

    پ پ پ ڪالهه ئي سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرايا آهن، ڪمشنري نظام بحال ٿيو آهي، تعليمي ادارن جي سرپرستي گورنر کان کسي وزير اعلى کي ڏني وئي آهي۔ تنهنڪري هي وقت جذباتي ٿيڻ جو نه پر ڪم ڪرڻ جو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو آهي۔ ڪم به ڪجي ۽ ميڊيا ۾ اهڙو تاثر ڇڏجي جو ڪا اڻوڻندڙ صورتحال پيدا نه ٿئي۔

    جڏهن اوهان انڌي کي انڌو چوندا ته ۽ منڊي کي منڊو چئي سڏيندا ته ان کي به ڪاوڙ ايندي آهي۔ ڳالهه کي ڪرڻ جو احسن طريقو به ٿيندو آهي۔ ذوالفقار مرزا ٺهندڙ ڪمن کي ڊاهڻ جي ڪوشش پيو ڪري۔ اها ڪنهن سوبر سياستدان جي نه پر ڇڇوري سياستدان جي نشاني آهي۔ جيڪڏهن اوهان ڪنهن تي گند اڇلائيندا ته هتي پاڪ ۽ پويتر ڪوبه ناهي، اهو گند اوهان جي اڳواڻن تي به ڪرندو۔

    سندس ڳالهيون سچيون ۽ کريون آهن پر ٽائمنگ تمام خراب ۽ اميچوئر سياستدان واري پئي لڳي۔ ڳالهيون ڪرڻ ، دعوائون ڪرڻ ۽ حقيقتن ۾ فرق آهي جيڪو اسان سڀ ڄاڻون ٿا۔ سنڌيء جي هڪ چوڻي آهي ، اها هتي ٺهڪي ٿي:

    سَکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    متفق
    بلڪل سھي ۽ سھڻي ڳالھ ڪئي آھي اوھان سچ بلڪل اھو آھي


    جڏھن ڪراچي جا حالات خراب ٿين ٿا تڏھن عام ماڻھون ڪيتري تڪليف ۾ اچي ونڃن ٿا ڪاش اھو احسان هتان جي سياستدانن کي هجي هان......
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    ذوالفقار مرزا جي 6 منٽن جي تقرير ۽ ڪراچي جو امن تباهه ٿيڻ

     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    نوٽ جيڪڏھن ڪو دوست نيٽ جي سلو هجڻ سبب وڊيو نه ٿو ڏسي سگھي ته ھي ڳالھيون آھن جيڪي ذوالفقار مرزا ڪيون آھن.

    جيڪڏهن آفاق احمد دهشتگرد آهي ته الطاف حسين به دهشتگرد آهي،، آئون آفاق سان مليو آهيان ۽ ملندو رهندس، صفدر سرڪي غنڊو آهي، اهو ڪراچي جي جاين تي قبضا پيو ڪري، مهاجر اهو نه وسارين ته هو هت ننگا آيا هئا، اسان کين پناهه ڏني،، سنڌ کي ڌار ڪندڙ اسان جي لاشن مٿان گذرين،، جيستائين جيئرو آهيان غنڊن، بدمعاشن ۽ ڀتا مافيا خلاف وڙهندو رهندس، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته ايم ڪيو ايم خلاف هٿيار کڻن............. ذوالفقار مرزا جون شاهي سيد جي آجياڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ... ٺيڪ هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ڪراچي۽ حيدرآباد ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو....... هڪ ڪلاڪ اندر چار انسانيون جانيون ويون...................
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    ذوالفقار علي مرزا جيترو بهترين جيالو ۽ سنڌ دوست آهي اوترو ان کي سپورٽ گهٽ آهي، پيپلز پارٽي هجي يا سنڌي ماڻهو، سندس سپورٽ سڀني کي لازمي ڪرڻ گهرجي ڇو ته ذوالفقار مرزا هينئر پي پي ۾ واحد اهو وزير آهي جيڪو سچ جي زبان ڳالهائي رهيو آهي باقي ته الله الله خير صلا لڳو پيو اهي۔ سائين قائم علي شاهه کان وٺي مراد علي شاهه تائين سڀ خاموش لڳا پيا آهن۔ ادا سليمان جي ڳالهه به صحيح آهي ته ڳالهه وقت ڏسي ڪبي آهي پر متحده جي پاليسين کي ڏسي اڃان ڪيترو صبر ڪجي، آستين جي نانگ وانگر هي جيئن ئي الڳ ٿيا ته ڪراچي ۾ مهاجر صوبي جا نعرا درج ٿي ويا ۽ ڪراچي اسان جو آهي آهي توهان جو ناهي جهڙا هانءُ ساڙيندڙ نعرا جن لکيا آهن انهن جي سوچ کي اڃان ڪيترو سنڌ دوست ڀانئجي۔۔؟؟ ايم ڪيو ايم وٽ اهو پاور هينئر موجود نه آهي جو اها سنڌين سان مهاڏو اٽڪائي سگهي۔ پر وري به اها ايتري قدر وڌي وئي آهي جو ان جا سينئر اڳواڻ ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ تائين حڪومت جي ڪرسي تي ويهندڙ وزير به ڏئي رهيا آهن۔ ان مان سندن سوچون ۽ مستقبل جو پلان واضح ٿئي ٿو۔۔۔​
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    [​IMG]

    ادا مست ذوالفقار مرزا جي سچ وانگر توهان جي سچ کي به سلام هجي، توهان اهيا حقيقت بيان ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي جو سنڌ جو وڏو وزير اسان جو ڏاڏو قائم علي شاهه صاحب ته ايترو ته ٿڌو آهي جو سندس مزاج کان برف به لنوائيندي آهي، ادا مان به توهان ونگر اهيو ئي چوندس ته اگر ڪو مرد مجاهد آهي ته اهو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صاحب ئي آهي، باقي ته اسان جا ٻيا ساٿي پنهنجي نوڪري بچائڻ ۾ پورا آهن، ۔۔۔ ۽ اهيا به حقيقت آهي ته جڏهن مهاجر هت آيا هئا ته اهي بکيا ۽ اگهاڙا هئا، جنهن جون وڊيوز پڻ موجود آهن جنهن کي توهان پڻ هيٺ ڏسي سگهو ٿا، سلام آهي اهڙي جوشيلي جوان کي جنهن هنن نمرودن جي نڪ ۾ دم ڪري ڏنو آهي۔ ڪالهه ته هي پناهگير شهيد محترمه جي شهادت تي اهيو پيا چون ته پيپلز پارٽي وارن محترمه جي شهادت تي ايترو وڏو نقصان ڪيو آهي ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون ساڙيون آهن، ڇا ؟ اڄ هنن کي پنهنجو ڪيل نقصان نظر ڪو نه ٿو اچي، ( جيڪو صرف هڪ سچ ڳالهائڻ تي ڪيو ويو آهي ) ٻيو ته پاڻ متحدو وارن جنهن سان وڻين پيا ملندا رهن ان تي ڪو به عتراض ڪونهي، اگر آهي ته اهو مرزا صاحب تي آهي ته اهو فلاڻي سان ڇو مليو، ڇا مرزا صاحب هنن جو ڳيجهو آهي ڇا جو هنن کان هر ڳالهه پڇندو وتي، ۽ مرزا صاحب اهيو به حق سچ چيو آهي ته سنڌ کي تقسيم ڪرڻ ڪو آسان نه آهي، ۽ ان لاء اسان جي لاشن تان هنن کي گذرڻو پوندو۔ جيئي سنڌ، جيئي سنڌي ٻولي، جيئي سنڌي ماڻهون۔

     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    سائين وڏي ڳالهه اها آهي ته متحده وارا ٻين جي اڳواڻ خلاف لفظ ڳالهائيندي نه ٿا ٿڪجن۔ ۽ پنهنجي اڳواڻ خلاف هڪ ٺلهو لفظ به برداشت نه ٿا ڪري سگهن۔۔ ڪالهه وري ايم ڪيو ايم جي سينئر ميمبرن زرداري کي ساڳيو ”ٽين پرسنٽ“ سڏيو آهي ۽ کيس اڻ سڌي طرح محترمه بينظير جو قاتل چيو آهي۔۔ اها ڳالهه سچي يا ڪوڙي پر ڪنهن جي اڳواڻ جي خلاف ته آهي نه۔۔۔؟؟؟ ان کان علاوه جنهن ن ليگ سان هو هينئر ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهن ان جي اڳواڻن خلاف ڪجهه مهينا اڳ ايم ڪيو وارن ڪيڏا نه واهيات لفظ وات مان ڪڍيا هئا جن کي هتي نقل ڪرڻ مناسب نه ٿو لڳي۔۔ ٻيو ته ايم ڪيو ايم سانڊي جيان آهي جيڪو رنگ مٽائي ڪڏهن ڪنهن وڻ تي ته ڪڏهن وري ڪنهن وڻ تي چڙهندو وتي ٿو۔ جيڪڏهن ڌيان سان ڏسجي ته ايم ڪيو ايم نواز ليگ جي طرفان سندس اڳواڻن تي ڪيل ڇتي تنقيد تي ايترو نقصان يا شدت پسندي نه ڏيکاري هئي جهڙي ذوالفقار مرزا جي بيان تي ڏيکاري وئي آهي۔ شايد ايم ڪيو ايم ان ڳالهه کان واقف ٿي لڳي ته هينئر پيپلز پارٽي جي پاليسي مفاهمتي نه رهي آهي ۽ هو متحده کي سبق سيکارڻ جي موڊ ۾ لڳن ٿا۔۔ 3 سال متحده جا نخرا برداشت ڪندي نيٺ هاڻي پ پ وارن ايم ڪيو ايم خلاف پهريون عملي قدم ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ گورنر جا اختيار گهٽائڻ جي صورت ۾ کنيو، جنهن سان ايم ڪيو ايم جي مينڊٽ جا ترا نڪري ويا آهن ۽ اڃان پ پ وارا ٻيو قدم کڻڻ جي تيارين ۾ آهن جيڪو ڪنهن به سخت ترين عمل تي ٻڌل ٿي سگهي ٿو۔ ان عملي قدم کان ڊڄندي اڳ ۾ ئي ايم ڪيو شايد پنهنجو دهشتگردي وارو چهرو بي نقاب ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ جناح پور جي نعرن جي وٺ وٺان شروع ڪئي آهي۔۔ ان صورت ۾ ذوالفقار مرزا جهڙو رَويو اختيار ڪرڻ مناسب رهندو۔۔۔
    هڪ طرح سان ڏٺو وڃي ته پ پ جي ذوالفقار مرزا جي بيان مان اهو لڳي ٿو ته پ پ وري اڻ سڌي طرح ايم ڪيو ايم کي سبق سيکارڻ لاءِ سنڌ ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪيو آهي ۽ ذوالفقار مرزا جي بيانن جي ذريعي سنڌين جون همدرديون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي​
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    جيتوڻيڪ مرزا صاحب سچ چيو آهي ۽ جذبات ۾ اچي اهو سڀ ڪجهه چيو آهي، ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته مرزا صاحب ۾ سنڌيت جو جذبو به موجود آهي انڪري هو سنڌ جي ڳالهه ڪري سنڌ دشمنن کي ساڙي وجهي ٿو ۔۔۔۔

    ادي سليمان سميت اوهان سڀني دوستن جون ڳالهيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سچيون آهن ۔۔۔ سليمان جو چوڻ ته جڏهن تازو پي پي پي وارن ڪمشنري نظام ۽ ٻيا بل پاس ڪرائي اڳتي قدم کڻڻ شروع ڪيا آهن، ان وقت اهڙي بيان ڏيڻ سان حڪومتي واڌاري ۾ رنڊڪون پونديون ۔۔۔ ان خيال کان اها ڳالهه صحي به آهي ۔۔۔ بي وقتائتو بيان ڏئي ڪتي جي پڇ تي لت ڏيڻ جي برابر آهي ۔۔۔

    پر وري ڏسجي ته ڏينهن به ڏينهن ايم ڪيو ايم وارا سنڌ ۽ سنڌي مفادن جي خلاف سگهارا ٿيندا پيا وڃن ۔۔۔ ڪالهوڪي بيان تي مڇرجي سنڌ جي پورن شهرن ۾ فائرنگ جو سلسلو جار ڪرڻ سان سندن سگهه جي خبر پوي ٿي ۔۔۔ جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته سنڌين کي پڻ هٿياربند ٿيڻو پوندو ٻي صورت ۾ ڌاريا اڄ يا سڀاڻي ايترا طاقتور ٿي ويندا جو هو سنڌين کي آڱرين تي نچائي سنڌ جي اڌ جا وارث تي ٿي ويا آهن پوءِ پوري جا ٿي ويندا ۔۔۔

    انڪري هاڻ ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ سنڌين کي پنهنجي سگهه ثابت ڪرڻي پوندي ۔۔۔ اسان سنڌين سان مصيبت اها آهي ته انفرادي طور تي اسين بهادر ته آهيون پر اجتماعي طور تي بلڪل ڀاڙيا آهيون جو هڪٻئي جي چڱ مڙسي برداشت نه ڪري سگهندا آهيون ۔۔۔ جڏهن ته ٻيون قومون پنهنجن بهادر انسانن جو قدر ڪنديون آهن ۽ انهن جو بچاءُ ڪنديون آهن ۔۔۔

    ڪالهه جڏهن مرزا الطاف ۽ سنڌ جي ڀڄي ويل گورنر جي خلاف ڳالهايو ته اڄ مرزا جا پتلا ٿا سڙن پر سنڌين جي لاءِ ڳالهائيندڙ جي پٺڀرائي ڪنهن به نه ڪئي آهي ۔۔۔ انڪري اسانکي ذوالفقار مرزا جي مالڪي ڪرڻ گهرجي ۽ ساڻس ساٿ ڏيڻ گهرجي ۔۔۔ سنڌين کي به اهو ثابت ڪرڻ گهرجي ته هڪ سنڌيءَ جو پتلو ساڙيندا ته هو کين بخش نه ڪندا ۔۔۔۔ پر نه ائين ڪون ٿيندو ۔۔۔ هڪڙا مخالف ته ٻيا وچٿرا ته ٽيان چپ ٿي وينداسون ته پنهنجا ڪونڌر ڪسجي ويندا ۽ ختم ٿي ويندا ۔۔۔

    ڳالهيون ته تمام گهڻيون آهن پر پوءِ به سنڌين کي مرزا جي مالڪي ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ اهو منهنجو خيال آهي ۔۔۔
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    مرازا صاحب ڀلو ڪيو انهن جي ڪانچ نه به لاٿائين پر انهن جي اڳٺ ۾ هٿ ضرور وڌا اٿائين الله ڪندو انهن کي ننگو ڪري هڪ ڏينهن سنڌي سنڌ مان ڪڍندا پر اڃا ذولفقار مرزا جهڙين ليڊرن جي ضرورت آهي پر دعا ڪيو ته اهڙيون ڳالهيون جوش ۾ اچي ڪرڻ کان پوء انهن تي عمل به ٿي پر هڪ ڳاله آهي ته مرزا جيڪي لفظ دل سان چيا انهن تي مون به سلوٽ ان کي ضرور ڪيو ۔ ته سنڌ کي ڌار ڪندڙ اسان جي لاشن مٿان گذرين۔ مهاجرن کي هاڻي اها خبر ضرور پئيجي چڪي آهي ته جي سنڌ جا ليڊر بيدار ٿيا ته عوام کي بيدرا ٿيڻ ۾ دير نه ٿيندي ​
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    ادا نثار ! ڪجهه مهينا اڳ جڏهن ايم ڪيو ايم وارن ڀٽ شاهه ۾ هڪ جلسو منعقد ڪيو هو ته مون هتي يا فيسبوڪ تي اها ڳالهه ڪئي هئي ۽ هاڻي به اها ڳالهه دهرايان ٿو ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجو نيٽورڪ وڌائي چڪي آهي، مُکيه شهرن (ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نوابشاهه، نوشهروفيروز، ٽنڊو الهيار) کي ته ڇڏيو پر ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجو نيٽورڪ فعال ڪري چڪي آهي۔ سنڌي ڳالهائيندڙ نوجوانن کي هٿيار، پئسو ۽ روزگار جي لالچ ڏئي انهن کي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، گذريل مقامي چونڊن ۾ جتي انهن کي سيٽ کٽڻ جو آسرو نه هو اتي به انهن پئسا خرچ ڪري اتان جي مقامي ماڻهن کي پنهنجي اميدوار طور چونڊن ۾ بيهاريو۔۔ يعني هنن اهو ڏيکاريو ته اسان پوري سنڌ ۾ موجود آهيون۔۔ هاڻي به سنڌين اک نه پٽي ته پوءِ ۔۔۔۔۔۔۔۔​
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    سڀني دوستن جذباتي انداز ۾ ڳالهايو ۔۔۔۔۔۔۔

    هميشه هر ڳالهه کي چوڻ جو ڪو وقت ٿيندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔

    تازه اطلاع آهن ته ذوالفقار مرزا پنهنجي ڪالهوڪي بيان تي معافي وٺندي معذرت ڪئي آهي ته سندس تقرير جو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪونه هو۔ اطلاع آهن ته گلشن جي علائقي ۾ هڪ رينجرز اهلڪار ۽ الفلاح ملير جي علائقي ۾ پوليس جو هڪ حوالدار شهيد ٿي ويا آهن۔ ڪراچي ۾ هن وقت تائين 11 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن۔

    ميڊيا ذوالفقار مرزا جي تقرير جو رخ لساني ۽ تعصبي انداز سان پيش ڪندي معاملي کي ايم ڪيو ايم بجاء هاڻي اردو ڳالهائيندڙن جي تذليل طور پيش ڪيو آهي جيڪا ڳالهه ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔ ايم ڪيو ايم جي سياست مهاجر تائين آهي ۽ جڏهن به هنن جو مورال ڪرندو آهي ته هو لساني رنگ ڏئي پاڻ کي ٻيهر زندهه ڪندا آهن۔ تنهنڪري ڪڏهن به انهن کي اهڙو موقعو فراهم نه ڪجي۔ هن دفعي هو بلڪل اڪيلا ٿي ويا هئا پر ڪالهوڪي تقرير جيڪا هئي ته بلڪل حقيقتن تي مبني پر سياسي رخ تبديل ڪري پ پ پ کي دفاعي پوزيشن تي آڻي بيهاريو آهي۔

    ٻئي طرف اسان جي قومپرست ڌرين جا ڪجهه گروپ به ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب ئي سنڌ جي ٻين علائقن جيئن سکر، نوابشاهه، سانگهڙ، ٽنڊوڄام ۽ ٽنڊو الهيار وغيره ۾ به هڙتال ٿي آهي۔ نه صرف اهو پر هنڱورجه جهڙي ننڍي شهر ۾ به ٿي آهي جتي اردو ڳالهائيندڙن جو وجود ئي ناهي۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    علي علي يار تون ته صفا ڪهاڙو لڳو پيو آهين ڪانچ ۽ اڳٺن تائين وڃي پهتين ، ڏاهو ٿي انٽرنيشنل فقير ڏاهو ٿي۔ باقي ادا ممتاز وگهيو، ادا اسد مست، ادا نثار ابڙو ۽ ادا حفيظ لغاري کي شاباسون آهن ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ محترم ذوالفقار مرزا کي پنهنجي اخلاقي حمايت لفظن جي گهٽ م گهٽ ڏياريائون ئي ته سهي۔ آئون انهي سڀني سان گڏ سنڌ جي کاهوڙي دلير اڳواڻ محترم ذوالفقار مرزا کي شاباسون ڏيان ٿو جنهن سنڌ جي سپوت پُٽ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي۔ باقي چڱا مڙس گُذريل اٺن سالن کان پوءِ مال ميڙڻ کان جُدا ٿيا آهن سو لازمي ڳالهه آهي ڇڙيون ته هڻندا نه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !
     
  14. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    منظور وساڻ کي مرزا جي بيان تي ڏک۔۔۔۔تفصيل ڏسڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو
     
  15. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    ڏک صرف ان ڳالهه جو آهي ته جڏهن سنڌين کي چونڊي چونڊي ماريو وڃي ٿو،
    جڏهن مهاجر صوبي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي،
    جڏهن سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هيان وڃن ٿا


    ان وقت اسان سنڌي سڀ گڏ ڇو نٿا ٿيون ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    اسان جا سنڌي قومپرست چپ ڇو آهن ؟؟؟؟؟؟
    متحده وارن جهڙي ٻڌيء جهڙو ثبوت اسان ڪڏهن ڏينداسن ؟؟؟؟؟؟؟

    اسان ته پنهجي ئي ملڪ ۾ ويچارا لڳا پيا آهيون، ائين لڳي پيو ڄڻ اسين ڌاريا آهيون، اسان وارا قومپرست متحده جو ساٿ ڏئي رهيا آهن۔ نواز شريف به ڪلٽي کائي موقعي مان فائدو ورتو ء متحده جي حق ۾ بيان ڏنو آهي۔
    اڄ پوري ميڊيا حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪري رهي آهي، ء سنڌ حڪومت خاموش آهي ڪاڏي ويا اسان وارا جيڪي اسيمبليء ۾ ويهي ڳالهائيندا آهن۔
    ا
     
  16. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    او ڀائو عرس سڀ ستل آهن يا مري ويا گهمڻ
     
  17. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    سائين ڳاله اسان ان ڪانچ ۽ شلوار جي ڪئي آهي جيڪا انهن کي مهامنا نواز سنڌي قوم پارائي هئي هي ته صرف ڪڇي ۾ آيا هئا ڪانچ به ڪونه هئن ۽ اڃ سنڌين کي ئي بي گهر ۽ بي لباس ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو ايم ڪيو ايم وارا منافقت جو لباس پايون پيا وتن سنڌ ۾ رهي ڪري سنڌ جي نڪ کائي ڪري سنڌين کي ئي سنڌ ۾ا ڪڌڻ جي ڪوشس ڪري رهيا آهين اهڙن منافقن جي ننگو ڪري انهن جي چهري تان اهو منافقت جو لباس لاهڻ لاء اسان سنڌين کي سجاڳ ٿيڻ لازمي آهي نه ته ائين نه ٿي جو اسان ننڊ ۽ ئي ستا رهون ۽۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هو اسان جي ڪانچ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  18. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟


    سنڌ جا وارسو اٿو سنڌو کي بچايو ۔



     
  19. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ذولفقار مرزا غلط چيو به ڇا؟

    سهڻا سائين!
    چوڻي آهي ته ،( نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو۔)
    مرزا جيڪي به ڳالهيون چيون اهي 100في صد سچيون آهن۔ ڇا ان سچ جي خبر انهن صحافين، پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا ،فوج،عدليه ۽انتظاميه ،برطانيه ۽آمريڪا کي ناهي؟ بلڪل آهي ،دنيا جي هر ماڻهوءَ کي خبر آهي ته اها هڪ سياسي پارٽي نه پر هڪ دهشت گرد مافيا آهي۽ ان مافيا جو ساٿ ڏيڻ يا سهڪار حاصل ڪرڻ هرڪو پنهنجي مفادن ۽ مقصدن حاصل ڪرن لاءِ ڪري رهيو آهي ۔ رهيو سوال انهن کان جان ڇڏائن جو، ته رڳو گدڙ ڀڀڪين سان جان ڇڏائي نه سگهبي، پر انهن کي جيڪو سياسي چولو پاتل آهي،اهو لاهي دنيا آڏو دهشتگرد ۽ظالم ڪري ڏيکارڻ لاءِ عقلمندي واري منصوبه بندي ڪرڻ گهرجي،نڪو ڊاڙ هڻي انهن کي مظلوم ڪري ڏيکارجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو